مشهور سنڌي فلم "ڌرتي لال ڪنوار" فلم جو پيشڪار خليل بچاڻي صاحب تحرير : عبدالله جروار سائين خليل بچاڻي صاحب جن مشهور مشهور ڪاروباري، سماجي ۽ سياسي بچاڻي (پاٽولي) خاندان جو فرد آهي. هن خاندان سماجي، سياسي توڙي علم و ادب فنون لطيفه ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. اڄ سائين خليل بچاڻي صاحب جن جو ذڪر ڪنداسين جن جو جنم 01 سيپٽمبر 1949ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. سندن ابتدائي توڙي بعد جي تعليم بابت ڄاڻ ملي سگهي آهي پر يقينن سندن شروعاتي تعليم ٽنڊي الهيار جي مين سنڌي پرائمري اسڪول ۽ هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ ٿي هوندي. پاڻ زميندار ۽ ڪاروباري خاندان مان هجڻ باوجود سندن لاڙو فلمي دنيا ڏانهن رهيو آهي. سندن جواني جي دور ۾ انڊين توڙي پاڪستاني اردو توڙي سنڌي، پنجابي توڙي پشتو فلمن جي عروج جو دور هو. ٽنڊي الهيار ۾ ان وقت هڪ پراڻي ڪئپيٿل سينيما جيڪا ميرواه روڊ تي به ٻه نيون سينيمائون نصرپور ناڪي تي شهباز سينيما جيڪا حاجي بچل پوسفاڻي مرحوم ٺهرائي هئي. جڏهن ته ٽنڊي آدم ناڪي تي ڪيپري سينما مرحوم حاجي غلام حسين ميمڻ صاحب ٺهرائي هئي جنهن کي عرف عام م حاجي گولو سڏيندا هئا. ڪيپيٽل ۽ ڪيپري ٻنهي سينمائن جو مالڪ حاجي غلام حسين ميمڻ مرحوم هو. ان ستر جي ڏهاڪي م سنڌي فلمن جي عروج جو دور هو. ان ٽنڊي الهيار جي نوجوان خليل بچاڻي صاحب کي سنڌي فلم ٺاهڻ جو شوق جاڳيو چارڻ فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم جو نالو "ڌرتي لال ڪنوار" رکيو ويو. هي فلم سائين محمود مغل صاحب جن جي ترتيب ڏنل ڪتاب "سنڌ ٽاڪيز" موجب سنڌي فلمن ٺهڻ ۽ رليز ٿيڻ وارين فلمن ۾ ايڪٽيهين فلم هئي. هن فلم جو گهڻو ٽنڊي الهيار ۽ آس پاس فلمايو ويو هو. هي فلم "ڌرتي لال ڪنوار" 01 آگسٽ 1975ع تي رليز ٿي. هن فلم جو پيشڪار خليل بچاڻي صاحب ، فلم ساز قيصر خليل هو. هدايتڪار اي ايڇ صديقي صاحب، ڪهاڻي غالب لطيف لکي هئي. هن فلم جا مڪالما آغا سليم مرحوم لکيا هئا. فلم جي عڪاسي اي ايڇ بابو ڪئي هئي. تدوين ايم عقيل، هن فلم لاء نغما شيخ اياز، امداد حسيني، عبدالڪريم گدائي صاحب مرحوم جن جا لکيل هئا. هن فلم لاء موسيقي نامور موسيقارن غلام نبي عبداللطيف ترتيب ڏني هئي. جڏهن ته گلڪارن ۾ عابده پروين ۽ محمد يوسف هئا. هن فلم جن اداڪارن ڪم ڪيو انهن ۾ عشرت، محبوب عالم، ملڪ انوکو، نازيه، مشتاق جسڪاڻي، اي آر بلوچ، فوزيه ، مشتاق مغل، فريده انجم، بشير فدائي، سيان (سيان چوڌري يا ٻي ڪا؟) مصطفي ا قريشي، نور محمد لاشاري مرحوم هئا. هي فلم ماڊرن اسٽوڊيو ڪراچي، ٽنڊي الهيار ۾ تيار ٿي، هن فلم لاء لکيل گيت ۽ گلوڪار هي هئا. 1. مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي . آواز محمد يوسف. شاعر : شيخ اياز 2. هن شهر جي شور کان دلڙي ڦري، مون جهنگ جبل اختيار ڪيو. آواز : عابده پروين شاعر : عبدالڪريم گدائي 3. جھومي ٿو تن من الا اڄ عيد ڪئي اکڙين آواز : عابده پروين شاعر : امداد حسيني 4. ڪيا ڌرتيءَ هار سينگار، آئي رت ساوڻ جي آواز : عابده پروين شاعر : امداد حسيني 5. آء راڻا ڪيون روح رهاڻيون، روح رهاڻيون پيار ڪهاڻيون آواز : عابده پروين ۽ محمد يوسف شاعر : امداد حسيني 6. منهنجو پيار تون آن آواز : عابده پروين ۽ محمد يوسف شاعر : امداد حسيني 7. ڌن دولت جي هن محمد يوسف ۽ عابده پروين شاعر : امداد حسيني 8. سڻي دل جي سدا اچ آواز : عابده پروين شاعر امداد حسيني. فلم ڌرتي لال ڪنوار پنهنجي وقت جي بيحد مقبول فلم هئي. سائين محمود مغل صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ خبر ناهي ڇو هن فلم جي پيشڪار جو تفصيلي احوال نه ڏنو ويو آهي. جڏهن فلم بابت ايترو احوال موجود ناهي جيترو ٻين فلمن بابت مواد ڏنل آهي. بهرحال خليل بچاڻي صاحب جن جو فلم ڌرتي لال ڪنوار جو ٺاهڻ شاندار تاريخي ڪم آهي. جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. اڄ به هن فلم جا گيت ريڊيو توڙي سوشل ميڊيا تي بيحد مقبول آهن. سائين خليل بچاڻي صاحب جن هاڻ ڪراچي ۾ رهن ٿا. الله پاڪ کين سٺي صحت ۽ وڏي حياتي عطا فرمائي آمين. کين گذ ارش آهي پنهنجي يادگيرين تي مشتمل هڪ ڪتاب ضرور لکن. جنهن مان پڙهندڙن کي فلم بابت ۽ ٽنڊي الهيار بابت معلوم ملي سKhalil Bachanianiani Khan JarwarwDur Muhammad PathanhanhaAliSher Keerio Amin Arbab