ڌرتيءَ جو درد....... غلام رسول چانڊيو دنيا جون حسين ڌرتيون ھميشھ دردن جي دونھين ۾ دکنديون رھيون آھن ۽ انھن حسين ڌرتين تي جبر جي اھڙي آڳ ٻاري ويندي آھي جيڪا سڀ ڪجھ ساڙيندي بسم ڪندي ويندي آھي. احساس جلندا آھن، اجتماعي ٻَڌيِ سَڙندي آھي، قومي سڃاڻپ گھگھُ دونھين ۾ ڪاراٽجي پنھنجو حسين چھرو وڃائي ويھندي آھي ۽ پوءِ ٿيندو ڪجھ اھو آھي جو ان ڌرتيءَ جا درياءَ کسجي ويندا آھن، ڍنڍن ڍورن تي قبضا ٿي ويندا آھن، جبلن کي کاٽ لڳندا آھن، ڪوئلي جھڙي ڪاري سون مان بجلي ٺاھي، حڪمران طبقو ته روشنين ۾ عياشيون ڪندو آھي، پر ڌرتي ڌڻي اونداھين جي انڌيرن ۾ زوري ساھ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. رڳي اھوڪٿي! وسيلن جو زَرو زَرو ڌاڙيلن وانگر ڦريو ويندو آھي ۽ اھڙين امير ڌرتين جا ماڻھو غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذارڻ لڳندا آھن، پوءِ کانئن نه رڳي ماضيءَ جون حسناڪيون وسري وينديون آھن پر انھن جون اميدون به شھيد ٿي وينديون آھن. سنڌي قوم سان به ڪجھ ائين ٿي رھيو آھي، سرداري ۽ ڀوتارڪي جھان جا تکا ڏند اسان کي چٻاڙي رھيا آھن، اسان جو ماس روڙيو پيو وڃي، اسان فتح ڪيل ھڪ اھڙي قوم جو ڏيک ڏئي رھيا آھيون جنھن جو ڪو ڌڻي سائين ناھي. ڪو باضمير آواز اٿي ٿو ته ان آواز جي سيني ۾ گولين جو بارود وڌو وڃي ٿو. ڇا اھو الميو ناھي ته ھي شاھوڪار ڌرتي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي! ڪاروبار کسيا ويا آھن، ننڍن آبادگارن کان ڀوتارن پاڻي کسي ڇڏيو آھي، مذدوري ملي ڪا نه ٿي، نوڪرين جا اگھ مقرر ٿيل آھن، ساھ کڻڻ تي به ٽيڪس لڳايو ويو آھي. پئٽرول ايترو مھانگو جو موٽر سائيڪل ھلائڻ به محال ٿي پيو آھي. گھگھ اونداھي آھي، جنھن ۾ بي دِيدَ ٿي، مايوسين جي مَڻن ھيٺ ائين جيِ رھيا آھيون جو ڄڻ ته اسان جو ڪو اتھاس ئي نه ھيو، اسان جي ڪا تھذيب ئي نه ھئي، اسان جون ڪي شاندار روايتون ئي نه ھيون. سچ ته ڀوتارن جا جانور به ڌرتي ڌڻين کان ڀلو کاڌو کائين ٿا. نصرالله گڏاڻي ڪنھن به ڀوتار کي بندوق نه ھنئي ھئي، ھن ته صرف سچ ڳالھايو ھيو ۽ سچ کي پنھنجو آدرش بڻائي جيِ رھيو ھيو، پر ڪوڙ جي ڪوڙھ ۾ ورتل ڀوتارڪي جھان کيس نه بخشيو ۽ رھزني جي انتھا ڪندي کيس بارود جي بوءِ ۾ شھيد ڪيو ويو. ھڪ طرف سچ ٺٺول بڻجي پيو آھي ته ٻي طرف سچ جي سسيءَ کي اڏيءَ تي رکيو ويو آھي. ڪرپشن، بدعنواني، بي ايماني ۽ بي حيائي کي ته ڀوتارن پنھنجو نه رڳي حق سمجھي ورتو آھي پر اھڙين بد اخلاقين تي فخر به ڪن ٿا. ظاھر آھي ته رياستي طاقت جي اوبر جو مليل اٿن! صوبيدار سندن مرضيءَ سان مقرر ٿئي، ايس ايس پي ۽ ڊي_سي سندن مرضيءَ سان مقرر ٿئي، پبلڪ سروس ڪميشن کي خريد ڪري ورتو اٿن، ھن دفعي سترھين گريڊ جي قيمت ھڪ ڪروڙ ھئي، ظاھر آھي ته آفيسر شاھي ۾ به سندن اولاد ئي لڳل آھي، جيڪو پاڻ کي عوام جو خادم سمجھڻ بجاءِ حڪمران سمجھي ٿو. اھڙي قسم جي صورتحال ۾ ماڻھو مايوسي، ويڳاڻپ ۽ غلاميءَ جي اھڙي جھان ۾ جيِ رھيا آھن جو سندن آسرا به ھاڻ مرڻ لڳا آھن. صحافت سماج جو وڏو مورچو آھي پر بدقسمتيءَ سان اتي به ڀوتارڪي جھان اسان جي قسمت سان کيڏيو آھي. وڏي اڪثريت صحافين جي ڀوتارن سان ڦوٽو ڪڍائڻ کي پنھنجي ڪاميابي سمجھي ٿي ۽ اھڙا اھڙا دنڌا ڪن ٿا جو ڪنڌُ ھيٺ ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪي باضمير آھن، انھن سان وري شھيد نصرالله گڏاڻي واري ڪارِ ڪئي ٿي وڃي. صحافت ھڪ الڳ مضمون گھري ٿي، جنھن تي آءُ ھڪ تفصيلي ڪتاب لکي رھيو آھيان، پر في الحال رڳي انھن پروٽوڪول صحافين جا منظر سوشل ميڊيا تي ڏسي سمجھي وڃو ته اسان جي صحافت ڪٿي بيٺي آھي، جيڪو به سچو صحافي آھي، اھو ڪڙي نگراني ۾ جيِ رھيو آھي. سو نااميدي جي ٽياس تي ٽنگيل اسان جي قوم کي گھگھ اونڌاھي مان ڪڍڻ لاءِ انھن عظيم ڪردارن جي سخت ضرورت آھي، جيڪي اميد جون ڏياٽيون ٻاري مظلوم سنڌ جا ڀرجھلا ٿين. اھو سڀ ڪجھ ممڪن آھي ۽ يقيني پڻ! رڳي ھڪ معتبر ۽ سچي صحافي نصرالله گڏاڻي جي شھادت ئي ڀوتارڪي جھان کي ڌپارو بڻائي ڇڏيو آھي پر جيڪڏھن اھڙا ھزارين ڪردار پيدا ٿي پيا ته پوءِ سنڌ جا سور ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويندا. چوڏھين پنڌرھين صدي جي يورپ کي ڏسون ٿا يا اڃان به ڪالھوڪي چين تي نظر ڦيرايون ٿا ته انھن جي حالت اسان کان به بدتر ھئي پر اڄ سڄي دنيا مان ماڻھو يورپ ۾ وڃڻ چاھين ٿا، جيڪڏھن ھٽلر جي جرمني فلاحي رياست ٿي سگھي ٿي ته پوءِ سنڌ غلاميءَ مان آجي ڇو نه ٿي ٿي سگھي؟ اھڙي طرح آمريڪا جي ڪارن سان جيڪو اَنياءُ ٿيو اھو تاريخ جي ورقن ۾ موجود آھي، پر دنيا ڏٺو ته آفريڪا کان غلام بڻائي کڻي ايندڙڻ جڏھن غلامي کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي، ته اھي آمريڪا جا ڪارا پنھنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ انھن مان ئي بارڪ اوباما دنيا جي سپر پاور آمريڪا جو صدر بڻجي ويو. جن به ماڻھن ”غلامن جو ٻيڙو“ ڪتاب پڙھيو آھي انھن کي ان ڳالھ جو چڱي طرح ادراڪ آھي ته ظلم ۽ جبر جڏھن به انتھائن کي ڇھندو آھي تڏھن اھو ظلم پنھنجو پاڻ کي کائڻ لڳندو آھي، اسان وٽ به ان جي شروعات ٿي چڪي آھي، طاقت جون سڀئي صورتون ڏھاڪن جي ظلم، بربريت ۽ انياءَ کان پوءِ ھڪ ٻئي خلاف ڄڻ ته جنگي حالت ۾ آھن، ھن ملڪ جي معيشيت ويھي چڪي آھي، حڪمرانن ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ ڪالھ جا سياسي دشمن گڏجي اقتدار جي ڪرسين تي ويٺا آھن. اھا حيرت جي ڳالھ نه آھي ته عمران خان جھڙي قومن جي انڪاري سياستدان ھتان جي جملي قوتن کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آھي ۽ اھڙي صورتحال پيدا ڪئي اٿس جو ننڍين قومن کي غلام بنائيندڙن ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھڻندڙن کي ويڙھائي بڇڙو ڪيو اٿس. اھو سڀ ڪجھ ڪو اوچتو يا پاڻ ھرتو نه ٿيو آھي پر تاريخي طور جبر ڪڏھن به ڪٿي ڪامياب نه ٿي سگھيو آھي. تنھنڪري اھو سمجھڻ تمام ضروري آھي ته سنڌ سان ذيادتيون ڪندڙ به ڪڏھن ڪامياب نه ٿي سگھندا پر ان لاءِ ضروري آھي ته سنڌ پنھنجن اميدن کي جيئدان ڏئي، معطل ٿيل سياسي عمل سائنسي بنيادن تي بحال ڪري، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنھنجن ماڻھن کي ” ڪجھ نه ٿيندو“ واري نفسيات مان ڪڍي ”سڀ ڪجھ ٿيندو“ واري نفسيات قوم ۾ پيدا ڪن ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي ويندو. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته رڳي اڪيلا واقعا ۽ سوشل ميڊيا جو دٻاءُ ئي حڪمرانن ۾ ڪنبڻي وجھي ڇڏي ٿو، پر جي قوم اميدن سان سرشار ٿي اٿي پئي ته پوءِ نه رڳي ڀوتارڪي جھان مان آجي ٿي پوندي پر پنھنجا ڦريل وسيلا به واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ويندي. يقين رکڻ کپي ته ست ڪروڙ آبادي رکندڙ قوم کي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگھي جيستائين ھوءَ پنھنجو پاڻ کي ختم نه ڪري، تنھن ڪري اميدن، ھمٿن، حوصلن ۽ قرباني سميت لاڳيتي جدوجھد سان سنڌ ماڻھن کي اڳتي وڌڻ جي اشد ضرورت آھي ۽ سياسي حالتون به ھن وقت سنڌ جي حق ۾ آھن.
علي بخش .......... غلام رسول چانڊيو پوءِ ٿيو ڪجھ ھيئن جو ڏيکاءَ ۽ منافقي جي جھان ۾ علي بخش اچي اڪيلو ڦاٿو... “نالو ڇا اٿئي؟“ ”علي بخش“ ”ڇا ڪندو آھين.“ ”پورھيو، سڀن سان محبت ۽ ھر ڪنھن جي بي لالچي خدمت“ ”ھا ھا ھا ھا ھا“ ”سائين ٽھڪ پيا ڏيو؟“ ”بيوقوف ڪنھن جاءِ جا، ھي دنيا ڏيکاءَ، لالچ، منافقي، اصليت کي لڪائڻ، ظاھري ڏيک ويک ۽ ھر قسم جي بي ايماني جي دنيا اٿئي، تون آھين سو وتين آدرشن ۽ انسانن جون ڳالھيون ڪندو، چريا چرٻٽ، ٺاھيو پنھنجي گھر به نه اٿئي، رھين پيو سرڪاري ڪواٽر ۾ ۽ وتين ٿو سچائي جي ڳالھ ڪندو، چريا ڀوڪ، جيڪو واءُ لڳي ان کي سامھون ٿجي، تون چاھين ته ڪروڙن ۾ کيڏي سگھين ٿو، وڏن وڏن ماڻھن سان واسطا وڌائي سگھين ٿو، ڳالھڙ ته ھونئن ئي آھين، ھر ڪو توکي وڏو دانشور به سمجھي ٿو، پئسي جي دنيا اٿئي، 20 تاريخ کان پوءِ اوڌر کڻڻ بجاءِ ماڻھن کي ڏيندين، رات اچجانءِ ته توکي سمورو قصو سمجھائيندس“. ”سائين پو ڇا ڪريان؟“ ”ڇا وري ڇا، جنھن سان ملين ته ٻئي جي گلا ڪر، ڪوڙ سوڙ ٺاھي وڏن آفيسرن کي خوش ڪر، آدرشن جي نالي تي اھڙو تاثر ڏي جو ماڻھو سمجھن ته ھن جھڙو ڪو معتبر ناھي، بُل ملئي ته ڪنھن کي به معاف نه ڪر، ترا ڪڍي رکينس، چمچاگيري جون آخري سرحدون پار ڪري وڃ، جيڪو به اڌ اکري ملئي ته ان کي علم جو درياءُ سڏ ۽ کيس مشھور ڪر ته بس ھن ھمراھ تي علم دنگ آھي، ڪم پوئي ته بنھ پيرن تي ڪري پئينس“. ”سائين توھان جي وڏي مھرباني پر آءُ بي غيرت ٿي زندگي گذارڻ کان اڳ خودڪشي کي ترجيح ڏيندس، لعنت ڪريان منافقي ۽ اھڙن آدرشن تي جيڪي مون کي ماڻھن سان دوکو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻا پون.... ٻڌ سائين، زندگي ۽ موت ٻئي شانائتا، ھر گھڙي سرڪش بڻائي گھارجان..... اوھان مون کي انسان دشمني، وطن سان دوکي ۽ ضمير کي ذليل بڻائڻ جون صلاحون پيا ڏيو، سو آءُ اوھان تي به ھڪ لعنت وجھي موڪليان ٿو.....“ ”ھل ھتان.........جا پٽ“ ۽ علي بخش مسڪرائي ويندي ويندي چيو...”صاحب تون پنھنجي ماءُ کان پڇجان ته ڪنھنجو پٽ آھين؟“ آءُ پنھنجي زندگيءَ تي ڪتاب لکي رھيو آھيان، جنھن ۾ تو جھڙا ڪيترا حرامي ڪردار به پڌرا ٿيندا“....
ٽي بصر ۽ ست ڀاتي....... غلام رسول چانڊيو يوٽيلٽي اسٽور اڳيان قطار تمام ڊگھي ھئي، علي بخش گذريل ٽن ڏينھن کان ان قطار ۾ بيھي ٿو پر وچان الاءِ ڪنھن جا شناختي ڪارڊ اچن ٿا ۽ اٽي جا ٿيلھا انھن حوالي ٿي وڃن ٿا، جڏھن علي بخش جو وارو اچي ٿو ته اسٽور تان اٽو ختم ٿي وڃي ٿو، علي بخش مايوس ٿي عام دڪان تان اٽي جو ھڪ ڪلو 150 ۾ خريد ڪري ٿو، باقي وٽس ساڍا ٽي سئو بچن ٿا، اڌ ڪلو کنڊ 60 روپين ۾ مليس ته باقي وڃي 290 روپيه بچيس، اڌ پاءُ پتي 150 روپين جي ورتائين ته باقي وڃي ھمراھ وٽ 140 روپيه بچيا، اڌ پاءُ مرچ 100 روپين ۾ ورتائين ته باقي بچيس 40 روپيه ....... سڄو ڏينھن مزوري جي ڪري ٿڪاوٽ سندس وجود کي ھيڻو ڪري ڇڏيو ھيو. علي بخش کي چڙ آئي ته ڏھين ڏھين جا چار ئي نوٽ ڦاڙي ڇڏي پر ھن ميڊيڪل اسٽور تان منٿون ڪري 20 روپين جون پيناڊال ورتيون ۽ 20 روپين جون پن جون ٻيڙيون....... علي بخش اڄ اوڌر تي صرف اڌ ڪلو بصر خريد ڪري سگھيو، بصر صرف ٽي مليا، پنج ٻار، گھرواري ۽ پاڻ! ست ماڻھو ٽي بصر! يوسف چوڪيدار آھي، پگھار 25000 اٿس، ڀاءُ لالو کي تازو نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، لالو کي ست ٻار ۽ يوسف کي 5 ٻار آھن، يوسف راشن واري جو قرضي، ڀاڄي واري جو قرضي، ميڊيڪل اسٽور واري جو قرضي ..... قرض يوسف جو مقدر بڻجي چڪو آھي. ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ تي چار دانشور فلسفي تي ڳالھائي رھيا آھن ۽ چئن ئي ڄڻن جون امڙيون بنگلن تي ڪمائينديون آھن. ڪامريڊ قادر چيو ” انقلاب لاءِ حالتن جو سازگار ھجڻ ضروري آھي، اسان وٽ انقلابي حالتون پيدا نه ٿيون آھن“، ڪامريڊ بچل ديشي چيو ته ” سڀن مسئلن جو حل قومپرستيءَ ۾ آھي، طبقاتي مسئلو پوءِ جي ڳالھ آھي“، قراردادي ڪامريڊ دودي دانھن ڪئي، ” جيڪڏھن اڄ به چاليھن جي قرارداد تي عملي ٿئي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا“، ان ڳالھ تي ڪامريڊ مولابخش پنھنجي آخري راءِ ڏني، ” اسان جي قوم جاھل آھي، جيستائين سڄاڳي پيدا نه ٿيندي، تيستائين تبديلي نه ايندي“. بنگلي ۾ ڀوتار جي ٽيبل تي بليڪ ليبل جي بوتل، بادام، پشتا، ڀڳڙا ۽ شيشي جا گلاس پيا آھن، ھن کي انتظار آھي ته رئيس سڪندر سنگت سميت ڪھڙي وقت پھچندو. اڪيلي سِر جويريا جو رقص کيس مزو نه ڏئي رھيو ھيو. صحافي ايم پي اي ڌڱاڻي خان جي بنگلي تي پھتو، نوڪر کي نياپو ڏنائين، نوڪر تڪڙو موٽيو ۽ پنج سئو جو نوٽ صحافي جي ھٿ ۾ ڏيندي چيائين ته، ” صاحب چيو آھي ته اسان جي خاندان جون جمھوريت لاءِ وڏيون قربانيون آھن، جمھوريت جي حفاظت لاءِ ھر قسم جي سختين کي مُنھن ڏينداسين“، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽي تي پٽي ھلڻ شروع ٿي وئي، ” جمھوريت لاءِ اسان جي خاندان جون وڏيون قربانيون آھن؛ ايم پي اي ڌڱاڻو خان. ٻي ڏينھن تي ٻن ٽن اخبار ۾ ٽي ڪالمي خبر لڳي جنھن ۾ ڌڱاڻي خان صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ” جمھوريت بھترين انتقام آھي، اسان جمھوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آھن، اسان جي عوامي پارٽي آھي، عوام اسان سان گڏ آھي، مخالفن کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي“ صحافي کي وڏي ڪاموري کان 500 سئو، يو سي چيئرمين کان پنج سئو ۽ شراب جي گتي تان پنج سئو ۽ ھڪ آڌيو اڳ ئي ملي چڪا ھيا. ڪامورو پنھنجي آفيس ۾ ڪلارڪ سان ويٺو آھي، ڪلارڪ ھڪ ھڪ بل کيس سمجھائي رھيو آھي، ٻاھر ماڻھن جا ھجوم، ”ٽوٽل لک روپين جا بل ٿيا آھن“، ڪاموري جو منھن چڙ ۾ ڳاڙھو ٿي وڃي ٿو، ڪلارڪ ڏي زھريليون اکيون کڻي ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته ” ھن مان ھڪ بوتل ڀوتار ڏي ويندي، ھڪ مون لاءِ، پيزا به مھانگا ٿي ويا آھن، لک مان ڇا ٿيندو، بل وڌاءِ! مٽي ته نه کائينداسين“، ائين چئي آفيس جي ٻي دروازي کان نڪري وڃي ٿو ۽ ٻاھر ماڻھن واري ھجومن جي ھٿن ۾ درخواستون ڪلارڪ وٽ جمع ٿين ٿيون ۽ آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪلارڪ انھن درخواستن کي ٽوڪري ۾ اڇلائي، اندر ئي اندر ۾ ڪاموري کي ڪچي گار ڏئي، اسڪوٽر تي چڙھي ھليو وڃي ٿو. رڪشا وارو نقاب پوش برقعي واري مائي کي روڊ سان پنڌ ويندو ڏسي، رڪشا کي روڪي ٿو، مائي بنا ڪجھ ڳالھائڻ جي رڪشا ۾ ويھي رھي ٿي، شھر جي ھڪ ڳتيل گھٽيءَ ۾ پھچن ٿا، مائي مٿي فليٽ تي چڙھي وڃي ٿي، ڪلاڪ کان پوءِ موٽي، رڪشا ۾ ويھي ٿي ۽ سڌو گھر اچي ٿي، جتي سندس مڙس انتظار ڪري رھيو آھي، ھوءَ مڙش جي ھٿ تي ھزار جو نوٽ رکي برقعو لاھڻ وڃي ٿي ته مڙس گھران نڪري سڌو ھوٽل تي اچي ٿو جتي اڳئي سندس دوست انتظار ڪري رھيا آھن، وڏا ڊاڙا ٺڪا ھڻن ٿا ۽ عورتن جي ڪردار تي نالا وٺي ڪچھري ڪن ٿا، سڀن وٽ ھزار ھزار آھي، پنج پنج سئو ڪڍي ڪڙھائي کائين ٿا ۽ اوڙي پاڙي جي عورتن جي ڪردار تي وڏا ڇوھ ڇنڊين ٿا، ٽھڪ ڏين ٿا..... اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالھين جو آخري رائونڊ ھلي رھيو آھي، سيلز ٽيڪس ۾ اضافي جا شرط قبول، بجلي مھانگي ڪرڻ وارو شرط قبول، سبسڊي ختم ڪرڻ وارو شرط قبول، ٽيڪس لڳائڻ وارو شرط قبول، پئٽرول مھانگو ڪرڻ وارو شرط قبول، مطلب سڀ ڪجھ قبول..... ٽي وي چئنلن تي وڏيون بريڪنگ نيوز ۽ خزاني واري وزير جون ڳالھيون وڏي فخر سان پيش ٿين ٿيون، ملڪ کي ڏيوالي مان ڪاميابي سان ڪڍڻ جي ڪوششن تي واھ واھ لڳي پئي آھي....... علي بخش سوچي ٿو ته ” ڇا بصر، اٽو، گھ، کنڊ اڃان به وڌيڪ مھانگا ٿيندا!؟“. ھڪ سياسي پارٽي جو سربراھ پنھنجي ھٿن سان پاڻ پريس رليز لکي رھيو آھي ته ” عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي، آءِ ايم ايف سان ٿيل معاھدو عوام دشمني آھي، ملڪ گير تحريڪ ھلائينداسين، خاموش نه ويھبو“، ھو سدائين پريس رليز پاڻ لکندو آھي. علي بخش گھر پھچي ٿو، ست ڀاتي ۽ ٽي بصر! سندس گھر واري تڪڙو تڪڙو اٽو ڳوھي ٿي، ماني پچائي، بصرن کي ڪٽي مٿان لوڻ ٻرڪي ٿي ۽ ست ڀاتي ٽن بصرن سان ماني کائين ٿا ۽ پاڻي جو گلاس پي علي بخش شڪرانه ادا ڪري ٿو. ڀوتار جي بنگلي تي رئيس سڪندر سنگت سميت پھچي ٿو ۽ شيشي جي گلاسن ٽڪرائڻ جي آوازن سان گڏ رقص جي محفل شروع ٿي وڃي ٿي......
حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڪٿا......... قديم اٿينس جا جيل زنجيرن جي نالن سان مشھور ھئا. روم ۾ سڀ کان پھريان ڏوھن ڪرڻ تي سزا ڏيڻ جا اصول طئي ڪيا ويا ۽ قيدين کي مختلف جاين ۽ ھنڌن تي قيد ڪرڻ جو رواج پيو. لوھي پڃرن کان عوامي عمارتن جي تھ خانن ۾ ماڻھن کي قيد ڪرڻ جون ريتون پيون. جيلن جي دنيا قبل مسيح کان گھڻو اڳ روم کان شروع ٿيل ٻڌائي وڃي ٿي. آمريڪا ۾ 1790ع دوران ”فلا ڊيلفيا“ ۾ پھريون جيل قائم ٿيو. ڪيترا ماڻھو ان ڳالھ سان اختلاف رکن ٿا پر ميسر تاريخ موجب اھو ئي ٻڌايو وڃي ٿو. اھڙي طرح ”ڪارنھل“ نالي انگلينڊ ۾ 1625ع ۾ باقائده جيل قائم ٿيو. ھيءَ ڳالھ به دل سان نه ٿي لڳي جو برطانيه جي تاريخ پراڻي آھي. ڪارنھل جيل انگريزن وچ ٿيل گھرو ويڙھ ۾ استعمال ٿيو. چون ٿا ته لنڊن قيدخانن جو خالق آھي، ”جرمي بنٿم“ اتان جو پھريون فلاسافر ٻڌايو وڃي ٿو، جنھن موت جي سزا جي سخت مخالفت ڪئي ۽ خيال پيش ڪيائين ته ثابت ٿيل ڏوھاري لاءِ موت جي سزا بجاءِ ھڪ اھڙو قيد خانو جوڙيو وڃي، جنھن ۾ ھو طئي ٿيل عرصي تائين قيد رھي. تاريخ جا وڌيڪ پنا اٿلائجن ٿا ته جيلن جي ڪھاڻين جا قصا ھڪ ھزار سال قبل مسيح ۾، ميسوپوٽيميا ۽ مصر جي قديم تھذيبن تائين وٺي وڃن ٿا. ھن ڌرتيءَ جي گولي تي قيد جي تاريخ پراڻي آھي. ديوارن، کولين، بئرڪن ۽ ڪال ڪوٺڙين کي ڇڏي ڪري، انساني تھذيب جي اوائلي شڪلين ٿي غور ڪبو ته تھذيبي حسناڪين سان گڏ دارَ تي چڙھڻ ۽ قيد جون ڪيئي ڪھاڻيون، آھون ۽ دانھون ڪندي ملنديون. ننڍي کنڊ جي تاريخ جتي تصوف جي تاريخ آھي ته اتي قيد جي تاريخ به آھي. لشڪر ڪشين ۽ قبضن جي ڀيانڪ تاريخ ننڍي کنڊ سان به گھٽ نه ڪئي آھي. جڏھن جڏھن گھوڙن جون ھڻڪارون ٿيون ته ننڍي کنڊ جا گھر ۽ ويڙھا به جيل بڻيا. انگريز دور کي ئي ڏسجي ته اھو دور مزاحمتن، قيدَن ۽ سورِيُن تي چڙھڻ جو دور ھيو ۽ پوءِ جڏھن انگريز ھتان ھليا ويا ته پاڪستان جو وجود پيو. انگريزن سنڌ ۾ 5 وڏا جيل ٺاھيا ۽ ننڍا جيل ته اڻ ڳڻيا ھيا. انھن وڏن جيلن مان حيدرآباد جي ھيءَ سينٽرل جيل به ھڪ آھي. حيدرآباد سينٽرل جيل جي اوچين ديوارن ۾ نه رڳي تاريخ جي وڏن ماڻھن قيد ڪاٽيو آھي پر ھتي سورھيه بادشاھ جھڙي دلير پٽ ۽ باغي به ڦاھيءَ جي ڦنڌي کي بھادريءِ سان ڳچيءَ جو ھار بڻايو ھيو. سينٽل جيل حيدرآباد جون اوچيون ديوارون تاريخ جا ڪيئي قصا بيان ڪن ٿيون. ھي جيل 1894ع ۾ قائم ٿيو، پر ان جو پھريون جيل سپرنٽنڊنٽ ڪير ھيو وارو سوال اڄ به پنھنجو جواب تلاش ڪري رھيو آھي. مليل رڪارڊ موجب 1933ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل جو پھريون جيل سپرنٽنڊنٽ انگريز عملدار آر، جيِ جيپ ھيو، جڏھن ته 1934ع کان 1943ع تائين ليلا رام جيل سپرنٽنڊنٽ رھيو، سندس ئي دور ۾ سورھيه بادشاھ کي مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏني وئي ھئي، ليلا رام کي سورھيه بادشاھ جي ڦاھيءَ کان پوءِ تڪڙو ھٽائي 27 اپريل 1944ع تي گيانچند کي حيدرآباد سينٽرل جيل جو سپرنٽنڊنٽ بڻايو ويو. اھڙي طرح ترتيب وار جيل سپرنٽنڊنٽ مقرر ٿيندا رھيا آسودو مل 27 اپريل 1944ع ٽي پي ڀاواني 2 جنوري 1946ع جي ڊبليو لانگ مين 16 آڪٽوبر 1947ع، پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ مقرر ٿيو. ايڇ اي آفندي 20 جون 1949ع ايڇ ايڇ ايم بلوچ 18 آڪٽوبر 1950ع الله بخش شيخ 18 آگسٽ 1952 ع تي جيل سپرنٽنڊنٽ مقرر ٿيو، ان کان پوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل لاءِ مختلف جيل سپرنٽنڊنٽ مقر ٿيندا رھيا. (بورڊ کي آھستي سلو موشن ۾ رکڻو آھي) ھن وقت عبدالڪريم عباسي جيل سپرنٽنڊنٽ ( ايس ايس پي) آھي جيڪو ٻڌائي ٿو ته سينٽل جيل حيدرآباد سنڌ جي جيلن ۾ تاريخي اھميت رکڻ سان گڏ حساس جيل آھي. عبدالڪريم عباسي (مختصر) SOT حر تحريڪ جا گوريلا رڳي انگريز سامراج طرفان لوڙھن ۾ قيد نه ڪيا ويا ھيا پر ھن جيل جون کوليون ۽ بئرڪون به انھن حرن جي قيد جو شاھديون ڏيئي رھيون آھن جيڪي انگريز سامراج خلاف وڙھندي گرفتار ٿي ھن جيل ۾ واڙيا ويا. ھن جيل ۾ ڪيترن ئي حرن کي ڦاھيون ڏيئي انگريز سامراج پاران سندن خلاف ھلندڙ گوريلا جنگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر حرن ڪنھن به جبر اڳيان جھُڪڻ بجاءِ ڦاھين جا ڦنڌا ڳچين ۾ وجھي سرھا ٿيا. ڊاڪٽر دودو مھيري پنھنجي قيد جي ڪھاڻي ٻڌائيندي ان کوليءَ جو به ذڪر ڪري ٿو جتي سورھيه بادشاھ قيد ڪاٽيو ۽ بعد ۾ کيس دار تي چاڙھيو ويو. ڊاڪٽر دودو ٻڌائي ٿو ته؛ ............ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت دوران جڏھن نعپ پاران سندس خلاف وڏي تحريڪ ھلي ھئي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي توڙي ملڪ جي ٻين علائقن جا سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدي بڻايا ويا ھيا. ساٽ ڊاڪٽر دودو مھيري...... جنرل ضيا جي آمريت خلاف سنڌ جيڪا وڏي جمھوري تحريڪ ھلائي ۽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي نالي سان جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ سنڌ جڏھن بغاوت تي لھي آئي ۽ شھرن ڳوٺن ۾ ھڪ ڀرپور مزاحمت ڪئي ته ھزارين ماڻھو قيد ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل آندا ويا، ھاڻ ھن جيل جا اصول ختم ٿي ويا، نه اڇو وارڊ رھيو نه ڪارو وارڊ، ھي جيل ھجومن سان سٿجي ويو، ھاڻ جيل ۾ قيدين جا قانون لاڳو ٿي ويا. ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪيترن ھيرن کي ھتي ڪوڙا به لڳا. ڊاڪٽر دود مھيري سميت ٻين ڪيترن ماڻھن کي سينٽرل جيل ۾ ڪوڙن ھڻڻ جو سزائون به مليون. ڪوڙا ڪيئن لڳندا ھيا، ان متعلق ڊاڪٽر دودو ٻڌائي ٿو؛ ......ڊاڪٽر دودو مھيري..... سزا آفته قيدين لاءِ اڇو وارڊ ھوندو ھيو، مختصر عرصي وارن قيدين کي وري جيل پارٽي چيو ويندو ھيو جن کان پارڪن جي سار سنڀال ۽ ڀاڄيون پوکڻ جو ڪم ورتو ويندو ھيو. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سياسي قيدي پھچندا ھيا تڏھن به سندن سياسي جدوجھد ختم نه ٿيندي ھئي. ھن جيل ۾ سياسي قيدي ٽي ٽي مھينا به بک ھڙتالون ڪندا ھيا ۽ صرف لوڻ پاڻيءَ تي گذارو ڪندا ھيا. جڏھن ڄام ساقي کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو ته کيس تمام گھڻيون سختيون ڏنيون ويون، ان لاءِ سياسي قيدين ڪيئن بغاوت ڪئي؟ ان جو قصو ڊاڪٽر دودو مھيري ڪجھ ھن ريٽ ٻڌائي ٿو؛ .......ڊاڪٽر دودو........ کاٻي ڌر جو اڳواڻ امداد چانڊيو ۽ ڊاڪٽر شير محمد مڱريو کي به جنرل ضيا جي دور ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو ھيو ۽ کين ڏھ ڏھ ڪوڙا پڻ ھنيا ويا ھيا. ڊاڪٽر شير محمد مڱريو ۽ امداد چانڊيو مجموعي طور 7 سال جيل ڪاٽيو ۽ امداد چانڊيو پاران بي اي جو امتحان به جيل ۾ ڏنو ويو ھيو. جنرل ضيا جي آمريت خلاف جھيڙيندڙ ٻين اڻ ڳڻين ماڻھن سان گڏ شاگرد اڳواڻ ڏاڏو متارو ڏاھري، ھن وقت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل محمد سليمان ڏاھري، ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ، ڊاڪٽر خان محمد لغاري، عنايت ھيسباڻي،محمد خان سولنگي، اسرار لانگاھ، مرحوم وزير لاکو، حسن راڄڙ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا سياسي قيدي ھن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رھيا. سينٽرل جيل حيدرآباد جون ساروڻيون ٻڌائيندي امداد چانڊيو چوي ٿو ته؛ .......امداد چانڊيو....... جنرل ضيا جي دور ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ انتھائي غير معياري کاڌو ڏنو ويندو ھيو جنھنڪري اڪثر قيدي بيمار ٿي پوندا ھيا. سياسي قيدين جي مزاحمتن جي نتيجي ۾ کين بند وارڊ ڪرڻ ۽ ڏنڊا ٻيڙيون ھڻڻ عام ڳالھ ھئي. حيدرآباد سينٽرل جيل رڳي سياسي قيدين لاءِ نه ھيو، ھتي وڏن ڌاڙيلن ۽ ڏوھاري ماڻھن به قيد ڪاٽيو. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ جھاز ھاءِ جيڪنگ جا قيدي به ھن جيل ۾ رھيا ته سئو سالن جي سزا مليل پريل مري به ھن جيل ۾ رھيو. اھڙي طرح مشھور ڌاڙيل پرو چانڊيو جو سمورو خاندان به سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدي رھيو. بھادر سياسي قيدي جڏھن آمريتي عدالتن ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پھچندا ھيا ته سندن دليري کي داد ڏيڻ کان رھي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر دودو مھيري ڪجھ ھن ريت ٻڌائي ٿو؛ ......ڊاڪٽر دودو مھيري....... (ھتي ميجر جو لفظ ڪٽي ڇڏڻو آھي، باقي جج جو نالو رکڻو آھي. جيل سپرنٽنڊنٽ جيل جا بادشاھ ھوندا ھيا، ھو جڏھن جيل جو دورو ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا ته قيدين ۾ دھشت ڦھلجي ويندي ھئي، سڀئي قيدي ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھندا ھيا ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ دھشت جي علامت ھوندو ھيو. ڊاڪٽر دودو......... جنرل ضيا جي آمريتي دور ۾ جيل ڪنھن تربيتي اداري بجاءِ دھشتن جا آماجگاھ ھيا. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ٻاھر ته ماڻھن تي بدترين تشدد ٿيندو ھيو پر جيلن ۾ به سياسي توڙي ڏوھاري قيدين کي عذاب ڏنا ويندا ھيا. حيدرآباد سينٽرل جيل جو قيدي سليمان ڏاھري وڪيل جيل جي ماحول متعلق ٻڌائي ٿو ته؛ ......... سليمان ڏاھري......... جديد دنيا ۾ جيل تربيت گاھ بڻيل آھن، پر اسان جي ملڪ ۾ جيل جا عقوبت خانه ماڻھن کي سماج ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ خطرناڪ ڏوھاري ڪري موڪلين ٿا. ان سلسلي ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد جي قيدي ۽ ھن وقت انساني حقن سنڌ جي چيپٽر جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو ٻڌائي ٿو ته جيل مينوئل تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو؟ ۽ ملڪ جا جيل قيدين سان ڪھڙو ورتاءُ ڪن ٿا؛ ........امداد چانڊيو......... 85 ايڪڙن تي ڦھليل ھن جيل ۾ مليل رڪارڊ موجب 216 سياسي ۽ ڏوھاري ماڻھن کي ڦاھيءَ تي چاڙھيو ويو آھي، پر جيل جيترو پراڻو آھي ته ڦاھيون چڙھيل ماڻھن جو انگ وڌيڪ ھوندو. سورھيه بادشاھ جي ميت ڪٿي آھي واري سوال جو جواب نه ته جيل انتظاميه وٽ آھي نه ئي ان جو ڪو رڪارڊ موجود آھي، ائين به ٿي سگھي ٿو ته سورھيه بادشاھ جي رڪارڊ کي خفيه رکيو ويو ھجي. ھن وقت تائين عمر قيد جي سزا مليل قيدين جو انگ 994 آھي، يعني موجود رڪاڊ موجب جڏھن کان جيل ٺھيو آھي، تڏھن کان 994 ماڻھن عمر قيد ڪاٽيو آھي. ھن جيل ۾ قيدين سان ملاقاتون ڪرڻ لاءِ روزانه اڍائي سئو کان ٻاويھ سئو ماڻھو اچن ٿا. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ھلندڙ ڪيسن جا قيدي ھن وقت 573 آھن، جيل انتظاميه موجب ھن وقت جيل اندر صرف ھڪڙو ڦاسي گھاٽ آھي پر ان جي جلاد جي معلومات ڏيڻ کان ڪترايو وڃي ٿو. جيل ۾ کاڌي جي معيار جي حوالي سان جيل انتظاميه دعويدار آھي ته قيدين کي بھترين کاڌو مھيا ڪيو وڃي ٿو ۽ جيل اندر پيش امام ۽ مسجد پڻ آھي. جڏھن ته سزا ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به قيد ڪاٽيندڙ قيدين جو انگ نه ٿو ٻڌايو وڃي ۽ اھو چيو ٿو وڃي ته ھڪ به اھڙو قيدي نه آھي. جيل سپرنٽنڊنٽ جي دعوا آھي ته جيل مينئول تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ بيمار قيدين لاءِ اسپتال جا بھتر انتظام موجود آھن. بھرحال ڪيترن سوالن جا جواب جيل انتظاميه وٽ نه ھيا يا ڪن سببن جي ڪري انتظاميه جواب نه ڏنا. سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 1527 قيدين جي گنجائش آھي پر ھن وقت اتي 2015 قيدي آھن، جڏھن ته 35 بئرڪ ۽ 206 سيل ٺھيل آھن. جڏھن ته قيدين کي مختلف ھنر سيکارڻ ۽ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ به جيل ۾ انتظام ٿيل آھن. سينٽرل جيل ۾ ھڪ لائبريري به آھي. ........جيل سپرنٽنڊنٽ....... بھرحال جيل انھن ماڻھن لاءِ جوڙيا ويا آھن جيڪي قانون ٽوڙين ٿا يا وري ڪي ڏوھ ڪن ٿا ۽ جيلن جو مقصد انھن ماڻھن جي تربيت ڪري سماج ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ آھي پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ ھڪ ته جيل مينيوئل تي بنھ نه ھئڻ جي برابر عمل ٿئي ٿو ۽ ٻيو وري جيل جي ماحول کي انسان دوستي بجاءِ جبر ۽ ڏاڍ جو ھڪ اھڙو گھر بڻايو ويو آھي جتان قيد ڪاٽي ايندڙ ماڻھو سماج ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ ناڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. تنھنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جيل سڌارن تي سختيءَ سان عمل ڪري انھن کي تربيت گاھ بڻايو وڃي ۽ قيدين سان انساني ورتاءُ اختيار ڪندي، کين صحت، تعليم ۽ ٻيون انساني ضرورتون پوريون ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن قيد ڪاٽڻ کان پوءِ اھي قيدي بھترين انسان ٿي سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.
صوفي فقير جانڻ چن........ غلام رسول چانڊيو سنڌ ڌرتي جي سموري تاريخ تصوف جي رنگن سان پنھنجي امن، پيار ۽ پنھنجائب جا انيڪ گل آڇيندي رھي آھي، اڄ به جڏھن سنڌ کي انتھا پسندي شڪست نه ڏئي سگھي آھي ته اسن ۾ تصوف جو ڪمال آھي. ھن ڌرتيءَ جي لوڪن منصور بن حلاج کي به جيءَ ۾ جايون ڏنيون ته ٻين صوفين به ھن ڌرتيءَ جو ديدار ڪيو. سنڌ پنھنجي مٽيءَ مان عظيم صوفي پيدا ڪيا جن انا جو موت آڻي محبتن جا درس ڏنا، انھن صوفين مان صوفي جانڻ فقير چن به غير معمولي صوفي رھيو آھي، جنھن ترقِ دنيا بجاءِ سماج لاءِ جھيڙيو. محرم چانڊيو پنھنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته ”صوفي فقير جان محمد ’جانڻ‘ چن، 1313 هجري مطابق 1895ع ڌاري ڳوٺ ’ٿرڙي هاجران‘ جي ديني عالم فقير محمد حسن چن جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ جو نالو رحيم خاتون هـو. فقـيـر جـانـڻ چـن کي مـرشـد طـرفـان ’صادق علي‘ جو خطاب ڏنو ويو. سندس والد مولوي محمـد حسـن فقـيـر بلـوچسـتان جـي هڪ بروهي گهراڻي مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس 3 نياڻيون ۽ 7 فرزند ٿيا. جن مان ٻه فرزند محمد قاسم ۽ عبدالرزاق چن ننڍپڻ ئي وفات ڪري ويا. فقير جانڻ پنهنجي حيات ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي هو. سندس ڀائرن کيس ٽي سال هڪ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، پر قرآن پاڪ جون ڪجهه آيتون ئي پڙهيو ته ان تي مدرسي جي استاد چيو ته هيءُ ڪو نه پڙهندو، وڃي ڌنار ڪيوس. هن ان کانپوءِ ڪا به ظاهري تعليم نه ورتي، تنهنڪري سندس ابتدائي ڪرت جهنگ ۾ مال چارڻ ۽ اڪيلائي هئي. انهيءَ دور ۾ پاڻ سيد عبدالقادر جيلانيءَ تي اعتقاد رکندو هو ۽ هر مشڪل وقت ۾ ’ياد دستگير‘ جي صدا بلند ڪندو هو. 11 ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار رحلت ڪري ويو. 1919ع ۾ لاڙڪاڻي مان هليل خلافت تحريڪ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ بخشل چن سان گڏجي سياسي خدمت پڻ ڪيائين ۽ انقلابي شعر چيائين. ائين سندس شاعري جوش، جذبي، درد، هارين، پورهيت ۽ انقلاب جي موضوعن تي جاري رهي. 30 ورهين جي ڄمار ۾ وارهه تعلقي جي ڳوٺ کٽياڻ جي هڪ کٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪيائين. کيس 5 نياڻيون ۽ چار پٽ پيدا ٿيا. شاديءَ کان پوءِ هڪ هندو جي زمين تي هارپو ڪيائين. هندن پاران هندستان لڏي وڃڻ کان پوءِ اها زمين کيس الاٽ ٿي، پر پاڻ اها ڪو نه کنيائين. هاري تحريڪ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان ڀرپور ساٿ ڏيندي انقلابي نظم چيائين: ڪري سجاڳي! جلدي جاڳي، هاري ٿيو هوشيار! بگهڙ اٿيا ٿوَ خون پيئڻ لاءِ. هاري تحريڪ کان پوءِ سندس ڪلامن زور ورتو. يڪتاري تي ڪلام ڳائيندو هو ۽ سنڌ جي ننڍين وڏين درگاهن تي حاضري ڀريندو رهندو هو. کيس عشق حقيقي جي ميخ لڳي، ’الله جو پنڌ ڪاڏي آ‘ جي جستجو ۾ نت نوان صوفياڻا ڪلام ڳائيندو، حق ۽ سچ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. الاهي عشق ۾ زارو قطار روئندو بزرگن جي حاضري ڀريندو رهيو. 1951ع ۾ صوفي شاعر مهدي سائين جهانيان وٽ پهتو. سندس آمد تي مهدي سرڪار هيءُ ڪلام ڳايو: يار اچي ٿو ڏاڙهيءَ وارو، وڄندو هائي نغارو، آيو اٿئو ڏاڙهيءَ واري جو وارو، وڄندو هائي نغارو. موٽ ۾ فقير جانڻ چن پنهنجي اندر جي اور هيٺئين ڪلام ۾ ڪئي: ذاتي صفا تي هي شعر اسا ڏا، قلبي ذڪر ڪميندي هون، ونحن اقرب، ويجها ٿيو سي روجي رمز ليندي هون، محبت مست و مست بنايا، دونها درد دکيندي هون، تن وچ تاران ڪِرن پچاران وحدت نال وڄيندي هون. مهدي سرڪار جي مريد ٿيڻ کان پوءِ سندس اندر وڌيڪ اجرو ٿي ويو. صدر ايوب ۽ پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي آڏو عوامي شاعري پڙهيائين. سکر جيل ۾ ايوبي مارشل واري دؤر ۾ قيد پڻ ڪاٽيائين، جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته ضد ڪري بيهي رهيو ته مون تي وڏيري حاجي عمر ڦلپوٽي وارن جيڪو ڪيس ڪيو آهي اهو درست آهي ۽ مون کي ان جي معافي نه پر سزا کپي. ائين ڏهن مهينن جي جيل دوران پاڻ ڳائيندو وڄائيندو پنهنجو عشق ريجهائيندو رهيو. اتي ئي مهدي سرڪار جي اجازت سان سندس پهريون طالب (مريد) محمد پناهه ٿهيم ٿيو ۽ جيل کان نڪرڻ کانپوءِ سندن مريدي جو اهو سلسلو وڌيڪ پراثر بنجي ويو. پاڻ نفي ۾ گذارڻ لڳو. سندس هيٺيون ڪلام مشهور آهي ته: وڪامي وياسين دلبر جي در تي، ڪندو قرب پنهنجو ٻانهي جي گهر تي. صوفياڻي شاعريءَ تان 1991ع ۾ مٿس ڪجهه مولوين پاران واجب القتل جي فتويٰ جاري ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي فقير سائين جي مراج ۾ سنجيدگي ۽ دردمندي پيهي وئي، پاڻ اڃا بلوغت ۾ به نه هئا ته شاعري شروع ڪيائون، 1919ع ۾ جڏهن خلافتِ تحريڪ جي هلچل شروع ٿي، جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو هڪ طرف ٿي انگريزن جا مخالف ٿيا، ان تحريڪ جا فقير سائين تي به گهرا اثر پيا، ڇو ته خلافت تحريڪ اٿي ئي لاڙڪاڻي ضلعي مان هئي، تنهن ۾ فقير سائين ۽ سندس ننڍي ڀاءُ بخشل چن انقلابي شعر لکيا ۽ چيا. ان کانپوءِ جلد ئي هڪ ٻئي تحريڪ ”هاري تحريڪ“ جنم ورتو، جنهن جي سرواڻي حيدر بخش جتوئي ڪري رهيو هو، جڏهن حيدر بخش جتوئي اليڪشن ۾ بيٺا ته فقير سائين کيس ڀرپور ساٿ ڏيڻ يقين ڏياريو، ان دوران حيدربخش جتوئي جي مخالف اميدوار حاجي خان ڪلهوڙي فقير سائين جن کي ڪيترين ئي قسمن جون آڇون ڪيون، پر فقير کي اهو خيال ٿيو ته غريبن ۽ مسڪين جي خدمت ڪجي، جتي بکون آهن،اڃون آهن، اتي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، پوءِ فقير جانڻ چن هارين ۽ پورهيتن ۾ هوش ۽ جوش جاڳائڻ لاءِ ڪيئي انقلابي نظم چيا، تن مان فقط هڪڙي نظم جا ڪجھ بند مليا آهن، جيڪي ڪجھ ههڙي ريت آهن. ڪري سجاڳي جلدي جاڳي، هاري ٿيو هوشيار، بگهڙ اٿيا ڇا ٿوءَ خون پيئڻ لاءِ ، هاري تحريڪ جي دور کان وٺي فقير سائين پنهنجي سچن ۽ پرجوش شعرن ڪري هارين ۽ پورهيتن ۾ تمام گهڻو مشهور هئا. ڇو ته فقير سائين يڪتاري تي اڪيلي سر پنهنجي ڌن ۾ توڙي هر ميڙاڪي ۾ ڳائيندا هئا، راڳ جي شوق فقير کي پيرن فقيرن جي اوتارن جو رخ ڪرايو ۽ پوءِ فقير سائين کي اها طلب ۽ تانگھ ٿي حقيقي راھ ڳولي لهجي ۽ فقير کي اچي انَ خيال کنيو ته ” الله جو پنڌ ڪاڏي آهي“ يعني حق جي راھ لاءِ مرشد ڪامل جي بيحد طلب ٿيڻ لڳس، فقير چاهڻ لڳو ته ڪو ڪامل مرد ملي جيڪو هادي ۽ رهبر ٿئي، جيڪو الله ڏانهن واٽ ڏيکاري ۽ هٿئون هٿ ڏيٺ ڪرائي. ان سلسلي ۾ هڪ راڳي سيد غلام حسين شاھ کيس رهنمائي ڪري امام مهدي شاھ جهانيان رحه وٽ وٺي ويا، جيڪي موري لڳ شاهپور جهانيان جا رهواسي هئا، پوءِ انهيءَ ڏينهن سن 1951ع ۾ فقير جانڻ چن سائين سرڪار امام مهدي رحه جا طالب ٿيا. طريقت ۾ مرشد کيس ”صادق علي “ نالو ڏنو، طالب ٿيڻ کانپوءِ فقير جانڻ چن جو سڄو حال تبديل ٿي ويو، پاڻ مٽيءَ سان مٽي ٿي ويا، سندس اهڙو حال ڏسي ڀائر، ڀينرون، مائٽ ۽ دوست سڀ ناراض ٿي ويا، کيس ڀائپي ۽ ڀت هاڻ ڪڍي ڇڏيائون، هاڻي جڏهن فقير سائين جي والده کي ان حال جي سڄي سڌ پئي ته اچي فقير سائين سان ملي ۽ کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو، فقير سائين پنهنجي امان سائڻ کي جيڪي جواب ڏنو. اهو سندس هن شعر ۾ موجود آهي، يار دي سڪ وچ روئڻ ميڪون ڏاڍي راحت آئي، ڳالهڙي اولڙي امان ميڏي ميڪون ياد هي آئي ، ”ڪُن فيڪون“ کئون اڳي مين بي انت سمند وچ آئي، ”ڪُن فُيڪون“ دا هوڪا هليا،ڌار ٿيس مين ڌائين، ”الست“ والا آواز ٻڌوسين رانجهن مرلي وڄائي، ”قالو بلي“ والي قول اسان ڌي فرحت ننڊ ڦٽائي، روز ازل دا انگ اڙيل هي ميڪون جهڻڪ نه امان مائي، پيٽ تيڏي وچ امان ميڏي مين نال گڏ هئا ماهي، پالڪي تي پئي ميڪون پاليس ڏاڍي فرحت آئي. ڄمندي وقت نگيڙا ڪيتس مين ڪو ڪان ڪردي آئي، قرب دي ڪاتي نال وڍيا ها ناڙا ميڏا دائي. بانگي ميڏي ڪَنِ وچ ويتر برھ دي بانگ سڻائي، بانگي بانگ ڏئي بس ڪيتي، پڙهي ڪلمي دي مين وائي، ”لااله“ ڪنون لنگھ جڏانهن مين ”الالله“ تي آئي، ”ميم“ دا اولا ڀڄ پيا ڀولا ساري سرت سجهائي. نينهن اسان ڪون اڳهين نهوڙيا، اتان ڏولي ڀي اهڙي آئي، پينگها پٽڻ دا ڏکا دي ڏولي امان هي مين ڪاڻ ٺهوائي، سڪ دي پاوي، سور دي سيرون ٻانهيان ٻاڻ جوڙائي، واڻ ورھ دا تانگھ طلب دي بونبي برھ کڙائي ، سڪ دي ڏوري لوڏڻ والي ٻانهين وچ ٻڌائي، عشق دي لولي امان ميڪون ٻڌڻان وچ سڻايئي، اوراڻي وچ رب جلي دا نالا ياد ڏوايئي، لئون لئون ميڏي رڳ رڳ دي وچ توحيد تند تپايئي، جيسيتائين هيس ننڍڙي نينگرِ تيسيتائين چپ آئي، جڏانهن ٿيس مين وات وڪيل ته خيال اهين وچ آئي، ڪيڏانهن دي هئس ڪيڏانهن آيس ٿي پيم خيال سودائي، ووڙي ٿيس مين ساري جڳ وچ پيش مهدي دي آئي، شاھ جهانيان شاهپور وچ اها ساڳي صورت وکائي. ڪيتم سجود پڙھ شڪرانا مولا مورت ملائي. ڀيڻ ڀراوان جهيڙا لاتا لوٺي لڄ وڃايئي، نڻان ڀاڄائيان ڀڄنديان آئيان ”ڪهڙا لقب لڳايئي“ ٻي جهيڙن امان ميڏي، تون نه جهڻڪم آئي، ڪو نه مڙسان ڳالھ اهين ڪون توڙي چاڙهن ڦائي، مرشد مليا آپ سڃاتم مين نه تسادي ڄائي. قلزم دي وچ ٽٻي ماريم ساڳي سمنڊ وچ آئي، ”جانڻ چن“ دا ڀولا ڀڄ پيا، امان ميڪون مل ڳيان ماهي ماهي، فقير سائين پنهنجي هن طويل بيت ۾ جيڪو ماءُ کي جواب ڏنو آهي، سو تمام پاسن کان ڏسجي ته هڪ وسيع ۽ جامع جواب آهي، فقير عشق جي راھ تي هلڻ کانپوءِ سڀ دوستيون دشمنيون ترڪ ڪري ڇڏيون، پاڻ ڇير چڙو پائي سڄي سنڌ جو سير ڪيائون ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مرشد مهدي کان مليل علم جو ونڊ ونڊيائون ۽ سڄي سنڌ ۾ هزارين طالب ڪيائون، فقير سائين تصوف جي راھ تي گامزن ٿيڻ کان اڳ توڙي پوءِ پنهنجي سڄي ڄمار خلق خدا جي خدمت ۾ گذاري، صوفياڻي سلوڪن سان گهڻن کي ئي حقيقي راھ تي گامزن ڪيائون ۽ بي غرض ٿي غريب ۽ مسڪين عوام لاءِ به وڏي جدوجهد ڪيائون، گهاڙ واھ جنهن تي اڄ لکين ايڪڙ زمين آباد آهي، سو ان دور ۾ رد پيل هو، هزارين ايڪڙ زرعي زمين ويران ۽ غير آباد هئي، ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا، فقير سائين جن ان گنڀير مسئلي تي لعلورائنڪ ۾ تڏوڪي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ نظم پيش ڪيو، جنهن نظم ۾ گهاڙ واھ پنهنجا سور پاڻ هڪ وزير سان ٿو سلي چوي ٿو ته هي گهاڙ غريب فرياد ڪري . ڏسي واهر وزير کي حال ڪري. چوي گهاڙ ستم من سان ڪافي آ ٺيڪيدار ڪامورو راشي آ منهنجو ماءُ نه پيءُ نه ماسي آ هٿ راشين جي آهيان کاٽي ڪير ڪري، اچي تنهنجي ڪورٽ ۾ اپيل ڪيم ”جانڻ چن“ خيراتي وڪيل ڪيم . پاڻ کي تنهنجو اصيل ڪيم . جيڪو راھ خدا ٿو تقرير ڪري، اهو نظم ڀٽي صاحب تمام دڪچسپيءَ سان ٻڌو ۽ گهاڙ واھ تي ڪم شروع ڪرايو. پوءِ گهاڙ واھ جاري ۽ ساري وهڻ لڳو، هن کاهوڙي انسان تي به انتھاپسندي جي نام نهاد ٺيڪيدارن شاھ عنايت، سچل، سامي، بلاول ۽ شمس جيان فتوائن جي تلوار سان ڪيئي وار ڪيا، فقير سائين جي حق جي هوڪي کان خوفزده ٿي 9 کان وڌيڪ جماعتن فقير جي خلاف واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ۽ فقير کي حيدرآباد جي نارا جيل ۾ پيش ٿيڻ تي مجبور ڪيو. پر فقير ٽابت قدم بيهي کين اهڙو ته جواب ڏنو جو فريادي حيدرآباد جي عدالت ۾ ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان ئي ڀڄي ويا ۽ عدالت فقير کان معافي طلب ڪري کيس آزاد ڪري ڇڏيو، اهو واقعو 1991ع ۾ پيش آيو، سنڌ ڌرتي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ هن لاخوف انسان جي زندگيءَ تي لکڻ ويهجي ته ڪيئي راتيون ۽ ڏينهن گذري ويندا، هن حق ۽ سچ جي عملدار پهرين شعبان 1412ھ بمطابق 24 ڊسمبر 1995ع تي آچر جي ڏينهن فجر جو پنهنجي جسم فاني کي ڇڏي اصل ماڳ تي موٽي ويا، سندن آخري آرامگاھ وارھ تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ موندرلاکا ۾ آهي، جتي 23 ذسمبر کيس هر سال ٽي روزا عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، جتي پوري سنڌ مان فقير جانڻ چن جا طالب فقير عقيدتمند هزارن تعداد ۾ پهچي مچ ٻاري فقيري دونهن کي دکائي ويراڳ جو سبق پڙهندا رهن ٿا، عشق جي آڙاھ ۾ پچي ٿيا لال. مخفي سڀ معلوم ٿين حقيقت جو حال سڌڙين کي سڌون ڪندي گذري ويئڙا سال ويٺا آهن واٽ تي کنيو ڪات ڪلال، اچي ڪو اڏيءَ تي هڪدم ٿئي حلال، سر ڏيو سر وٺي وحدتي وصال وهائڻ وارا ويسلا هتين مڻين پيو آ مال پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪونهي تن ڪال ”جانڻ چن“ نهال، نانگا پنهنجي نينهن سان .