• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (75)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
"ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي (75)
سائين شير محمد جروار
ڳوٺ الھ بخش جروار تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
تحرير : عبدالله جروار

سائين شيرمحمد جروار ھڪ زميندار خاندان حاجي محمد پريل جروار مرحوم جي گھر ۾ 12-01-1959ع م ڳوٺ الھ بخش جروار لڳ بڪيرا شريف ۾ڄائو.پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان سائين محمد عرس درس کان ورتي.ان کان پوءِ جڏھن ڳوٺ صاحب خان جروار م مڊل اسڪول کليو ته ان ۾ پھرئين شاگرد طور داخل ٿيو. جيئن ته سندن والد صاحب جن جي رهائش حيدرآباد شهر جي علائقي ٽنڊو طيب تلاء نمبر 3 ۾ هئي. جنهنڪري والد صاحب جي مرضي سان نورمحمد ھاء اسڪول م داخل ٿيا. ان وقت نور محمد هاء اسڪول جو هيڊ ماستر سائين غلام حسين بالادي صاحب هئا جتان 1979ع م مئٽرڪ پاس ڪئي. نور محمد هاء اسڪول جي استادن ۾ سر فريد ميمڻ، سائين ڌڻي بخش ڀٽو ۽ سائين ڪريم لغاري، سائين محمد علي خواجا، سائين خان محمد بوزدار ۽ ٻيا استاد ھئا. انٽر ميڊئيٽ جو امتحان 1984 ۽ گريجوئيشن سنڌ ماڊل ڪاليج ٽنڊو الهيار مان پاس ڪئي.
پاڻ 05-02-1983م اھليت جي بنياد تي تعليمي ڪميٽي جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيا .ان وقت ھالا سب ڊويزن م ايس ڊي او سائين غلام قادر شاھ بخاري جن هئا. استاد طور سندن پهرين مقرري گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڪامارو اسٽيشن ۾ ٿي. ھڪ سال کان پوءِ بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول پير بخش جمالي اسڪول م مقرر ڪيو ويو بعد م مڊل اسڪول صاحب خان جروار م مقرري ٿي. جتان کيس بدلي ڪري بختاور پتافي پرائمري اسڪول ۾ مقرر ٿيو موجودہ ميمبر سنڌ اسيمبلي امداد پتافي 3ڪلاس سائين جن وٽ پڙهيو.
1986م ٽريننگ لاءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج مان پي ٽي سي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گورنمنٽ پرائمري اسڪول عالم کوکر م مسلسل 3 سال رھيا. بعد ۾ کين پنهنجي ڳوٺ الھ بخش جروار جي پرائمري اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو جنھن اسڪول ۾ ھيڊ ماستر طور لاڳيتو 26 سال ڊيوٽي ڪري 31-12-2017 ۾ رٽائر ٿيا، رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سماجي ڪارڪن طور عام ڀلائي جي ڪمن سان گڏ پنهنجي زمينداري ڪمن ڪارين ۾ لڳل آھن.
Jarwar Sher Muhammed
RTbCwAV.jpeg
 
Back
Top