بڪيرا شريف ۾ صحافت (1)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    بڪيرا شريف ۾ صحافت (1)
    (يادگيريون)
    تحرير : عبدالله جروار

    بڪيرا شريف ۾ صحافت جي شروعات ڪڏهن ٿي. ان بابت ايترو چئي سگهجي ٿو بڪيرا شريف ۾ صحافت جو باني سائين گل محمد آزاد صوفي صاحب جن آهن. جن بڪيرا شريف مان پهرين هفتيوار اخبار " صوفي گزيٽ" جاري ڪئي. جنهن جو ڪو پرچو ته نه ملي سگهيو آهي پر اها شاهدي ڪتابن مان ضرور موجود آهي. جڏهن ته اسان جي سانڀر ۾ سائين محمد هارون ڀٽي عبرت جو رپورٽر هو پر بعد پاڻ حيدرآباد شفٽ ٿيا ۽ عبرت اخبار جوائن ڪيائون هي شايد 1980 ع کان پوء جو دور هو. بعد ۾ عبرت اخبار جا بڪيرا شريف ۾ رپورٽر سائين شفيق ڀٽي ٿيا. ڊاڪٽر طارق عزيز به صحافي هو. پر اخبار ياد نه پئي اچي. انهن ڏينهن سائين مقبول شاھ مٽياري به آفتاب اخبار جوائن ڪئي هئي. جڏهن شهر مان اخبارون آڻڻ ۽ وڪري جي ذميواري پهرين سائين ديدار شاھ ڏاڏاهي صاحب تي هئي. سائين ديدار جي نوڪري سبب اها ذميواري سندن ننڍي ڀاء عاشق شاھ ڏاڏاهي مرحوم کنئي. ٽنڊي الهيار جا اخباري ايجنٽ روزاني اخبارون بسن ۾ موڪليندا هئا. ڪڏهن سائين عاشق شاھ هٿوهٿ اخبارون کڻي ايندو هو. ان زماني ۾ سڌ سماء جا ذريعا ريڊيو، اخبارون ۽ ٽيليويزن هوندو هو. ماڻهن جو گهڻو انحصار بي بي سي ريڊيو جي اردو سروس جيڪا ميڊيم ويو تي به دفعا روزانو نشر ٿيندي هئي. باقي ال انڊيا ريڊيو، ايران زاهدان تي خبرون نشر ٿينديون هيون. جڏهن اخبارون بهتر ڪردار ادا ڪنديون هيون. پاڪستان ٽيليويزن سرڪاري هئڻ ڪري رڳو سرڪاري خبرون نشر ٿينديون هيون. سائين شفيق ڀٽي کي عبرت اخبار ۾ چڱي پذيرائي هئي جو سائين هارون ڀٽي صاحب ڊيسڪ تي موجود هوندو هو. جڏهن سائين مقبول شاھ مٽياري جن آفتاب اخبار سان واڳيل هئا. آفتاب اخبار ڳوٺاڻن مسئلن کي گهڻي اوليت ڏيندي هئي سائين مقبول شاھ جو ٺڪاڻو صالح درس وارن جو بنگلو هوندو هو. جنهن ۾ روزانو جي بنياد تي اخبارون جمع هونديون هيون
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو