بڪيرا شريف ۾ صحافت (2) (يادگيريون) سو ڳالھ پئي ڪيم سائين سيد مقبول شاھ صاحب جي، مقبول شاھ ۽ سائين مراد علي شاھ بڪيرائي سڳا ڀائر ۽ غريب پورهيت سادات گهراڻي جا فرد، نيڪ نيت انسان. سائين مقبول شاھ آفتاب اخبار جي نمائندي طور ڪم ڪيو پئي. سائين مراد علي شاھ هڪ ڪارٽونسٽ طور شروعات ڪئي. پهرين سندن رهائش بڪيرا شريف ۾ ئي هئي. سائين مقبول شاھ صاحب جو ٺڪاڻو حاجي محمد صالح درس جن جو بنگلو هو. حاجي محمد صالح درس، محمد ابراهيم درس، محمد بچل درس ۽ محمد امين درس هي چار ڀائر بڪيرا شريف جي ناليواري شاهوڪار شخصيت مرحوم آچر ننڌو درس جا فرزند. بڪيرا شريف جي آس پاس وڏي زمينداري هئي جڏهن مال متاع وارا راڄائتا انسان هئا. بڪيرا شريف ۾ پنهنجي گهرن کان سواء هڪ شاندار پراڻي طرز جو ٻن ڪمرن جو بنگلو ۽ ان اڳيان مرحوم آچر درس جي جوڙايل شاندار مسجد جنهن ڪاشي جو لاجواب ڪم ٿيل آهي. هي مسجد ۽ بنگلو بس اسٽاپ سامهون دڙي تي موجود آهي. مسجد ۾ هڪ الڳ اذان ڏيڻ لاء گنبذ نما چبوترو ٺهيل هو. جيڪو پنهنجو مثال پاڻ هو. جنهن کي هاڻوڪي انتظاميه ڊهرائي ڇڏيو آهي. هي چارئي ڀائر يارويس رهيا. وقت جي گردش سندن زمينون وڃائي ڇڏيون. ٻه ڀائر جن م حاجي محمد صالح درس، محمد ابراهيم درس وفات ڪري ويا آهن. محمد بچل درس ۽ امين درس حال حيات ۽ پنهنجي ڪاروبار ۽ گذر سفر کي لڳل آهن. سو اسان جو به وٽن اچڻ وڃڻ هوندو هو سائين مقبول شاھ جي حوالي هڪ ڪمرو هوندو هو. ٻيو ڪمرو بڪيرا شريف ۾ ڪنهن زماني ۾ ٽيليفون ايڪسچينج کليو هو ان حوالي ڪيائون. اها به شهر لاء سندن وڏي قرباني هئي. 1985ع ڌاري محمد خان جوڻيجو صاحب جي حڪومت قائم ٿيڻ اخبارن تي سختي ڪجھ گهٽ ٿي هئي. 1988ع ڌاري بينظير حڪومت قائم ٿيڻ ڪيتريون ئي نيون اخبارون جاري ٿيون. ان دور ۾ 1988 ع ۾ پريس ڪلب بڪيرا شريف جو قيام عمل م آيو جنهن جو پهريون صدر سيد فقير محمد شاھ ڏاڏاهي صاحب ٿيو هو باقي عهديدارن جو احوال نه ملي سگهيو آهي. اهڙو ذڪر سائين شفيق ڀٽي صاحب ڪيو آهي. بينظير ڀٽو جي حڪومت قائم ٿيڻ سان اخبارن کي وڌيڪ آزادي ملي. برسات اخبار نئين اب تاب سان جاري ٿي جنهنجو چيف ايڊيٽر شيخ اياز صاحب کي مقرر ڪيو ويو هو. برسات اخبار م ايڊيٽوريل پيج شاندار رهيو. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ بيورو چيف ناز سهتي ۽ خالد کوکر صاحب کي مقرر ڪيو ويو هو. سال ياد نه پيو اچيم. عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ اڳ م ھليون پئي جاڳو اخبار جو قيام به انهن ڏينهن ۾ عمل م آيو. جنهن جو ايڊيٽر فقير محمد لاشاري صاحب ٿيو هو. آئون به برسات اخبار بعد م جاڳو اخبار جو بڪيرا شريف لاء نمائندو مقرر ٿيو هوس. جڏهن ته ٽنڊي الهيار جو رپورٽر مصري ملاڻو صاحب هو. جنهنجي به اسان کي ڀرپور سپورٽ هئي. اهو زمانو هو جڏهن بڪيرا شريف ۾ يونين ڪائونسل طرفان ٽول ٽيڪس وصول ڪيو ويندو هو. گهڻي سامان شهر ۾ اچڻ تي آڪٽراء ٽيڪس وٺڻ واري ڳالھ سمجھ ۾ اچن جهڙي هئي پر هر شئي شهر مان وٺي اچڻ تي ٽيڪس شهرين کي بيزار ڪري وڌو هو جنهن خلاف اسان ڀرپور آواز اٿاريو هو. اسان جو ٻيو ٺڪاڻو ادا عبدالرحيم ميمڻ جو ميڊيڪل اسٽور هوندو هو. جنهن تي ضياء الرحمان ميمڻ به ويهندو هو ضياء الرحمان ميمڻ انهن سنڌ سجاڳ جو رپورٽر هو. هلال پاڪستان اخبار جو پهرين نمائندو سائين مرتضي ا ڏاڏاهي صاحب هو پر سائين ايترو سرگرم نه رهيو جنهن جي جاء اشرف جروار کي ٽنڊي الهيار جو رپورٽر مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح هلال پاڪستان اخبار جي نمائندگي به اسان جي دوست وٽ هئي