بحران م ڦاٿل آبادگار ۽ بيحس حڪمران

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    بحران ۾ ڦاٿل آبادگار ۽ لاتعلق بڻيل حڪمران
    تحرير : عبدالله جروار

    بلاشبہ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي. زراعت هن ملڪ لاء ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. هن ملڪ ۾ زراعت سان جيڪو حال ڪيو ويو آهي. ان تي ڇا لکجي؟ جيئن عام طور تي "ماٽيجي ماءُ" جو اصطلاح ڪم آڻيندا آهيون. هتي ماٽيجي ماء کان به قصو چڙهيل آهي. ننڍو زميندار طبقو ۽ هاري يا کيت مزدور جي حالت بنھ بدحال ٿي چڪي آهي. جيڪو فصل پوکجي ٿو. جنهن مان مس ڪو خرچ نڪري ٿو. جڏهن اپت ۾ ملندڙ جنس جو مارڪيٽ ۾ گهٽ اگھ ان سان گڏ مختلف بهانن سان دلالن جون ڪٽوتيون به لاه ڪڍيو ڇڏين. جڏهن ته زراعت سان لاڳاپيل ڪنهن به شئي جو اگھ مستحڪم ناهي، ٽريڪٽر، ڊيزل، کيڙي، زرعي ڀا ٻج ڀاڻ دوائون سڀ مهانگيون. مٿان ڍل ٽيڪس به لاڳو. هر وقت پاڻي جي کوٽ، هڻي آبادگارن جا لاه ڪڍي ڇڏيا آهن. هاڻ ته اها حالت آهي. جو زمينون نه پوکي سگهجن ٿيون نه ڇڏي سگهجن ٿيون. اسان جي حڪمرانن ملڪ م ٿيندڙ هر معاملي کان آگاه هوندا آهن. پر زراعت کان ايڏي بي خبري سمجھ کان ٻاهر آهي.
    وڏي اها آهي ته حڪمران پارٽي مسلم ليگ توڙي پيپلز پارٽي جن جا اڳواڻ وزير اعظم ۽ صدر اهن. صوبن تي مڪمل سندن حڪمراني آهي. قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ توڙي سينيٽ ۾ اڪثريت زميندار طبقي جي آهي ان هوندي به زراعت سان هيڏي ويڌن ڇو آهي؟
    هر طرف اسان کي مختلف کاتن جي نا اهلي سامهون اچي ٿي،
    جڏهن فصلن کي پاڻي جي ضرورت هوندي آهي ان وقت ڪئنالن ۽ واهن کي بهانن سان بند ڪيو وڃي.
    شاخن جي ۽ واهن جي وارابندي وڏين برساتن پوڻ، دريائن ۾ پاڻي موجود هئڻ باوجود ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي.
    زرعي دوائون هڪ طرف نقلي ۽ مٿان مهانگيون کانئن ڪو پڇڻ وارو ڪونهي.
    ٽريڪٽرن زرعي اوزارن جون قيمتون ايتريون چڙهيل آهن جو ڪو چڱو زميندار هن دور م ٽريڪٽر خريد ڪرڻ جي طاقت ڪون ٿو رکي.
    سنڌ جو آبپاشي کاتو اهو سفيد هاٿي بڻجي چڪو آهي. جيئن ڪري مرضي وارو آهي. کانئس پڇاڻو معاف آهي. واهن کان گهارا پون، بئراج جا دروازا لڙهي وڃن. برسات جي ريڊيو ڪاغذي ريڊ الرٽ جاري ٿئي ڪئنال بند ڪري، فصل سڪائي ڇڏين. هر طرح جي پڇاڻي کان آجا آهن. وونئڻن جو فصل اڃا اڌ م آهي مٿان پاڻي بند ٿيو وڃي.
    ساڃاه وند توڙي ماڻهو آبادگار تنظيمون بلڪل خاموش آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي. هي سڀ ڪجھ ڇا ٿي رهيو آهي. زراعت خلاف سازش ٿي رهي آهي.؟ ڪهڙو مسئلو آهي. زراعت سان تعلق رکندڙ آبادگار کي ڪو رليف ڪونهي. سدائين نقصان ڀري ڀري آبادگار هاڻ ساڻو ٿي پيو آهي. گذر سفر مشڪل ٿي پيو آهي. آخر ڪنهن در دانهن ڏجي.؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو