ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ پتافي فيملي جي دبنگ

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ پتافي فيملي جي دبنگ انٽري
    تحرير : عبدالله جروار

    سياست توڙي عام سماج م تحفا تحائف ڏيڻ وٺڻ جو رواج تمام پراڻو آهي. تحفہ تحائف ڏيڻ وٺڻ سان محبتون وڌن ٿيون. پر سياسي ۽ انتظامي عهدن جي حوالي سان تحفن ڏيڻ وٺڻ معني ا خيز ۽ ڪنهن مقصد کان خالي نه هوندو آهي. انهن تحفن هڪڙن کي جيل م وڌو آهي ته ٻين کي ريل م چاڙهيو آهي. جيئن ڪجھ ڏينھن اڳ صدر زرداري صاحب ۽ مولانا فضل الرحمان وچ م ٿيل ملاقات ۾ زرداري صاحب مولوي صاحب کي بندوق جو تحفو ڏنو. جنهن کي عام ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي گهڻي دلچسپي سان ڏٺو ويو. هر عام و خاص پنهنجي سوچ مطابق تبصرا پڻ ڪيا. اهڙي طرح سنڌ جي طاقتور ترين شخصيت ميڊم فريال ٽالپر کي عمري جي ادائگي تان واپسي تي سنڌ جي ناليوارين سياسي شخصيتن ساڻن ملاقات ڪري گلن جا گلدستا پيش ڪري مبارڪون ڏنيون. انهن تصويرن ۾ وڏي مقبوليت ماڻيندڙ تصوير ٽنڊي الهيار جي ايم پي اي رئيس امداد خان پتافي صاحب جن جي ڏنل گلدستي جي هئي . اهو گلدستو ميڊم فريال ٽالپر صاحبه کي پيش ڪيل گلدستن ۾ وڏي قدامت رکندڙ هو. ان جي اهميت ان وقت ويتر وڌي وئي جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي نئين تنظيم ڪاري ۾ ٽنڊي الهيار ضلع جي صدارت جي عهدي لاء رئيس امداد خان پتافي صاحب جي سئوٽ رئيس ظهير خان پتافي صاحب کي نامزد ڪيو ويو. جيڪو اعلان منهنجي لاء حيراني جو باعث نه هو. ڇاڪاڻ ته جنهن نموني رئيس ظهير خان ۽ امداد خان پتافي ٽنڊي الهيار جي سياست م سنڀالي پير کڻي رهيا آهن. ان مان مون کي اندازو هو في الحال امداد خان پتافي ۽ ظهير خان پتافي جو ٽارگيٽ ضلع صدارت ماڻڻ آهي. ان جو وڏو ڪارڻ ضلع ڪائونسل ۾ گهڻيون سيٽون ماڻڻ بعد به چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن کان کين پري رکيو ويو هو. ٽنڊي الهيار ضلع م گذريل پنجاھ سالن کان پيپلز پارٽي جو تنظيمي مرڪز بچاڻي هائوس رهيو آهي. پر هاڻ ان مرڪز جي منتقلي پتافي هائوس ڏانهن ٿي رهي آهي. محترم عبدالستار بچاڻي صاحب پيپلز پارٽي جو سينئر ترين اڳواڻ آهي. پر بچاڻي صاحب عمر جي جنهن حصي ۾ آهي ان ۾ چاهيندي به گهڻو سرگرم نه رهي سگهيو آهي.
    هنن تنظيمي مقررين ۾ ٻي اهم مقرري باغي غلام محمد ڪنڀار صاحب جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيڻ آهي. باغي ڪنڀار هاڻوڪي وقت م پيپلز پارٽي جو سينئر ترين جيالو آهي. جيڪو عبدالطيف مڱريو مرحوم سان گڏ تنظيمي ڪم ڪري چڪو آهي. کيس ٽنڊي الهيار جي تنظيم بابت چڱي ڄاڻ آهي. باغي ڪنڀار بچاڻي هائوس تي عمر جو وڏو حصو گذاريو آهي. پر گذريل ڪجھ سالن کان کيس نظر انداز ڪيو پئي ويو. جنهن ڪري آخر ڪار کيس پنهنجو گهر جهلڻو پيو. ڪجھ مهينا اڳ ٽنڊي الهيار جي ڪجھ سياسي شخصيتن غلام محمد باغي سان ملاقات ڪري حال احوال اوريا هئا. جيڪي تصويرون ۽ ملاقاتن جا احوال سوشل ميڊيا تي به هليا هئا. جنهن جي غلام محمد باغي صاحب ڪنهن گروپ ۾ شموليت جي ترديد ڪندي ايترو چيو هو. اهي سياسي شخصيتون سندس مزاج پرسي ڪرڻ لاء منهنجي ڳوٺ آيون هيون. انهن ئي تصويرن پتافي فيملي جي دور رس نگاهن کي غلام محمد باغي ڏانهن متوجه ڪيو. پتافي فيملي پنهنجي نه رڳو صدارت محفوظ ڪري ورتي پر باغي جي روپ ۾ جنرل سيڪريٽري طور مقرري مخالفن کي ڳالهائڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ته هڪ موسٽ سينئر ورڪر جي مخالفت ۾ ڪو به اڳيان نه ايندو. سندس مقرر پارٽي لاء به فائديمند ٿيندي جو پارٽي جا باقي پراڻا ورڪر تنظيمي لحاظ کان غلام محمد باغي اڳيان پنهنجو موقف کلئي نموني رکي سگهندا. شايد ايترو کلئي نموني رئيس امداد خان پتافي ۽ رئيس ظهير خان پتافي اڳيان نه ڳالهائي سگهندا. غلام محمد باغي کي پاڻ سان کڻي اچڻ پتافي فيملي لاء ترپ جو پتو ثابت ٿيو آهي . ڪالهوڪي گڏجاڻي جي تصوير ۾ باغي ڪنڀار صاحب ۽ ظهير پتافي صاحب نه رڳو هڪ ئي صوفي تي ويٺل نظر اچن پيا پر سندن ڪپڙا به هڪجهڙا نظر اچن پيا. غلام محمد باغي ڪنڀار هر فن مولا شخصيت آهي. سندس صحافين، اديبن، شاعرن اهل علم شخصيتن سان ويجهو تعلق رهيو آهي. ادبي پروگرامن ۾ سندس شرڪت رهندي آئي آهي. اها سپورٽ باغي لاء مددگار ثابت ٿيندي.
    سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھ ٽنڊي الهيار ضلع ۾ پيپلز پارٽي جي نئين تنظيم ڪاري آهي جنهن م کين صاف شفاف ڪردار جا ماڻهو تنظيم ۾ آڻڻا پوندا. ڪنهن به حوالي سان داغدار ڪردار رکندڙ ماڻهن کي عهدن تي آڻڻ پارٽي لاء نقصانڪار ٿيندو.
    ٻيو وڏو چئلينج پيپلز پارٽي جي مخالف ڌر مگسي اتحاد آهي. پيپلز پارٽي جي وڏي عرصي ۾ حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود وڏي تعداد م ووٽ کنيا آهن. جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. مگسي اتحاد کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ملڻ ان جو سبب عام ماڻهن جا مسئلا آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽پيپلز پارٽي بطور تنظيم ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ دلچسپي رکندي ته عام ماڻهو کي رليف ملي سگهندو. سندن نيڪنامي ٿيندي. بهرحال پتافي فيملي تي قدرت ۽ وقت مهربان آهي. في الحال سندن بلي بلي آهي. ڏسجي هي فيملي ماڻهن جي ڪيترو ڪم اچي ٿي. ايندڙ وقت ڪنهن کي ڪٿي ٿو پهچائي اها خبر رب پاڪ کي آهي.
    Dars Ghulamrasool
    Ghulam Rasool Nohario
    Munwer Ali
    Jhando Solangi
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو