سيد حشمت علي شاھ ڏاڏاهي مرحوم . بڪيرا شريف

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    (جي هينئڙي منجھ ھُرن)
    سائين حشمت علي شاھ ڏاڏاهي مرحوم
    سابق ملازم (نان ٽيچنگ اسٽاف)
    گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين حشمت علي شاھ ڏاڏاهي مرحوم سادات گهراڻي جي ڏاڏاهي فيملي سان تعلق رکندڙ پورهيت سائين جان محمد شاھ مرحوم جن جي گهر 20 جنوري 1968ع تي بڪيرا شريف م جنم ورتو. غربت سبب تعليم حاصل ڪري نه سگهيا. سندن والد مرحوم به جنهن زماني ۾ گاڏيون موٽرون بسون نه هيون. ني ايترا روڊ رستا ٺهيل هئا. تن ڏينهن ٽانگو هلائي گذر سفر ڪندو هو. سائين حشمت شاھ صاحب جن چار ڀائر هئا. وڏو ڀاء سائين فقير محمد شاھ ڏاڏاهي مرحوم، حشمت علي شاھ ڏاڏاهي ، سائين شوڪت علي شاھ ڏاڏاهي ۽ ننڍو امير علي شاھ ڏاڏاهي.
    فقير محمد شاھ ڏاڏاهي جن مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ ملازم هئا. سندس ملازمت جو عرصو شاندار رهيو، زندگي سٺي نموني گذاري رهيا هئا. بئنڪ طرفان مليل گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم تحت رٽائرمينٽ ورتائون. سائين حشمت علي شاھ ڏاڏاهي کي هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ نائب قاصد طور نوڪري ملي. سادات گهراڻي جي ڏاڏاهي فيملي اصل ديھ يا ڳوٺ ڏاڏاھ تعلقو ٽنڊو باگو ضلع بدين ۾ آهي. اتان آيل سيد سادات ڏاڏاهي سڏجڻ ۾ اچن ٿا. جن مان نالي وارو شاعر سيد مرتضي ا ڏاڏاهي جن ٽنڊي الهيار ۾ قيام پذير آهن. جڏهن ته ڏاڏاهي سيدن جا بڪيرا شريف ۾ ٻه پاڙا آهن. هتي جي ڏاڏاهي سادات گهراڻي جون ڪيتريون ئي نامور شخصيتون آهن. جن سيد شان شاھ، سائين امداد شاھ ڏاڏاهي ( جيڪي وڏي عهدي تان تازو رٽائرڊ ٿيا آهن) سائين خادم شاھ ڏاڏاهي ( گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف جا ڳچ عرصو هيڊ ماستر رهيا هاڻ رٽائرڊ آهن) سائين ملوڪ شاھ ڏاڏاهي، سائين احمد علي شاھ ڏاڏاهي، ناليوارو ريڊيو لسنر سائين پريل شاھ ڏاڏاهي، به ڏاڏاهي سادات فيملي سان تعلق رکن ٿا.
    سيد حشمت علي شاھ هاء اسڪول بڪيرا شريف جو محنتي ورڪر هو. بجلي جو ڪم هجي، پاڻي جو موٽر خراب هجي، رنگ روغن جو ڪم هجي. اسڪول جو ڪم سچائي محنت ۽ ڦڙتائي سان ڪرڻ وارا انسان هئا. هر ڪنهن سان سچائي سان پيش اچڻ وارا هئا. اسڪول جو ڪهڙو ڪم هجي. نه ٿيڻ حشمت علي شاھ جي لغت ۾ ڪون هو. صبح سوير ڊيوٽي اچڻ ۽ موڪلڻ ملڻ تي روزانو جي معمول گهر وڃڻ پر ان هوندي به ٻي ڪنهن جو ڪم هوندو ان جي ڪم کي اوليت ڏيڻ سندن گڻ هو. سندن محبت ڀريو تعلق سندس نالي ڀائي سائين حشمت شاھ بخاري سان به هو. جنهن سان ڪچهريون ۽ سندن ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ ۾ پوئتي نه هٽيا. سندن دوستي جو تعلق مثالي رهيو. هاء اسڪول بڪيرا شريف جا هڪ محنتي جفاڪش انسان، هرڪنهن جي ڪم اچڻ وارا هئا. مون سان ۽ منهنجي سائين حشمت علي شاھ صاحب سان گهڻي حجت هئي. ڪيترن ئي منهنجي ذاتي ڪم ڪارن کي پنهنجو سمجهي اڪلائي ايندو هو. وڏو همدرد انسان هو. اسڪول جي بجلي جي فٽنگ، پکن جي مرمت هجي يا اسڪول جي رنگ روغن جو ڪم، فرنيچر جي مرمت هجي. هر حال ۾ پاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نه ٿيڻ جي صورت م مزدور يا ڪاريگر وٺي ڪم پورو ڪندو هو . اسڪول ايندڙ ويندڙ مهمانن کي چانھ پاڻي ريفريشمينٽ جي حاضري بروقت سرانجام ڏيندا هئا. روزانو اسڪول ڊيوٽي کان پوء پنهنجي ڀيڻ جي گهر وڃي حال احوال وٺڻ سندن معمول ۾ شامل هو. پنهنجي وڏي ڀاء سائين فقير محمد شاھ جن جي بيماري جي حالت ۾ سندن هر طرح تيمه داري ڪيائون. ڏکين حالتن ۾ وڏي ڀاء جو ساٿ نه ڇڏيائون. سندن ٻه ڀائر سيد امير شاھ ڏاڏاهي ۽ سائين شوڪت شاھ ڏاڏاهي جي هڪٻئي پٺيان وفات ۽ سائين فقير محمد جي بيماري ۽ بعد ۾ وفات کيس اٻاڻڪو ضرور ڪيو پر همت نه هاريائين. زندگي جي ڏکن سکن کي منهن ڏيندو رهيو. انهن حالتن ۾ شگر ۽ بلڊ پريشر جي بيماري منهن ڪڍيو. جنهنجو علاج جاري هو. 2018ع جون گرمي جو موڪلون ختم ٿيڻ واريون هيون. موڪل ختم ٿيڻ تي اسڪول ۾ صفائي وغيره جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ان لاء معمول موجب اسڪول ۾ آيا. ٻين پٽيوالن سان گڏجي اسڪول جو ڪم ڪار ڪيائون. ان ئي رات 29 جولاء 2018 ع تي سندن هن جهان مان لاڏاڻو ٿيو. سائين حشمت شاھ محنتي جفاڪش ۽ محبتي انسان هو. سائين حشمت شاھ ڏاڏاهي جي فرزندن مان هڪ سيد اختر علي شاھ پاڪ فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ٻئي سيد اصغر شاه کي سن ڪوٽا تي هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ نوڪري ملي آهي.
    Asghar Shah Dadahi
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو