ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (77)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (77)
    سائين شفيق احمد ڀٽي صاحب
    بڪيرا شريف ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين شفيق احمد ڀٽي صاحب جن جو جنم محمد موسي ا ڀٽي صاحب جن جي گهر ۾ 29 آڪٽوبر 1966ع م نصرپور ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ کين نپائن ۽ پڙهائڻ جي ذميواري بڪيرا شريف ۾ ويجهي عزيز غلام رسول ڀٽي کنئي. جنهن محنت مزدوري ڪري کيس نپايو ۽ پڙهايو. سائين شفيق ڀٽي صاحب جي پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم بڪيرا شريف ۾ ٿي. جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار مان ڪئي. انٽر ميڊيٽ تائين تعليم ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. سائين جي ڀائرن ۽ سائين نظير احمد ڀٽي، سائين عبدالغنی ڀٽي صاحب هاء اسڪول ٽيچر رهيا. رفيق احمد ڀٽي پرائمري استاد هو جيڪي فوت ٿي ويا آهن. سائين شفيق ڀٽي صاحب سان پراڻو تعلق رهيو آهي. جڏهن هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ ايف اي ۽ بعد هيڊ ماستر طور ذميواريون سنڀاليون ته سائين جو مڪمل ساٿ رهيو. هي اهو زمانو هو جڏهن ڪمپيوٽر عام نه ٿيا هئا. سائين ليب اٽيندنٽ هوندي به اٺين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر ۽ ڪلارڪ جو سموريون ذميواريون سنڀالي ورتيون. هڪ جفاڪش محنتي انسان ڪلاس ۾ ۾ پڙهائڻ کان پوء آفيس جو ڪم ٽائيپ رائٽر جو زمانو هو. سڄو ڏينهن ٽائيپ رائٽر ڪٽيندي گذرندو هو. آفيس جي ڪم گهڻو هئڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن اسان ٻنهي کي سمورو ڏينهن به آفيس ۾ لڳي ويندو هو پر سائين ڪم مڪمل ڪري گهر ويندو هو. ان ڪم جي سچائي کيس عزت بخشي آهي. سائين شفيق ڀٽي سيلف ميڊ انسان آهي. هڪ مثالي شخصيت آهي جنهنجي زندگي سچائي سان پورهيو ڪندي گذري آهي. اسڪول جي ڪم کان سواء تپيدارن وٽ منشي طور ڪم ڪيائون. مشرف دور ۾ ضلع نائب ناظم محترم صابر قائم خاني صاحب جي معرفت ڪجھ وقت ضلع ڪائونسل ۾ لکپڙه جو ذميواريون نباهيائون. سائين جي زندگي ڏکن سکن جو هڪ مجموعو آهي. سندن خاص خوبي پنهنجي غريب عزيزن جي ٿوري دوستن جي هرحال م مدد ڪرڻ. کيس ڏکن جو احساس آهي. ٻئي جي تڪليف ۾ مدد ڪرڻ سندن نصب العين آهي. هن مثالي استاد بابت سائين کي لکڻ لاء عرض ڪيم. سائين سندن زندگي جو مختصر احوال موڪليو آهي اهو دوستن جي نذر ڪجي ٿو.

    انتھائي قابل احترام سائين قبله توھان جو حڪم ٿيو تہ ڪجھ لکي ڏيو توھان جي حڪم عدولي نٿا ڪري سگھون پر لفظ استاد جي منزل الاھي مٿي آھي گھٽ ۾ گھٽ آئون پاڻ کي ان زاويه ۾ نٿو آڻي سگھان ،

    سائين 11 نومبر 1987ع تي منھنجي اپائنٽمنٽ ٿي پوسٽ ھئي ليب اٽينڊنٽ جي ۽ پھرين پوزٽنگ گورمينٽ هاءِ اسڪول نمبر1 ٽنڊو ڄام ۾.ان وقت ان اسڪول ۾ ھيڊ ماستر سائين محمود علي آرائين صاحب ھو جنھن بعد ۾ ٽنڊو الهيار ۾ المحمود برائٽ اسٽار جي نالي سان پرائيويٽ اسڪول کوليو ، سائين محمود صاحب چيو تہ توهان پڙھيل لکيل آھيو توھان ڪلاس وٺو، ان مون کي انوقت اٺون ڪلاس ڏنو پڙھائڻ لاء، ائين حادثاتي طور استاد ٿي ويس ، سال 1991ع ۾ بڪيرا شريف۾ بدلي ٿي
    اتي انوقت استادن جي گھڻي کوٽ ھئي پوء ھتي بہ ڪلاس ڏنو ويو پوء مختلف دور ۾ مختلف ڪلاس رھيا پر فيوريٽ ڪلاس اٺون ۽ ڇھون رھيا موجوده دور ۾ جج اشتياق ميمڻ ۽ ليڪچرار سعيد اللہ جروار اٺون ڪلاس مون وٽ پڙهيا اھو منھنجي لاء اعزاز آھي. وڪيل منصور جروار ۽ ٻيا بہ ڪافي شاگرد آھن جيڪي جڏھن ڪورٽ ويندو آھيان تہ وڪيل جي صورت ۾ سامهون ايندا آھن ۽ چوندا آھن تہ توھان وٽ پڙهيا آھيون ، حيدرآباد ۾ ايڊووڪيٽ عباس ٿھيم آھي اھو مون سان ملڻ آيو ھو
    سال 2005ع ۾ پھريون پروموشن غالبن توھان جي صحيح سان ٿيو
    مون وٽ اھي اي سي آر بہ آھن جن تي اوھان جون صحيحون ٿيل آھن ، پوء سال 2010 ۾ ٻيو پروموشن ٿيو آئون سينئر ڪلارڪ ٿيس ۽ بڪيرا مان بدلي ٿي ٽنڊو الهيار ، پوء درس و تدريس جو عمل بہ ختم ٿي ويو ڇو ته آفيس جوائن ڪئي پوء 2013 ۾ اسسٽنٽ جو پروموشن ٿيو وري اسڪول جوائن ڪيو پر پڙھائڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو پوء آفيس جي ڪم ڪار طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو توھان جھڙن مھربان دوستن ۽ استادن جي دعائن سان سٺي ڄاڻ ملي ۽ اھو ڪم اڄ ڏينهن تائين جاري آھي
    تاريخ 31 ڊسمبر 2023ع تي تعليم کاتي مان رٽائرمينٽ ورتي ۽ ھاڻي پنھنجي آفيس تي نور چشم فاروق عزيز سان گڏ ويٺا آهيون

    Shafiq Bhatti
    Farooq Aziz Bhatti
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو