ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (76)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (76)
    سائين عبدالڪريم جروار مرحوم
    ڳوٺ صاحب خان جروار ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : اڪبر علي جروار

    سائين عبدالڪريم جروار ولد حاجي عبدالعزيز
    عيوضي معلم ملان مڪتب صاحب خان جروار
    اسڪول رڪارڊ مطابق سائين عبدالڪريم جو جنم 1920ع ۾ ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ٿيو پاڻ مڪتب صاحب خان جروار جي باني ميانجي حاجي پيروز جي وڏي فرزند حاجي عبدالعزيز جا فرزند ھئا ، سائين عبدالڪريم 1926ع ۾ جڏھن ڇھن سالن جا ٿيا تہ پنھنجي ڏاڏي حاجي پيروز وٽ مڪتب ۾ داخل ٿيا ، پاڻ مڪتب جي شروعاتي ٽنھي استادن ميانجي حاجي پيروز ، سائين خداداد خليفه ۽ سائين حاجي بھار الدين وٽ پڙھيا ۽ مئي 1933ع تي سنڌي پرائمري چار درجا ، قرآن مجيد ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائون جنھن کانپوءِ پنھنجي ڏاڏي حاجي پيروز جي ٻني سنڀالڻ شروع ڪيائون پر علم سان گھڻو چاھ رکندڙ ھئا لکڻ پڙھن جو گھڻو شوق ھئن سو جڏھن سائين محمد جمن پرھياڙ سرڪاري استاد بنجڻ کانپوءِ مڪتب ڇڏيو تہ سائين حاجي بھار الدين سائين عبدالڪريم کي مڪتب جو نئون عيوضي معلم مقرر ڪيو جتي پاڻ قرآن مجيد ۽ سنڌي جي تعليم جي ڏيندا ھئا
    ان دور ۾ مڪتب صاحب خان جروار ۾ شاگردن جو وڏو تعداد تعليم حاصل ڪري رھيو ھو جن ۾ ڪافي شاگرد رھائشي بہ ھئا جن جي رھائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست سائين حاجي بھار الدين پاڻ ڪندا ھئا ۽ سائين حاجي بھار الدين جي غير موجودگيءَ ۾ مڪتب جو پورو ڪاروھنوار سائين عبدالڪريم جروار جي حوالي ھوندو ھو ، سال 1944ع کان مڪتب ۾ پھريون ڀيرو سرڪاري استادن جي تقرري جو سلسلو شروع ٿيو جنھن کان پوء سائين عبدالڪريم کي صرف قرآن مجيد جي تعليم ڏيڻ تائين محدود ڪيو ويو پر استادن جي کوٽ جي صورت ۾ پاڻ سنڌي جي تعليم پڻ ڏيندا ھئا جيتوڻيڪ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ نہ ورتائون پر جولائي 1942ع کان ڊسمبر 1963ع تائين جي ڊگھي عرصي لاء مڪتب جا عيوضي معلم رھيا ، پاڻ ڳوٺ جي جامع مسجد جا امام ۽ خطيب پڻ ھئا گڏوگڏ ميت جي غسل ۽ ڪفن دفن جو ڪم پڻ ڪندا ھئا ، سندن گزر گھڻو ڪري ريزڪي دڪان تي ھو گڏوگڏ پاڻ درزڪو ڪم پڻ ڪندا ھئا ، سائين عبدالڪريم جروار پنھنجي گھرواريءَ کي بہ قرآن شريف ۽ سنڌي جي تعليم ڏني جيڪا پوء ڳوٺ صاحب خان جروار ۽ آسپاس جي علائقي جي ڳوٺن جي عورتن کي قرآن مجيد ۽ سنڌي جي تعليم ڏيندي ھئي جنھنڪري کيس اڄ بہ ڳوٺ جون جھونيون استاد چئي ڪري ياد ڪن ٿيون ، سائين عبدالڪريم جي اولاد ۾ ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون جن مان ٻه فرزند ٻ نياڻيون فوت ٿي ويا آهن. هڪ فرزند سائين مولوي محمد رحيم جروار جيڪي سائين مولوي منٺار فقير جن جي مدرسي ۾ سائين جي زير نگراني ديني تعليم حاصل ڪيائون. حال حيات آهن. ٻنهي ٽنگن کان معذور هوندي به دين جي ڪم ۾ مشغول آهن. هڪ نياڻي حال حيات اٿن. سائين عبدالڪريم جروار آخر ۾ بيمار ٿي پيا کين سلھ جو مرض لاحق ٿي پيو ۽ پاڻ 12 ربيع الاول 1387 ھجري مطابق 20 جون 1967ع تي 47 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون ، کين جامع مسجد صاحب خان جروار سان منسلڪ قبرستان ۾ دفنايو ويو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو