"مئا منجھ مقام، سڪن سلامن کي " جنهن بزرگ هي سٽون چيون آهن. برحق سچ چيون آهن. اسان دنيا جي ڪاروهنوار ۾ ايترا غافل بڻجي ويندا آهيون. جو اهو وساري ويهندا آهيون. اهڙيون هستيون هيون. جن جو سڀ ڪجھ اسان هئاسين. اسان ۾ سندن ساه ٽنگيل هوندو هو. جيستائين ڪڪڙ وانگر اسان کي پنهنجي ڪوڙي ۾ نه ڪندا هئا کين ماني نه وڻندي هئي. اسان گهر کان ٻاهر ڪم سان نڪتل هوندا هئاسين ته سندن اکيون در م اٽڪيل هونديون هيون. اسان جون راهون پيا نهاريندا هوندا هئا. اڄ اسان جي غفلت جي حد اها آهي جو سندن تربت تي دعا لاء ويندي به وقت لڳي ويندو آهي. زندگي ڏاڍي مٺي آهي. زندگي تي استاد بخاري پورو ڪتاب "زندگي او زندگي" نظم جي صورت م لکي ڇڏيو. پر زندگي جو سفر به ڪٿي پڄاڻي تي ضرور پهچڻو آهي. جيئن وتائي فقير درويش جي تربت تي لکيل آهي "جيئن اڄ آئون آهيان تيئن سڀاڻي توهان کي به ٿيڻو آهي" بيشڪ اها حقيقت آهي. ڪافي ڏينهن جي برسات جو بهانو بڻيو ڪجھ فطري سستي به ٿي آهي. اڄ شهر خموشان چڪر لڳائجي، دعا گهرجي، پوکيل ٻوٽن جي سال سنڀال لهجي پاڻي ڏجي . اهوئي ارادو آهي. الله پاڪ اسان سڀني والدين عزيز و اقارب جيڪي جهان ڇڏي ويا آهن. تمام اهل ممات وارن تي رحم ۽ ڀلايون ٻاجھ فرمائي ۽ اسان حال حيات مائٽ عزيز اولاد جڳ جهان جي ٻچن جو خير فرمائي رزق روزي جي تنگدستي دور فرمائي، بيمارن، تڪليفن، مشڪلاتن، آزمائشن، سازشن شيطان جي شر کان پناه ۾ رکي آمين.