سنڌي ٻوليءَ جو سياسي پس منظر...!

'ڪالم' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    سنڌي ٻوليءَ جو سياسي پس منظر...! فقير محمد سنڌي.
    تاريخ هر ملڪ ۾ هزارين ورهين جي روايتن بعد آبھوا جدا جدا نسلن جي رسم رواجن ماحول مذهبي عقيدن وغيره جي اثرن جي ڪري اتي جي رهاڪن جا قومي ڪردار ٺهن ٿا پنهنجي ٻولي ۽ تاريخ تي نظر وجهنداسين، اسان کي پتو پوندو ته ٻوليون قومن جي سڃاڻپ جو ذريعو هونديون آهن. اسان جي ٻولي يعني سنڌي ٻوليءَ کي ڪيتريون ڏکيائيون پيش آهن. ان کان اسان ڀلي ڀت واقف ضرور آهيون پنهنجي ڌرتي تي مسلسل يلغار ون ٿينديون آيون آهن انھن اسان کي ڪيترو نقصان ڏنو آهي. هن وقت به اها ئي ڪوشش هلي رهي آهي، تہ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت ڪافي سرگرم نظر اچي رهي آهي،سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ ٻولي بابت پروگرام ٿي رهيا آهن. اهڙي ڪوشش سنڌ جي اديبن، ڀٽي جي دور ۾ به ڪئي ان ڪيترو رنگ لاٿو. ان وقت پاڻ کي عوام آڏو سرخرو ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان کي قومي قومي ۽ سرڪاري زبان بنائڻ لاءِ جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. ان وقت ان پارٽيءَ جي همدرد شاگردن بک هڙتال ڪرڻ شروع ڪئي. انهن سان واعدو ڪيو ويو ته اهڙو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪري پاس ڪرايو ويندو. جڏهن اها خبر هجرت ڪري آيل مهاجرن ۽ پنجاب کي پئي انهن يڪدم آئين ۾ اردوءَ کي قومي زبان بڻائي ڇڏيو. ان تي سنڌين ۾ ناراضگي پيدا ٿي جنهن کي مٽائڻ لاءِ هنن سنڌي زبان کي سنڌ ۾ واحد سرڪاري زبان بنائڻ جو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري پاس ڪرائڻ جو اعلان جو اعلان ڪيو. ڀٽي صاحب کي مٿين آقائن ايئن ڪرڻ نه ڏنو. نيٺ سنڌي زبان کي صرف صوبائي زبان بنائڻ لاءِ مھاجر ناراض ٿي پيا ۽ سنڌ ۾ فساد شروع ٿي ويا. انهن فسادن ۾ سنڌين کي تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان پهتو. وري به سنڌي ٻوليءَ جو ڪم بند ڪيو ويو پر ان سان گڏ سنڌ کي ٻيو نقصان اهو رسيو جو سنڌ کي ٻن زبانن جو صوبو بڻايو ويندو هڪ سنڌي ۽ ٻي اردو زبان. سنڌ ۾ اهو حڪم به سادر ڪيو ويو ته سنڌ ۾ مکيا عهدا مھاجر ۽ سنڌين ۾ مساوي طور ورهايا ويا انهن کي مد نظر رکي هنن مير رسول خان کي گورنريءَ تان لاهي بيگم لياقت علي خان کي گورنر مقرر ڪيو. ان مکيه شرط بہ اهو رکيو ويو اڳئين دستور کي مٽائي سنڌ ۾ نوڪري ڪندڙ مھاجر کي ٻارنهن سالن لاءِ سنڌي زبان سکڻ جو شرط لاٿو ويندو. ان وقت ڪافي شرط هئا سڀ جو سڀ سنڌي قوم ۽ زبان لاءِ نقصانڪار هئا. اها لوڙ سنڌي قوم اڄ تائين لوڙي ٿي پئي. ان وقت به سنڌي شاگردن کي جيلن ۾ موڪليو ويو هو انهن کان نوڪريون کسي ڪري انھن جي جاءِ تي مھاجرن لاءِ راءِ هموار ڪئي وئي جيڪا هن وقت بہ هنن لاءِ ساڳي راھ هموار ٿيل آهي. هوڏانهن سنڌ جي يونيورسٽين خالي ڪرائي انھن ۾ فساد ڪرائي انھن جاين تي نوان ماڻهو مقرر ڪري سنڌي ٻولي ۽ قوم کي شديد کان شديد نقصان پھچايو ويو.
    سنڌي قوم کي ان وقت هڪ سنگين موڙ کان گذر ڪرڻو هو جيڪو ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي قبضو مرڪزي حڪومت جو هو. جنهن تي رڳو اردو ٻولي جي فروغ ۽ ڪلچر جي واڌاري لاءِ ڪتب آندو ويو جيڪڏهن ڪو سنڌي پروگرام نشر بہ ڪيو ويندو هو ته اهو به ٻڌڻ لاءِ قوم کي سور ئي سور ملندا هئا. جيڪي سور اسان جي پلوَ ۾ پيا آهن اهي سور اسان جا پنهنجا آهن ڇاڪاڻ، ته اسان مهمان نواز آهيون. مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندا آهيون. ان ڪري اسان وٽ هڪ چوڻي آهي.
    آئي ٽانڊي ڄاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي.
    ٻاهران آيلن اسان جي مهمان نوازي جو غلط فائدو وٺي ڪري اسان تي ئي قابض ٿي ويا آهن. اهڙي طرح سنڌي زبان سان اڃان تائين ماٽيلي ماءُ وارو برتاءُ نہ گهٽيو، هوڏانهن وري بورڊ تي پهرين غير سنڌي سرڪاري آفيسر مقرر ڪيا ويا. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌين جو واحد مورچو هو جنهن تي بہ هنن جي نظر پئي ان جي بجيٽ سان هٿ چراند ڪئي وئي. بورڊ ۾ جيڪي منصوبا رٿيل هئا انهن کي روڪيو ويو انهن منصوبن مان ڪجھ هيءُ بہ هئا.
    سنڌيءَ کان سنڌي ڊڪشنري، انگريزيءَ مان سنڌي ڊڪشنري، سنڌ جي تاريخ لکائڻ، سنڌي انسائيڪلوپيڊيا لکائڻ، ٻين ٻولين جي ڪلاسيڪل ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ، سنڌي ڊراما لکائي انهن تي اسٽيج ڪرائڻ ۽ فلمون ٺهرائڻ، لوڪ ادب جي سروي ڪرائڻ، سنڌ ۾ جديد سائنسي ۽ هنري لفظن جو ترجمو ڪرڻ ۽ سنڌي شارٽ هينڊ لکڻ سنڌي ٽائپ تيار ڪرڻ اهي سڀ ڪم رهجي ويا ان جي مقابلي ۾ انجمن ترقي اردو کي هندن طرفان ٺهيل وڏيون جايون سپرد ڪري لکين رپيا گرانٽون ڏئي اردو بورڊ قائم ڪري اردو جي همت افزائي ڪئي وئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي خارج ڪرائي ان جي جاءِ تي اردو کي رکيو ويو. سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي بند ڪرائي انهن تي پابنديون لڳرايون ويون. سنڌي ادب جي ڪافي ڪتابن تي پابندي مڙهي وئي.
    سنڌ جي نالي کي هر جڳھ تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ايتري قدر جو حيدرآباد سنڌ ريلوي اسٽيشن تان سنڌ جو نالو ڪڍايو ويو. ريلوي اسٽيشن جي نالن، رستن جي پٿرن، ووٽرن جي لسٽ کي اردو زبان ۾ لکرائي سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا.
    جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل ڪجھ ڳالهين جي طرف ڌيان ڏينداسين ته پنهنجي قوم جي زبان تمام گهڻيون ناجائزيون ڏٺيون آهن ۽ وقت اسان کي سٺو تجربو بہ ڏنو آهي ۽ وقت اسان کي تمام گهڻو سيکاريو به آهي. دوست ۽ دشمن جي تميز ڪري سگهون ٿا. " سنڌي ٻولي قومي ٻولي" جو مسئلو اسان سڀني سنڌين جو آهي. رڳو اديبن ۽ شاعرن جو ناهي هن ۾ هر ان سڌيءَ کي حصو وٺڻ گهرجي جيڪو سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿو، لکي پڙهي ٿو هن وقت حڪومت بہ سنڌي فردن جي آهي هن ملڪ جو صدر بہ سنڌي آهي. جن بہ دوستن ٻوليءَ جي ڪم کي کنيو آهي انهن کي عرض تہ بلند حوصلن سان ان ڪم کي سر انجام ڏيو.
    گلابن جا خواب آهن ڪنڊن جي سيج تي، تتل لوھ جو ڪفن آهي، ڏسون ته هن ڀيري پار پئون ٿا يا نه، ارادا تہ اٽل آهن. کٽائي ڀاڳ چون ٿا ته دنيا جا عظيم مجاهد ۽ انقلابي جڏهن حياتيءَ جي لال ڪنوار کان ڪاوڙجي موت جي ڪاري ديوي سان ٻکين پوڻ وارا هوندا آهن، تڏهن سندن دل جي آخري ڌڙڪنن تي پنهنجي ڌرتي ۽ عوام جي آزادي ۽ انقلاب جو ساز هيٺين نموني سان وڄندو آهي.
    جي جيون تو ۾ سنڌ نہ آ،
    پوءِ منهنجي توکان دوري آ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو