ريڊيو صحافت ۽ سائين عبدالله جروار

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ساروڻين جو سفر! (1)
    ـــــــــــــــــــــــــــــــ
    ريڊيو، صحافت ۽ سائين عبدﷲ جروار
    ـــــــــــــــــــــــــ
    مسڪين سمون
    ـــــــــــــــــــــــ
    ريڊيي جي جو زمانو:
    اُھو بہ زمانو ھو، جڏھن ريڊيي جو عروج ھوندو ھو! ڳوٺ جي گهڻن گهرن ۾ ريڊيا ھوندا ھئا! جن وٽ نہ ھوندا ھئا، سي پاڙي وارن جي گهر وڃي ريڊيو ٻڌي، دل وندرائيندا ھئا! ڳوٺن جي اوطاقن جي بہ ،ريڊيا رونق بنيل ھوندا ھئا! اسان جي ڳوٺ ۾ شروع ۾ ٻن ماڻهن وٽ ريڊيا ھئا. ھڪڙو ھو منھنجو نانو علي غلام سمون ۽ ٻيو ھو استاد حاجُو!!!! (سندس اصل نالو حاجن ھو پاڻ لوھارڪي ڪم جو شاھ ڪاريگر ھوندو ھو! سندس لوھارڪي ڪم جو ھَٽُ بہ ھوندو ھو. جنھن کي استاد حاجُوءَ وارو ھٽ سڏيندا ھئا!)
    منھنجي ناني جو ريڊيو اوطاق تي، وڏي ڪمري ۾ ڀت ۾ لڳل وڏين آرسين ۽ شيشن تي اڪريل پکين جي تصويرن وارن نظارن سان جَڙيل وڏي ڪٻٽ ۾ رکيل ھو! جيڪو شام واري ڪچهريءَ ۽ خاص ڪري جمعي ڏينھن، اوطاق جي احاطي واري مسجد ۾ نماز کان پوءِ ، مهمانن ۽ ڳوٺاڻن جي وندر بنبو ھو! ھڪ ڏينھن منھنجي ضد ڪرڻ تي ريڊيي کي گهر آندو ويو! ننڍو ھئڻ ڪري سمجهہ ۾ نہ ايندي بہ پاسي ۾ ويٺو ٻڌندو ھئس! ريڊيو پاڪستان حيدرآبد تي،جهمور جو آواز (ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري) روز ٻڌبو ھو! ۽ پوءِ ٻارڙن جي ٻاري، رات جو ھر ھفتي ايندڙ سنڌي ڊرامو، ساڻيھ جا سينگار، لوچين سي لهن، سگهڙين سٿ ۽ ٻيا کوڙ پروگرام دل سان ٻڌبا ھئا! خاص ڪري اوھان جي فرمائش، آپ کی فرمائش، لوڪ پسند،اوھان جو خط پھتو جھڙا شاندار پروگرام جڳ مشھور بنيل ھئا! انھن پروگرامن ۾ جن ٻڌندڙن جا روز ۽ ھر پروگرام ۾ خط ايندا ھئا، تن ۾ عاجز ربڏنو سمون، ڊاڪٽر قربان جهتيال، ڪنول محمد خان سمون ۽ ٻيا کوڙ نالا ھئا جن ۾ ھڪڙو سائين عبدﷲ جروار بہ ھو! پاڻ ڳوٺ صاحب خان جروار کان خط لکندو ھو! شايد ئي ڪو اھڙو پروگرام ھجي، جنھن ۾ سائين خط نہ لکندو ھجي! نہ رڳو ايترو پر ملڪ جي ٻين ريڊيو ٽيشنن سان گڏ آل انڊيا ريڊيي جي سنڌي سروس ۽ اردو سروس، آڪاش واڻي، ۽ ٻين مشھور غير ملڪي ريڊيو ٽيشنن تي بہ سائينءَ جو نالو ٻڌبو ھو!

    روزاني بختوَر حيدرآباد:

    نوي واري ڏھاڪي جي شروعاتي سالن جي ڳالهہ آھي! ، محترما بينظير ڀٽو صاحبا جي ٻئي حڪومتي دور ۾ ، حيدرآباد مان روزاني بختوَر اخبار نڪرڻ لڳي! پهريون ايڊيٽر شايد مولا بخش چانڊيو ٿيو ھو! جنھن کان پوءِ محمد خان سولنگي، ايم اي لغاري، مدد علي سنڌي، جمال رند صاحب بہ ايڊيٽر ٿيا! محترم مصري خان ملاڻو، ان جو ٽنڊي الهيار جو تعلقي رپورٽر ٿيو ھو! تنھن زماني ۾ مصري ملاڻو عوامي تحريڪ سان واڳيل ھو. ان واسطي سبب کيس چيم تہ مونکي ڳوٺ جي نمائندگي وٺي ڏي! ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ھُن مونکي ٽنڊي سومري جي لاءِ نماـندگيءَ جو ڪارڊ وٺي ڏنو ، ڇو تہ منھنجو ڳوٺ ننڍو ھئڻ ڪري، ان جي بدران ٽنڊي سومري جي نمائندگي ملي!
    اخبار جي آفيس ۾ نمائندن جي گڏجاڻي گهرايل ھئي! تن ڏينھنِ ٽنڊي الهيار ۾ اندر بس اسٽاپ ھوندو جتي حيدرآباد، ميرپور خاص جي بسن جي پويان ٽنڊي آدم ، ڀٽ شاھ ۽ ھالا جون بسون ۽ اڳيان وري چنبڙ (چمبڙ)، گلاب لغاري ۽ ٽنڊي غلام عليءَ جون بسون بيھنديون ھيون. حيدرآباد جي بسن لڳ ڪامل نيوز پيپرز ايجنسي ۽ ٽنڊي آدم جي بسن لڳ زبير نيوز پيپرز ايجنسي ھوندي ھئي! آئون ڪامل نيوز پيپر ايجنسي اڳيان حيدرآباد جي بس ۾ چڙھڻ لاءِ بيٺو ھوس! ھٿ ۾ بختوَر اخبار ھئي! تڏھن اخبار جي آفيس قاسم آباد ۾ مولابخش چانڊيي جي بنگلي ۾ ھوندي ھئي! اھا آفيس ڏٺل نہ ھئي ان ڪري ان سوچ ۾ ھوس تہ ڪيئن پھچبو! ايتري ۾ ھڪ شخص بس ۾ چڙھڻ لاءِ اتي پھتو، جنھن جي بہ ھٿ ۾ بختوَر اخبار ھئي! ھن منھنجي ھٿ ۾ ساڳي اخبار ڏسي، مرڪي ھٿ وڌايو ۽ پنھنجو تعارف ڪرايو! سندس تعارف ريڊيي معرفت اڳي ئي ھئي! اھا پهرين ملاقات ھئي! سائين عبدﷲجروار تن ڏينھنِ روزاني بختوَر جو بڪيرا شريف جو نمائندو ھو! ۽ پوءِ اخبار جي ميٽنگن ۾ توڙي ٽنڊي الهيار ۾ ملاقاتون ٿينديون رھيون! پاڻ محبتي ۽ مُرڪندڙ طبيعت جي ڪري ھر ماڻهوءَ جي دل جي ويجهو َآھن! پرائـمري استاد کان وٺي سيڪنڊري استاد، ھيڊ ماستر ۽ تعلقي جي تعليمي آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رٽائر ٿيا آھن! پاڻ مختلف اخبارن توڙي فيس بڪ تي ڪالم، مضمون ۽ سوانحي ادب سِرجيندا رھن ٿا! ھر ڪنھن کي مانُ ۽ محبتون ڏيڻ سندن خمير ۾ شامل آھي! يار ويس، ڏک سک ۾ پير ڀرڻ سندن خمير ۾ شامل آھي! ڪنھن جي سالگرھ ھجي ۽ سائين عبدﷲ جروار ان تي ڪجهہ لکي مبارڪباد نہ ڏئي تہ اھو ممڪن ئي ڪونهي! پوءِ ڀلي اڳيون گمنام، پورھيت يا عام ماڻهو ڇو نہ ھجي! ڪجهہ ڏينھن پهرين سندن سالگرھ ھئي، سوچيو ھئم تہ ٻہ سٽون لکي، مبارڪون ڏيندس، پر روايتي سستيءَ ۽ ڪجهہ مصروفيتن سبب ائين نہ ڪري سگهيس! جنھن جو افسوس اٿم!
    ڪڏھن ڪڏھن اخبار تيار ٿيڻ کانپوءِ پھتل خبر تي بارڊر کان ٻاھر ان خبر کي ليٽ نيوز جي ھيڊنگ ڏئي، ھڪڙيءَ سٽ ۾ اھا خبر بنا تفصيل جي ڏئي ڇڏيندا ھئا، سو ان خبر وانگر ھيءَ ليٽ مبارڪباد، اميد تہ سائين قبول ڪندو!
    سائين! سالگرھ مبارڪ!!!
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو