ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (74)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (74)
    سائين عبداللطيف جروار
    ڳوٺ مٺو جروار تعلقه چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : نظير احمد جروار

    سائين عبداللطيف جروار
    ٽنڊوالهيار شھر کان چوڏهن ڪلو ميٽر اوڀر طرف مير واه روڊ جي اتر ۽ نانگناھ شاخ جي ڏکڻ طرف انبن جي باغن ۽ سرسبز بنين جي سينٽر ۾ ڳوٺ مٺو جروار آباد آھي. هن ڳوٺ جي معزز گھراڻي۾ 19 مارچ 1957 تي حاجي رمضان جروار جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سائين عبداللطيف جروارهڪ عظيم استاد آهن پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مٺو جروار جي پرائمري اسڪول مان 1971ع ۾ مانواري استاد سائين دائود نهڙي ۽ سائين محمد خان هاليجي کان پرائي ان کان پوء اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي مان مئٽرڪ جو امتحان 1976ع ۾ پاس ڪيائين. ان دوران سائين ديني تعليم به حاصل ڪندا رهيا. ديني تعليم مدرسه دارالعلوم ڀينڊو شريف جي استاد مولوي گل محمد سمون کان فارسي تعليم حاصل ڪيائين. سائين عبدالڪريم لغاري مسڻ واري وٽ گلستان۽ بند نامون فارسي ۾ ۽ عربي ۾ ڪافيه ڪدوري۽ نورعزه جي تعليم حاصل ڪئي. سائين عبداللطيف جو مولوي فاضل جو ڪورس عربي ۾ ڪيل آھي. سائين انٽر 1980ع ۾۽1983ع ۾ B.com سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو ۽ BA سنڌ يونيورسٽي مان 1994ع ۾پاس ڪيائين. سائين ڪجھ وقت واپڊا ڊپارٽمينٽ ۾ به ملازم ٿي رهيا.سائين19 مارچ 1983 تي پرائمري ٽيچر طور گورنمينٽ پرائمري اسڪول طالب ٿيٻو ۾ مقرر ٿيا.جتي پاڻ محنت ۽ ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندا رهيا. 1989ع ۾ کيس Ptc ٽرينگ لاء گورنمينٽ اليمينٽري ڪاليج فارمين حيدرآباد موڪليو ويو جتان ٽرينگ مڪمل ڪرڻ کان پوء کيس 1990ع ۾ پرائمري اسڪول گل محمد برهماڻي لغاري ۾ مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ ست سال ڊيوٽي سرانجام ڏني.سال 1997ع ۾ کيس بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪمال خان جروار ۾ مقرر ڪيو ويو جتان ڪجھ وقت ڊپوٽيشن تي ڪم ڪرڻ لاء گورنمينٽ هاء اسڪول شاديون ولهار ۾ رکيو ويو.سائين عبداللطيف جروار پنهنجي زندگي جا 60 ورهيه مڪمل ڪري پرائمري اسڪول ڪمال خان جروار مان 18 مارچ 2017 تي رٽائرمينٽ ورتي.
    سائين جي محنت ۽ فرض شناسي جي ڪري ڪيترائي سائين جا شاگرد هن وقت بهترين عهدن تي ڪم ڪري رهيا آھن جن مان ڊاڪٽر سالم ڊاڪٽر مبارڪ نهڙي ڊاڪٽر روشن نهڙي ۽ ٻيا استاد ڪلرڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آھن. سائين عبداللطيف جروار کي پڙهڻ ۽ پڙھائڻ جو شوق هئڻ سبب پاڻ اڄ به ديني تعليم ڏين ٿا پاڻ جامع محمدي مسجد مٺو جروار جا مهتمم آھن. سائين جا مرشد سيد پير انور ٽنڊي آدم وارا آھن جن وٽان فيض حاصل ڪيائون. سائين نفيس ساده ۽ نيڪ انسان آھن. اسان جي دعا آھي ته الله پاڪ کيس صحت ڪاملا عطا ڪري
    (آمين)
    Nazir Ahmad Khalili
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو