وڏيرو محمد حنيف هاليپوٽو. ٽنڊوالهيار

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    وڏيرو محمد حنيف هاليپوٽو
    سابق ملازم. گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    محمد حنيف هاليپوٽو المعروف يار محمد هاليپوٽو ولد وڏيرو محمد قاسم هاليپوٽي جنم 03 آگسٽ 1962ع تي ٿيو. 1987ع ۾ کيس گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ نان ٽيچنگ اسٽاف طور ملازم ڀرتي ڪيو ويو . سمورو عرصو هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ ڊيوٽي ڪري سال 2022ع م رٽائرڊ ٿيو آهي. پنهنجي سموري ڊيوٽي پابندي ۽ ايمانداري سان ادا ڪيائين. منهنجو ساڻس گهرو تعلق 1994ع کان جڙيو. جڏهن منهنجي بدلي هن اسڪول م ٿي. يار محمد يارويس محبتي ماڻهو آهي. هر ڪنهن سان ڏک سک ۾ تعلق نباهڻ ڪو يار محمد کان سکي. اسڪول ۾ ڊيوٽي کان پوء يا موڪل ڏينهن ڪنهن ڪم ڪار جي حوالي سان ٽنڊي الهيار وڃڻ ٿئي ٿو. راحب پاڙي ۾ هڪيو تڪيو هي همراه ملي ويندو آهي . راحب پاڙي ۾ به سندس دوستي جو وڏو حلقو آهي. سائين عباس ترڪ مرحوم ۽ انهن جي ڀائرن ۾ ماما نصر الله ترڪ، سائين محمد اسلم هاليپوٽو، اسلم پرويز صبح پوٽو، منظور حسين ڪالرو صاحب،
    [​IMG]
    حيدري برادران ٻيا ڪافي دوست اٿس. جن سان هن همراه جو ڪچهري جو ميلو متل هوندو آهي. هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ بسن ذريعي اچڻ وڃڻ، يا ڪنهن دوست استاد سان موٽر سائيڪل تي به پابندي سان اچڻ وڃڻ سندس معمول رهيو آهي. خاص طور سائين جي عبدالجبار ميمڻ سان جوڙي مشهور ٿي. آفيس جي ڪم ڪار جي کيس چڱي ڄاڻ آهي. ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد، ڊي اي او آفيس حيدرآباد بعد ڊي اي او سيڪنڊري ٽنڊوالھيار آفيس تائين اسڪول جا گهربل انفارميشن جا ڪاغذ پهچائڻ توڙي بورڊ آفيس جو ڪم ذميواري سان ڪندو رهيو آهي. پنهنجي سڀاء ۾ هڪ محبتي ۽ يارويس انسان آهي. شهر ٽنڊي الهيار جو رهواسي هئڻ ڪري ايندڙ ويندڙ دوستن جي چانھ پاڻي اڪثر ذميواري به مٿس هوندي آهي. آفيس ڪم ڪار جون ذميواريون چڱي نموني نباھيندو رهيو آهي. اسڪول جي مختلف هيڊ ماستر صاحبان جي پيرڊ ۾ بهترين نموني ذميواريون ادا ڪرڻ تي کيس وڏي عزت ملي. انهن هيڊ ماستر صاحبان م سائين قمر الإسلام خانزادو صاحب، سائين غلام حسين ميمڻ نصرپوري، سائين عبدالڪريم راجپوت صاحب ، سائين محمد جمن مري صاحب ، سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب، سائين حاجي عبدالحڪيم جروار صاحب ، سائين عبدالغفور پتافي صاحب سميت سڀني جن جا آفيشلي ڪم ذميواري سان ادا ڪيائين. مون سان به سندن محبت ڀريو تعلق رهيو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ بعد به ساڳيو محبتون قائم آهن. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء محمد حنيف جو گهڻو ڌيان پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ روزگار ڏانهن آهي. نماز توڙي ذڪر اذڪار جي پابندي مسجد جي خدمت به سندس ذميواري ۾ شامل آهي. محبتي ماڻهو سدا آباد هجن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو