"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (78) سائين عبدالحميد پاٽولي المعروف " " سائين ماما" ٽنڊو الهيار تحرير : حميد ميمڻ منھنجو سائين " سائين ماما " اڄ آئون انتھائي فخر سان ٽنڊو الھيار جي تاريخ ۾ عزت ڀريو مقام رکندڙ عظيم شخصيت کي خراج عقيدت پيش ڪري رھيو آھيان جنھن مون سميت ڪيترن شاگردن کي انگريزي جي بنيادي تعليم پڙھائي . سندس نالو عبدالحميد ذات پاٽولي ھئي پر ھر عام خاص جي زبان تي سندس نالو " سائين ماما " رھيو ان حوالي سان ھي شخصيت مون سميت ھزارين شاگردن جو سائين نه پر " سائين ماما " رھيو . جڏھن سندس فيملي کان " سائين ماما " نالي سان سڏجڻ بابت پڇا ڪيم ته ٻڌايو ويو ته سندس ڀاڻيجو نالي "علي" کيس رشتي موجب ماما ڪري سڏيندو ھو اڳتي ھلي علي سندس شاگرد به ٿيو اھڙي طرح علي کيس" سائين ماما " سڏيندي سڏيندي سڄي فيملي کيس "سائين ماما " سائين ماما " سڏيندي ويئي . اھڙي طرح مون سميت ھزارين شاگردن جو سائين "سائين ماما " سڏجڻ لڳو . سائين ماما پنھنجي ذات ۾ ھڪ ادارو ھو طبيعتن نفيس , خوش اخلاق شاگردن سان مشفقانه رويو , نوجوانن سان ڪچھريون ۽ وڏڙن کان رھنمائي وٺڻ سندس زندگي جي وندر ھوندي ھئي . سندس مٺاس ڀريو انداز گفتگو , چھري تي ھر وقت مسڪراھٽ ,خوش شڪل , صاف شفاف پوشاڪ پائڻ , قميص جي اڳئين کيسي ۾ پسته ڪلر جي ايگل انڊ پين نب واري لڳل جنھن ۾ ھيٺان لڳل ڏنڊي کي ڦيرائڻ سان مس ڀربي ھئي , ڪلاس ۾ ان وقت جي رواج مطابق ٽيبل تي رکيل اسٽڪ ھٿ ۾ کڻي بليڪ بورڊ تي لکيل جملن کي واظع ڪري سمجھائڻ ۽ سندس تڪڙو ھلڻ اڄ به ياد آھي . آئون١٩٦٢ ۾ مئن پرائمري اسڪول نزد قلع چوڪ ڇھين ڪلاس ۾ داخل ٿيس ان وقت اسان جو ڪلاس روم پرائمري اسڪول جي پويان جتي ھينئر ميونسپل آفيس آھي ان جي ساڄي پاسي ٻه ڪچا ڪلاس روم ٺھيل ھوندا ھئا ان جي سامھون پي ٽي گرائونڊ ھوندو ھو جنھن ۾ پڙھياسين . سائين ماما اسان کي انگريزي پڙھائيندو ھو عام طور تي انگريزي پڙھائڻ واري استاد کي ڪلاس ٽيچر مقرر ڪندا ھئا . ھن ڪلاس روم ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد گھٽ ھوندو ھو سنڌي شاگردن جو لاڙو ايس- ايم اسڪول ڏانھن ھوندو ھو . ھر ڪو شاگرد پنهنجي ٻولي ۽ مائٽي جي تعلق سان پيو گڏ گھمندو ھو . ان وقت ڇھين ڪلاس ۾ مون سان گڏ پڙھندڙن شاگردن ۾ بدر عالم بچاڻي , عبدالعزيز ميمڻ , مقصود يوسفاڻي , نصرالله يوسفاڻي , سڪندر يوسفاڻي , منير يوسفاڻي , مشتاق يوسفاڻي , اعظم پاٽولي , محمد عباس ميمڻ , عزيزالله ميمڻ , اسلم مڱڻھار , عبدالحق مڱڻھار , قائم ميرجت , جمن ٿيٻو , اسماعيل ٿيٻو , اعجاز شاھ , سڪندر شاھ , ۽ طاھر شاھ جن شامل ھئا . سائين ماما جو پنھنجائي وارو رويو شاگردن ۾ اعتماد پيدا ڪندو ھو سندس انگريزي سيکارڻ جو دلچسپ انداز نٿو وسري ان وقت انگريزي ڪتاب ۾ علي ۽ جميله جا ڪريڪٽر ھوندا ھئا جنھن ۾ say ۽ said ۽ , ask ۽ asked جا سوال جواب پھرين سال جي ڪري تمام مشڪل لڳندا ھئا اڃان اسان کي پھرين سال اي بي سي مس پئي آئي ان جڳھ ٿي گرامر وارا جملا ڪيئن سمجھ ۾ ايندا . ان ڪري مون انگريزي ۾ گھٽ مارڪون کنيون . سائين ماما جو تعلق متوسطه طبقي سان ھو سندس ولادت ٽنڊو محمد خان ۾ ٿي سندس والد جو نالو محمد رمضان جيڪو پوسٽل ڊپارٽمينٽ ۾ پوسٽ مئن ھو . ١٩٥۰ واري ڏھاڪي ۾ ٽنڊو محمد خان کان ٽنڊو الھيار شفٽ ٿي پاٽولي پاڙي ويجھو اچي رھائش اختيار ڪئي . سائين ماما اسڪول ۾ سروس دوران ايجوڪيشن ۾ اعلئ ڊگريون حاصل ڪرڻ کانسواء ايل-ايل-بي جو امتحان پڻ پاس ڪيو . ١٩٨۰ واري ڏھاڪي ۾ سندس بدلي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ بحيثيت ٽيچر ٽرينر طور ٿي جتي پاڻ سروس سان گڏوگڏ مختلف سبجيڪٽن جھڙوڪ سنڌي , انگلش , مئٿ وغيره ۾ ٽيوشن ڏيڻ شروع ڪئي . ان دوران خليل بچاڻي به ٽنڊوالھيار کان ڪراچي شفٽ ٿيو سائين ماما جا خليل بچاڻي سان ذاتي تعلقات ھئا ان ڪري سائين مستقل اتي رھائش اختيار ڪئي . سائين کي سندس پرخلوص محنت ۽ سچي ڪردار جي عيوض ٽيوشن وٺندڙ ھڪ فيملي کيس حج جي سعادت پڻ ڪرائي . ڪيترائي سال ڪراچي رھڻ کان پوء وڏي عمر ڪري واپس پنھنجي جڳھ واقع ميمڻ سوسائٽي ٽنڊوالھيار منتقل ٿيو جتي زندگي جا آخري سال پنھنجي ٻچن وٽ گذاريائين . ١۰ آڪٽوبر سال ٢۰١٥ ۾ علالت جي ڪري وفات ڪيائين ۽ کيس ڪنڊي وسي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو . سندس پوئينرن ۾ چار پٽ ھرھڪ ذوالفقارعلي پاٽولي , لياقت علي پاٽولي , جمشيد علي پاٽولي , سڪندر علي پاٽولي ۽ ڇھ نياڻيون آھن .