بڪيرا شريف ۾ صحافت

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    بڪيرا شريف ۾ صحافت (3)
    (يادگيريون)
    تحرير : عبدالله جروار

    بڪيرا شريف صحافت جي حوالي سان هنن مضمونن جي سلسلي ۾ ذڪر ڪندو هلان، جيئن سائين محمد هارون ڀٽي صاحب عبرت ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيا. سائين هارون ڀٽي صاحب بڪيرا شريف ۾ سائين شمس الدين ڀٽي صاحب کي عبرت جو صحافي طور بڪيرا ۾ رکرايو. ڪجھ عرصي بعد عبرت جي رپورٽر طور سائين شفيق احمد ڀٽي کي رکيو ويو. سائين شفيق احمد ڀٽي صاحب عبرت اخبار جو تقريبن ٻارهن سال نمائنده رهيو ۽ وڏو عرصو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري طور پڻ ذميواريون سنڀاليون. انهن ڏينهن صحافت جو ڪم شوق سان ڏک سک جي اظهار طور ڪيو ويندو هو. سنڌي پرنٽ ميڊيا جو تحريڪ آزادي پاڪستان توڙي ان کان جي تحريڪن توڙي عوامي سجاڳي م اهم ڪردار رهيو آهي. خاص جهموريت توڙي عوامي حقن جي بحالي لاء جدوجهد ساراه جوڳي آهي. ايوب خان خلاف تحريڪ، شاگرد تحريڪ، هاري تحريڪ ۾ اخبارن وڏي سجاڳي آندي. جيڪا 1988ع کان اڳ ۽ پوء جيڪا فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين توڙي ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ صحافين جي ذهني اوسر جنرل ضيا جي مارشل لا ۾ ٿي هئي. انهن کي ڪري ٻنهي طرفن عوام جي حقيقي آواز کي اهميت هئي. ڪنهن وڏيري ۽ سيٺ يا نام نهاد اڳواڻ کي ايتري جرات نہ هئي جو هو عوام جي آواز کي دٻائي سگهي. پرنٽ ميڊيا عوام جي حقيقي آواز جي روپ م اڳيان رهي. ڪيتريون ئي نيون اخبارون ڇپجڻ لڳيون ڪيترائي نوجوان اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو وڏو تعداد سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن سان حقيقي شعور پيدا ٿيو. هي سمورو عمل جنرل ضيا جي مارشل لا جي گهٽ ٻوسٽ جي زماني ۾ پروان چڙهيو. جنهن ڪري فقير محمد لاشاري جهڙا صحافي اڳيان آيا. مزاحمت حقيقي ذهني اوسر جو سبب بڻي هئي. فقير محمد لاشاري جي جاڳو اخبار جي خبرن سان ايڊيٽوريل وڻ وڄائي ڇڏيا. جنهن ڪري سنڌي اخبارن جي پراڻي ترتيب وڏو ڦيرو آيو. فقير محمد لاشاري جي جرائت مندانه اسٽائيل ٻين اخباري مالڪن کي حقيقي مسئلن ۽ معاملن تي آواز اٿارڻ تي مجبور ڪيو. جرائمند اخباري انتظاميه جي ڪڙي فيلڊ ۾ ڪندڙ صحافين کي وڏو حوصلو ڏنو. اهڙائي اثرات سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر آيا. ڪنهن وقت جي ڏاڍي مڙس خلاف موڪليل حقيقي خبر کي اهميت هئي. صحافي جي مالڪي ٿيندي هئي. جنهن جون شاهد ان وقت جون اخبارون آهن. فقير محمد لاشاري جا "جاڳو" توڙي "عوامي آواز "۾ ڇپيل ايڊيٽوريل تاريخي دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري ڪتابي صورت م ڇپجي چڪا آهن. جن کي صحافت سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ڪاوش اخبار جو پرنٽ طور سامهون اچڻ به بهتر تبديلي هئي. سٺن ليکڪن کي اڳيان اچڻ جو موقعو مليو. ڪاوش جي ايڊيٽوريل نوٽ روايتي اخبارن کان بهتر تبديلي هئي پر پوء فقير محمد لاشاري جهڙين جي لکيل ايڊيٽوريل جي مقابلي جا نه هئا. نين اخبارن ۾ تعمير سنڌ، الک، سرواڻ، سوال، ۽ بختور اخبارن سٺو نباهيو. ڪافي نوجوان صحافين جي کيپ اڳيان آئي. مٿيون ذڪر سموريون اخبارون مختلف انداز سان شايع ٿيڻ لڳيون هيون. هوڏانهن ڪاوش اخبار جو شام جو ايڊيشن "خادم وطن" جي نالي سان ڇپجڻ لڳو هو. جنهن جو ماڻهن کي انتظار ڪندي ۽ وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿيندي ڏٺوسين، ڪاوش وارن بعد ۾ شام واري اخبار کي خادم وطن جي جاء "شام" اخبار جاري ڪئي. سنڌي پرنٽ ميڊيا جا اهي سونهري سال هئا. جنهن جو اثر سنڌ جي هر علائقي تي ٿيو. ڪيترن نوجوان صحافين کي اڳيان اچڻ جو موقعو مليو. اهو دور هو جنهن ۾ ڪنهن کي آفيسر کي صحافي نه اجرڪون پرائيندا هئا. نه ڪنهن جي پائيندا. ان وقت ايتريون بي قائدگيون به هيون. ڪٿي ڪٿي ڪو لڪ ڇپ ۾ پنج روپيا وٺي وڃي ته بي ڳالھ هئي. سر عام ڏيڻ وٺڻ جو رواج نه پيو هو. ڪنهن به طاقتور خلاف حقيقي آواز اٿارڻ کي وڏي اهميت هئي. بڪيرا شريف ۾ صحافت جي اهڙي صورتحال جا اثر پيا. دوستن مسئلن تي جرات سان لکيو. پريس ڪلب ۾ ڪجهه نوان دوست شامل ٿيا اهو سسٽم نه هلي سگهيو. جنهن ڪري 1995ع م ٻيهر چونڊون ڪرايون. اسلم ميمڻ جي دڪانن مان هڪ دڪان ڪرايئي تي وٺي آفيس قائم ڪئي وئي.
    Jhando Solangi
    Dars Ghulamrasool
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو