ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (73)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (73)
    سائين محمد عثمان جروار
    ڳوٺ مٺو جروار تعلقه چنبڙ
    ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : نظير احمد جروار

    سائين محمد عثمان جروار ڳوٺ مٺو جروار تعلقه چمبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    ٽنڊوالهيار جي سرسبز ڳوٺ مٺو جروار جنهن کي ڪول به چوندا آھن هن جي زرخيز مٽي مان ڪيترن انمول انسانن جنم ورتو آھي انهن مان شير محمد جروار جي گھر ۾ 28 مارچ 1955ع جنم وٺندڙ محمد عثمان جروار به هڪ آھي سائين جن جي طبيعت سادي ۽ مهمان نواز آھي سائين جن جي والد کيس پڙهڻ لاء پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتان پاڻ پنجون ڪلاس نالي واري استاد سائين محمد دائود نهڙي جي نگراني ۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاء اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي مان 1976ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو جتي سندس استاد محترم عبدالله دائوداڻي, محترم مير محمد خاصخيلي بچاء بند وارا ۽ ٻيا وقت جا بهترين استاد شامل آھن. انٽر SM ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار مان ۽ BA جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سائين 19 مارچ 1983 ۾ پرائمري ٽيچر طور گونمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان پنجابي۾ مقرر ٿيا.جتي پاڻ محنت ۽ ايمانداري سان پڙهائڻ جي عمل ۾ مصروف رهيا سندن محنت جي مڃتا طور سندن اسڪول کي سڄي سنڌ جي 14 ضلعن جي مقابلي مان پهريون ايوارڊ 1985ع ۾ مليو.
    1989ع ۾ کيس Ptc جي ٽرينگ لاء گورنمينٽ اليمينٽري ٽرينگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ڏانهن موڪليو ويو جتان ٽرينگ مڪمل ڪري موٽيا. ان بعد کيس 1990ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ايوب لغاري ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ ڪجھ وقت ڊيوٽي سرانجام ڏني ان کان پوء کيس 1990ع جي آخر ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول رستم لغاري ۾ مقرر ڪيو ويو. هتي بلڊنگ نه هئڻ ڪري نم جي وڻ ھيٺ پڙهائڻ لڳا. سندن ڪوششن سان ۽ ڳوٺاڻن جي تعاون سان اسڪول لاء ڇپرو ٺاهي تعليم ڏيڻ جو عمل جاري رکيو. سائين جي محنت سان هتي ٽي استاد وڌيڪ مقرر ٿيا جن ۾ محمد اقبال جروار علي نوز جروار ۽ مير محمد هنڱورو شامل آھن. سائين جي محنت ۽ فرض شناسي جو اهڙو ته اثر ٿيو جو ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ٻار به هتي اچي تعليم پرائڻ لڳا.سائين جن کي 2002ع ۾ بدلي ڪري پرائمري اسڪول پهلوان لغاري ۾ مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ پاڻ زندگي جا 60 ورهيه مڪمل ڪري 27 مارچ 2015ع تي رٽائر ٿيا.
    سائين محمد عثمان جروار جي محنت سان سندن شاگرد بهترين عهدن تي ڪم ڪري رهيا آھن جن مان ڊاڪٽر شاهد آرائين جيڪو ڏندن جو ڊاڪٽر آھي ڊاڪٽر ارشاد آرائين ڊاڪٽر مظفر لغاري ۽ ٻيا فوج پوليس ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن ڪم ڪندڙ آھن
    سائين کي پڙهڻ ۽ لکڻ جي شوق سبب پاڻ شاعرن اديبن ۽ فنڪارن سان رهاڻيون ڪندا رهن ٿا. انهن مان سائين مرتضى ا ڏاڏاهي عبدالواحد هڪڙو خليل کوسو سائين لياقت رند ڍول فقير قاسم اوٺو شامل آھن.
    سائين ڪجھ سفر نامه حمد نعت ۽ ڪجھ انسانيت تي ڪتاب پڻ لکيا آھن جيڪي ڪجھ مجبورين سبب ڇپجي ڪونه سگھيا آھن. پاڻ ھڪ ٽيلي فلم پڻ لکي هئي جيڪا سندن ڳوٺن ۾ رليز پڻ ٿي هئي. مطلب ته سائين هڪ انمول موتي آھن.
    اسان جي دعا آھي ته رب رحيم ڪريم سائين کي صحت واري وڏي زندگي عطا ڪري (آمين)
    Nazir Ahmad Khalili
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو