ٺٽي ضلعي ۾ موجود سونڊا وارو تاريخي قبرستان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ امين جويو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2024۔

  1. امين جويو

    امين جويو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2024
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ٺٽي ضلعي ۾ موجود سونڊا وارو تاريخي قبرستان



    امين جويو


    سونڊا وارو قديم ۽ تاريخي قبرستان ٺٽي ضلعي ۾ موجود مڪليءَ جي قبرستان کان پوءِ سڀ کان وڏو قبرستان آهي. هتي موجود هزارين قبرن مٿان خوبصورت ۽ مختلف قسم جي ڊزائينن واري اُڪَرَ جو ڪم ٿيل آهي. سونڊا شهر مُک قومي شاهراهه تي واقع آهي ۽ هي ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر- اوڀر طرف موجود آهي.هي تاريخي قبرستان ، جِهرڪ شهر کان ڏکڻ - اولهه طرف ڇهن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ٺٽي/ جهرڪ واري روڊ سان لڳو لڳ واقع آهي. هن رستي جي وَٽِ سان ئي هڪ مٿانهون هَموار پوٺو آهي ، جيڪو گهڻو اڳتي نڪري ٿو وڃي ۽ هڪدم زمين جي سَنوت ۾ اچي ، سنڌو درياءَ جي اولهه ڏانهن موڙ واري گولائيءَ جي چوڌاري ڦري اچي ٿو.

    سونڊا وارو هي قبرستان اُن هيٺاهينءَ زمين تي واقع آهي، جنهن جي ايراضي لڳ ڀڳ ٻه ڪلو ميٽر هم چورس ٿي ويندي.قديم آثارن جي ڄاڻو مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ لکيو آهي ته ”هي قبرستان بلوچن جو آهي“.

    جڏهن ته سائين بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ اها راءِ ڏئي ٿو ته ؛ ”سورهين ۽ سترهين صديءَ جون هي قديم قبرون ڪنهن وڏيءَ جنگ جو پتو ڏين ٿيون ، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته آخر اها جنگ ڪنهن جي وچ ۾ ٿي هوندي“

    ان کان سواءِ جيمس برجيس ، جنرل هيگ ۽ ٻين ڏيهي توڙي پرڏيهي ليکڪن پڻ سونڊا واري تاريخي قبرستان بابت لکيو آهي .

    منهنجي خيال ۾ سونڊا واري تاريخي قبرستان ۾ لڳل خونريز جنگ جا پيرا کڻڻ لاءِ اسان کي ” تاريخ فيروز شاهي “ پڙهڻ گهرجي ، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ؛ ” سنڌ ۾ سونڊا واري ماڳ تي سن 1351ع ۾ دهلي جو سلطان محمد بن تغلق مارجي ويو“

    ڪيئن مارجي ويو؟ ڪنهن جي هٿان مارجي ويو؟ اهو هڪ الڳ موضوع آهي ، جنهن تي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ تفصيل سان عَوامي آواز اخبار ۾ لکبو. في الحال هتي سونڊا وارو تاريخي ۽ اُڪر ٿيل قبرن وارو قبرستان ڏسڻ جو شوق رکندڙن لاءِ ڪجهه اهم صلاحون ڏجن ٿيون ؛

    1. جيڪڏهن ڪراچيءَ منجهان صبح جو سوير ڀَرو نڪرجي ته هي ماڳ هڪڙي ڏينهن ۾ ئي گهمي ڦري واپس ڪراچي پهچي سگهجي ٿو.

    2. سونڊا جي ڪنهن مقامي ماڻهو سان ضرور رابطو ڪرڻ گهرجي ، جيڪو اتي چڱي نموني سان گهمائي ڦيرائي سگهي ۽ علائقي بابت ٻي اهم ڄاڻ پڻ ڏيئي سگهي.

    3. سونڊا وارو هي قبرستان مُک قومي شاهراهه تي موجود آهي ، تنهن ڪري سياحن کي پنڌ ڪرڻ يا هن کي ڳولهڻ جي جستجو نه ڪرڻي پوندي.

    4. سونڊا ۾ موجود ڳاڙهو حلوو تمام گهڻو مشهور آهي ، سو سياحن کي اهو ضرور چَکڻ ۽ خريد ڪرڻ گهرجي.

    5. سونڊا سان گڏ ڪينجهر جو سير پڻ ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن وقت جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته سياح سونڊا سان گڏ ڪينجهر ۽ مڪلي پڻ ترتيبوار گهمي سگهن ٿا.


    سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي ۽ سياحت کاتي وارن لاءِ ڪجهه اهم صلاحون


    1. سونڊا قبرستان ۾ موجود اُڪَرَ واريون قبرون سِمَ ، سيڪَ ۽ برساتن جي ڪري ڳَري ختم ٿي رهيون آهن . تنهن ڪري سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته ، انهن جي بچاءَ لاءِ ترت اپاءَ وٺن.


    2. هن قبرستان کي چئوديواري جي تمام سخت ضرورت آهي ، تنهن ڪري لاڳاپيل کاتي وارن کي گهرجي ته هتي جلد ئي هڪ بائونڊري وال ڏيارين ۽ هتي ڪجهه معلوماتي بورڊ به لڳرائين.


    3. جيئن ته هي قبرستان مُک قومي رستي تي ٺهيل آهي ، تنهن ڪري هتي اداري پاران ڪو رهائش جو بندوبست هئڻ گهرجي. ان سان گڏ سياحن جي ويهڻ لاءِ بينچون ۽ اُس کان بچڻ جو به انتظام پڻ هئڻ گهرجي.


    4. سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي ، سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي گهرجي ته سونڊا جي قديم تاريخي قبرستان تي ڪو سيمينار يا ڪانفرنس ڪرائين ته جيئن ان جي اهميت اجاڳر ٿئي ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه جي ماڻهن کي هن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي.

    5. سنڌ حڪومت جي مٿي ڄاڻايل کاتن کي گهرجي ته سونڊا ۽ سنڌ ۾ موجود ٻين قديم تاريخي ماڳن مڪانن ۽ سياحت لاءِ موزون جاين جا بروشر ٺهرائين ۽ اهي بروشر ملڪ جي مختلف ايئرپورٽن ۽ عوامي جاين تي رکرائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو