ڌرتيءَ جو درد....... غلام رسول چانڊيو دنيا جون حسين ڌرتيون ھميشھ دردن جي دونھين ۾ دکنديون رھيون آھن ۽ انھن حسين ڌرتين تي جبر جي اھڙي آڳ ٻاري ويندي آھي جيڪا سڀ ڪجھ ساڙيندي بسم ڪندي ويندي آھي. احساس جلندا آھن، اجتماعي ٻَڌيِ سَڙندي آھي، قومي سڃاڻپ گھگھُ دونھين ۾ ڪاراٽجي پنھنجو حسين چھرو وڃائي ويھندي آھي ۽ پوءِ ٿيندو ڪجھ اھو آھي جو ان ڌرتيءَ جا درياءَ کسجي ويندا آھن، ڍنڍن ڍورن تي قبضا ٿي ويندا آھن، جبلن کي کاٽ لڳندا آھن، ڪوئلي جھڙي ڪاري سون مان بجلي ٺاھي، حڪمران طبقو ته روشنين ۾ عياشيون ڪندو آھي، پر ڌرتي ڌڻي اونداھين جي انڌيرن ۾ زوري ساھ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. رڳي اھوڪٿي! وسيلن جو زَرو زَرو ڌاڙيلن وانگر ڦريو ويندو آھي ۽ اھڙين امير ڌرتين جا ماڻھو غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذارڻ لڳندا آھن، پوءِ کانئن نه رڳي ماضيءَ جون حسناڪيون وسري وينديون آھن پر انھن جون اميدون به شھيد ٿي وينديون آھن. سنڌي قوم سان به ڪجھ ائين ٿي رھيو آھي، سرداري ۽ ڀوتارڪي جھان جا تکا ڏند اسان کي چٻاڙي رھيا آھن، اسان جو ماس روڙيو پيو وڃي، اسان فتح ڪيل ھڪ اھڙي قوم جو ڏيک ڏئي رھيا آھيون جنھن جو ڪو ڌڻي سائين ناھي. ڪو باضمير آواز اٿي ٿو ته ان آواز جي سيني ۾ گولين جو بارود وڌو وڃي ٿو. ڇا اھو الميو ناھي ته ھي شاھوڪار ڌرتي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي! ڪاروبار کسيا ويا آھن، ننڍن آبادگارن کان ڀوتارن پاڻي کسي ڇڏيو آھي، مذدوري ملي ڪا نه ٿي، نوڪرين جا اگھ مقرر ٿيل آھن، ساھ کڻڻ تي به ٽيڪس لڳايو ويو آھي. پئٽرول ايترو مھانگو جو موٽر سائيڪل ھلائڻ به محال ٿي پيو آھي. گھگھ اونداھي آھي، جنھن ۾ بي دِيدَ ٿي، مايوسين جي مَڻن ھيٺ ائين جيِ رھيا آھيون جو ڄڻ ته اسان جو ڪو اتھاس ئي نه ھيو، اسان جي ڪا تھذيب ئي نه ھئي، اسان جون ڪي شاندار روايتون ئي نه ھيون. سچ ته ڀوتارن جا جانور به ڌرتي ڌڻين کان ڀلو کاڌو کائين ٿا. نصرالله گڏاڻي ڪنھن به ڀوتار کي بندوق نه ھنئي ھئي، ھن ته صرف سچ ڳالھايو ھيو ۽ سچ کي پنھنجو آدرش بڻائي جيِ رھيو ھيو، پر ڪوڙ جي ڪوڙھ ۾ ورتل ڀوتارڪي جھان کيس نه بخشيو ۽ رھزني جي انتھا ڪندي کيس بارود جي بوءِ ۾ شھيد ڪيو ويو. ھڪ طرف سچ ٺٺول بڻجي پيو آھي ته ٻي طرف سچ جي سسيءَ کي اڏيءَ تي رکيو ويو آھي. ڪرپشن، بدعنواني، بي ايماني ۽ بي حيائي کي ته ڀوتارن پنھنجو نه رڳي حق سمجھي ورتو آھي پر اھڙين بد اخلاقين تي فخر به ڪن ٿا. ظاھر آھي ته رياستي طاقت جي اوبر جو مليل اٿن! صوبيدار سندن مرضيءَ سان مقرر ٿئي، ايس ايس پي ۽ ڊي_سي سندن مرضيءَ سان مقرر ٿئي، پبلڪ سروس ڪميشن کي خريد ڪري ورتو اٿن، ھن دفعي سترھين گريڊ جي قيمت ھڪ ڪروڙ ھئي، ظاھر آھي ته آفيسر شاھي ۾ به سندن اولاد ئي لڳل آھي، جيڪو پاڻ کي عوام جو خادم سمجھڻ بجاءِ حڪمران سمجھي ٿو. اھڙي قسم جي صورتحال ۾ ماڻھو مايوسي، ويڳاڻپ ۽ غلاميءَ جي اھڙي جھان ۾ جيِ رھيا آھن جو سندن آسرا به ھاڻ مرڻ لڳا آھن. صحافت سماج جو وڏو مورچو آھي پر بدقسمتيءَ سان اتي به ڀوتارڪي جھان اسان جي قسمت سان کيڏيو آھي. وڏي اڪثريت صحافين جي ڀوتارن سان ڦوٽو ڪڍائڻ کي پنھنجي ڪاميابي سمجھي ٿي ۽ اھڙا اھڙا دنڌا ڪن ٿا جو ڪنڌُ ھيٺ ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪي باضمير آھن، انھن سان وري شھيد نصرالله گڏاڻي واري ڪارِ ڪئي ٿي وڃي. صحافت ھڪ الڳ مضمون گھري ٿي، جنھن تي آءُ ھڪ تفصيلي ڪتاب لکي رھيو آھيان، پر في الحال رڳي انھن پروٽوڪول صحافين جا منظر سوشل ميڊيا تي ڏسي سمجھي وڃو ته اسان جي صحافت ڪٿي بيٺي آھي، جيڪو به سچو صحافي آھي، اھو ڪڙي نگراني ۾ جيِ رھيو آھي. سو نااميدي جي ٽياس تي ٽنگيل اسان جي قوم کي گھگھ اونڌاھي مان ڪڍڻ لاءِ انھن عظيم ڪردارن جي سخت ضرورت آھي، جيڪي اميد جون ڏياٽيون ٻاري مظلوم سنڌ جا ڀرجھلا ٿين. اھو سڀ ڪجھ ممڪن آھي ۽ يقيني پڻ! رڳي ھڪ معتبر ۽ سچي صحافي نصرالله گڏاڻي جي شھادت ئي ڀوتارڪي جھان کي ڌپارو بڻائي ڇڏيو آھي پر جيڪڏھن اھڙا ھزارين ڪردار پيدا ٿي پيا ته پوءِ سنڌ جا سور ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويندا. چوڏھين پنڌرھين صدي جي يورپ کي ڏسون ٿا يا اڃان به ڪالھوڪي چين تي نظر ڦيرايون ٿا ته انھن جي حالت اسان کان به بدتر ھئي پر اڄ سڄي دنيا مان ماڻھو يورپ ۾ وڃڻ چاھين ٿا، جيڪڏھن ھٽلر جي جرمني فلاحي رياست ٿي سگھي ٿي ته پوءِ سنڌ غلاميءَ مان آجي ڇو نه ٿي ٿي سگھي؟ اھڙي طرح آمريڪا جي ڪارن سان جيڪو اَنياءُ ٿيو اھو تاريخ جي ورقن ۾ موجود آھي، پر دنيا ڏٺو ته آفريڪا کان غلام بڻائي کڻي ايندڙڻ جڏھن غلامي کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي، ته اھي آمريڪا جا ڪارا پنھنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ انھن مان ئي بارڪ اوباما دنيا جي سپر پاور آمريڪا جو صدر بڻجي ويو. جن به ماڻھن ”غلامن جو ٻيڙو“ ڪتاب پڙھيو آھي انھن کي ان ڳالھ جو چڱي طرح ادراڪ آھي ته ظلم ۽ جبر جڏھن به انتھائن کي ڇھندو آھي تڏھن اھو ظلم پنھنجو پاڻ کي کائڻ لڳندو آھي، اسان وٽ به ان جي شروعات ٿي چڪي آھي، طاقت جون سڀئي صورتون ڏھاڪن جي ظلم، بربريت ۽ انياءَ کان پوءِ ھڪ ٻئي خلاف ڄڻ ته جنگي حالت ۾ آھن، ھن ملڪ جي معيشيت ويھي چڪي آھي، حڪمرانن ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ ڪالھ جا سياسي دشمن گڏجي اقتدار جي ڪرسين تي ويٺا آھن. اھا حيرت جي ڳالھ نه آھي ته عمران خان جھڙي قومن جي انڪاري سياستدان ھتان جي جملي قوتن کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آھي ۽ اھڙي صورتحال پيدا ڪئي اٿس جو ننڍين قومن کي غلام بنائيندڙن ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھڻندڙن کي ويڙھائي بڇڙو ڪيو اٿس. اھو سڀ ڪجھ ڪو اوچتو يا پاڻ ھرتو نه ٿيو آھي پر تاريخي طور جبر ڪڏھن به ڪٿي ڪامياب نه ٿي سگھيو آھي. تنھنڪري اھو سمجھڻ تمام ضروري آھي ته سنڌ سان ذيادتيون ڪندڙ به ڪڏھن ڪامياب نه ٿي سگھندا پر ان لاءِ ضروري آھي ته سنڌ پنھنجن اميدن کي جيئدان ڏئي، معطل ٿيل سياسي عمل سائنسي بنيادن تي بحال ڪري، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنھنجن ماڻھن کي ” ڪجھ نه ٿيندو“ واري نفسيات مان ڪڍي ”سڀ ڪجھ ٿيندو“ واري نفسيات قوم ۾ پيدا ڪن ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي ويندو. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته رڳي اڪيلا واقعا ۽ سوشل ميڊيا جو دٻاءُ ئي حڪمرانن ۾ ڪنبڻي وجھي ڇڏي ٿو، پر جي قوم اميدن سان سرشار ٿي اٿي پئي ته پوءِ نه رڳي ڀوتارڪي جھان مان آجي ٿي پوندي پر پنھنجا ڦريل وسيلا به واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ويندي. يقين رکڻ کپي ته ست ڪروڙ آبادي رکندڙ قوم کي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگھي جيستائين ھوءَ پنھنجو پاڻ کي ختم نه ڪري، تنھن ڪري اميدن، ھمٿن، حوصلن ۽ قرباني سميت لاڳيتي جدوجھد سان سنڌ ماڻھن کي اڳتي وڌڻ جي اشد ضرورت آھي ۽ سياسي حالتون به ھن وقت سنڌ جي حق ۾ آھن.