"ڏات ڌڻي هن ڏيھ جا" ڪڙي نمبر (7)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2024 11:48 وڳي۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    199
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ڏات ڌڻي هن ڏيھ جا "
    ٽنڊي الهيار ضلع جي ليکڪن جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف سلسلي جي ڪڙي نمبر (7)
    ڪتاب جو نالو: "دلبر منهنجي ديس جا"
    ڪتاب جي ليکڪ جو نالو : فتح محمد "شهزاد" ٿيٻو
    تحرير : عبدالله جروار

    اسان وٽ گهڻو اڳ هڪ درويش رهندو هو. جيڪو گهڻي سوچڻ کي خيالات جي بيماري سڏيندو هو. ان وقت ته ان ڳالھ کي مذاق سمجهندا هئاسين. پر جڏهن لکڻ پڙهڻ ڏانهن راغب ٿياسين ته معلوم ٿيو ته اها خيالات جي بيماري ليکڪن کي مڙيئي سرس هوندي آهي. مختلف موضوع مختلف عنوان ڳولي پيا حال سارو مٿاڪٽ ڪريون. اهو خيال ذهن ۾ جاڳيو ته ٽنڊي الهيار ۽ آس پاس جي ليکڪن ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. ڪيترا ڇپيا آهن. انهن جو تعارف ڏجي ته اهل علم دوست پنهنجي آس پاس سرجندڙ ادب ۽ انهن جي تخليقڪارن کان واقف به ٿين. اها ادبي علمي تاريخ محفوظ به رهي. ان سلسلي ۾ اڄ جنهن ڪتاب جو تعارف دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو. اهو آهي سائين فتح محمد شهزاد ٿيٻي صاحب جن جو لکيل ڪتاب "دلبر منهنجي ديس جا" (قديم سنڌ جون ساکون) سائين فتح محمد شهزاد ٿيٻو صاحب هڪ منفرد مزاج جي شخصيت آهن. اردو رسالن ڊائجسٽن کي پڙهڻ ۽ لکڻ جي شروعات ڪندي ولھار اخبار، ولھار پبليڪيشن جو قيام، ڪيترن ڪتابن جي ترجمي کان ويندي قديم ٻولين تي تحقيق سميت ڪيترائي موضوع آهن. جن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. هن ڪتاب جي ڇپائي جو سال 2016 ع آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف تاريخي شخصيتن جي ڪردار تي لکيو ويو آهي. جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ تاريخي ڪم ڪري نالو ڪمايو آهي. ليکڪ سائين فتح محمد شهزاد هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي جيجل امڙ ۽ پنهنجي دادلي نياڻي جي نالي ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ مددگار طور ارمان گل اوڏ صاحب شامل آهن. ڪتاب جو شروعاتي نوٽ سائين فتح محمد شهزاد جن پاڻ لکيو آهي. جنهن ۾ ڪتاب لکڻ جو مقصد نالو ڪمائڻ نه بلڪ تاريخي حقيقت ۽ تاريخي ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ لکيو اٿن. علمي ادبي شخصيتن توڙي اهل علم حضرات کي ڪتاب پنهنجا رايا ڏيڻ جي گذارش ڪندي. همت افزائي ڪندڙ دوستن جا نالا به لکيا اٿن. اداري پاران نوٽ به سائين فتح محمد شهزاد صاحب جن جو لکيل آهي. جنهن ولھار اخبار جاري ڪرڻ کان اخبار بند ڪري ولھار پبليڪيشن جي قيام جو پيرائتو احوال ڏنل آهي. ڪجھ عرض حال عنوان سان تحرير کان پوء "دلبر منهنجي ديس جا"
    کان سنڌ جو سڳنڌ تائين جو سفر ". تحت ٻن صفحن جو نوٽ ناليواري ليکڪ غلام مصطفي ا سولنگي صاحب لکيو آهي سنڌ جون ساکون جي حوالي سان سٺي تحرير لکيل آهي. ساک : ويساه، ڪردار، ڪم، عمل گهڻيون معنائون اچي وڃن ٿيون. جيڪي ڪردار شامل ڪيل آهي. اهي پنهنجي وقت جا وڏا نالا آهن. هن مضمون 300 ساڍا ٽي سئو قبل مسيح سنڌ ۽ آس پاس جي ملڪن تي سڪندر مقدوني جي ڪاه فتوحات. سنڌ جو سياسي طبعي حالتن بابت شاندار تحرير آهي. جنهن کي سائين فتح محمد شهزاد جهڙي جاکوڙي انسان مختلف ڪتابن جي حوالن جي روشني ۾ لکي هڪ دستاويز مرتب ڪيو اٿن. هي مضمون 62 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن 67 ڪتابن جا حوالا ضميمي طور شامل ڪيل آهن. تاريخ جي شاگردن لاء سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
    "منهنجي روح جا راڻا" جي عنوان سان مضمون شامل ڪيل آهي. جنهن م پنهنجي جنم کان تعليم حاصل ڪرڻ جي سفر ۾ صالح استادن جي صحبت جي ذڪر سان انهن نيڪ نام هستين جو ذڪر ڪيو اٿن جن هٿين خالي هوندي اهڙا ادارا اڏي علم ۽ فيض جا دريا واهي ويا. جن جو فيض هزارين ڇا بلڪ لکڻ انسانن کي فيضياب ڪيو. سائين جن پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول کان مسڻ وڏي جي نامور شخصيتن قبلہ سائين محمد اسماعيل لغاري ۽ قبله سائين عبدالڪريم لغاري رحمت الله عليه. جن جي قائم ڪيل مدرسي کان هاء اسڪول جي قيام سان غريب شاگردن لاء هاسٽل جي انتظام جو پيرائتو ذڪر ڪيو اٿن. مسڻ وڏي جي هڪ اداري جي اوج کان ويندي ڀٽي صاحب جي عوامي حڪومت جي اداري جي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري فيصلي کان پوء تعليم جي تباهي جو ذڪر ڪيل آهي.
    کاروڙي جو خان "ٿر جو سخي ڄام، سپڙ ثاني" سرهو دل"
    هن ڪتاب م موجود هن مضمون م سائين فتح محمد شهزاد هڪ اهڙي شخصيت جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن سائين فتح محمد جي جي جواني هئي شڪار ۽ گهمڻ ڦرڻ جي شوق ۾ ٿر ڏانهن گهڻو اچڻ وڃڻ هو. ٿر م ان وقت هن سخي ڏاتار جا قصه هر عام و خاص جي زبان تي هئا. سندن اوطاق، مهمانوازي، سخاوت ۽ حاجت منددن جي حاجت روائي ملڪان ملڪ مشهور هئي. راڄوڻي فيصلن ۾ سندس بي ريائي سندس ڪردار کي وڏي جلا بخشي. اهڙي ڪردار سان ليکڪ جي ساڻس مختصر ملاقات سندس اوطاق جو اکين ڏٺو احوال هن مضمون ۾ پيرائتو ڏنل آهي. ڪتاب جي ڏهن تي هن مضمون سخي مرد "سرهو دل" جو ذڪر آهي. اهڙا ڪردار اڄ جي ناپيد ناهن تڏهن به بنھ ٿورڙا بچيا آهن.

    "سخي ڄام جکرو ثاني رئيس محمد اشرف ٿيٻو"
    رپ ضلع بدين بدين جي راڻي وڏيري محمد اشرف ٿيٻي جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ڳوٺ "رپ" جي تاريخ، يونين ڪائونسل، جو ذڪر تاريخ جي روشني م مختلف ڪتابن ۽ شخصيتن جي حوالي سان شروع ڪيل آهي. مشهور ريلوي اسٽيشن ۽ اسٽاپ پيرو لشاري جي قيام جو پڻ احوال ڏنو آهي. وڏيري مير محمد ٿيٻي ۽ بعد ۾ سندس فرزند وڏيري محمد اشرف ٿيٻي جي عالمن توڙي عام وخاص سان اٿڻ ويهڻ سان گڏ وڏيري محمد اشرف ٿيٻي جي سخاوت جي گڻن کي پيرائتي نموني لکيو. سندس سخاوت جا قصا جيڪي ان وقت عام و خاص جي زبان تي هئا. کي به زير قلم آندو اٿن. هي مضمون به هڪ سخي ڪردار کي شاندار ڀيٽا طور شامل ڪيل آهي. آخر ۾ دنيا بي ثباتي جو ذڪر ڪيل آهي. سندن زمينون وارثن م ورهائجي چڪيون آهن. باقي سندن تاج محل نما بنگلو ۽ پراڻي زماني موٽر ڪار عبرت وٺندڙ اکين لاء موجود آهي. جن کي ڏسي پسي سگهجي ٿو.

    "مرد تنهنجي دنيا ۾ باقي وڃي ڪا ڳالهه رهندي "

    "سنڌ ڌرتي جو مٺڙو ماڻهو حافظ حيات شاھ نابين"
    هي درويش شاعر به اصل ته پنجاب جو هو پر وقت ۽ حالتن کان مجبور ٿي سنڌ ۾ اچي رهيو. ننڍپڻ کان ڪتابن پڙهڻ جي شوق ۾ ليکڪ سائين فتح محمد شهزاد صاحب ڪتاب "سلطانه بيگم عرف داستان غم " ۽ ناول وڇڙيلن جو ميلو" پڙهڻ کان هن شخصيت ڏانهن ٿيا. حافظ حيات اکين کان نابين هئا. هي ڪتاب بي ڪنهن کان لکرايا هئائون. سٺا شاعر به هئا. هن شاعر ۽ ليکڪ جي زندگي به طويل داستان تي مشتمل آهي. جنهن کي پيرائتي نموني لکيو ويو آهي. سندن هي شعر بابا سائين اڪثر ٻڌائيندا هئا جيڪو بعد ۾ سائين فتح محمد صاحب مڪمل ڪري موڪليو هو جو هتي ڏجي ٿو

    ازل جي انگ

    بنائي قيس کي چريو رلايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ
    جبل فرهاد کان زوري ٽڪايو ڪنهن؟ازل جي انگ.

    بخارا کان تہ عزت بيگ کي پنجاب ۾ آڻي ۔
    لقب مرزا تي ميهر جو رکايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    ڇڏائي تخت رانجهي کان پنائي پنج ڪڻي جهنگ جي۔
    ڏئي گيڙو رتا رنگ پر رسايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    رئاڙي ڍٽ ۾ راڻي کي سڏائي ڪاڪ جي ڪنڊ ۾
    ھلائي قرب جي ڪاتي ڪهايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    پنهون هو ڪيچ جو سائين سموري راڄ جو مالڪ
    کٽَِي ڀنڀور جوتنهن کي بنايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    ڪٿي ليلا ڪٿي شيرين ۽ ڪٿ ٿي هير ڪٿ سهڻي
    ڪٿي مومل ڪٿي سسئي سڏايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    ويا ڪي پيڙھجي ڪي چيرجي ۽ ڪي ڪٺا پڙ ۾
    تماشو هي تريء تي جهٽ پسايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    گلن جي ديد جي خاطر لڪي گلزار ۾ بلبل ۔
    بنايو خيان تنهن کي رلايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    مٺي سلطانہ بيگم کي ڏئي دعوت سهيلين جي
    مرڻ لئہ ڳوٺ ناناڻي گهرايو ڪنهن؟ ازل جي انگ

    صبح سانجهي سوين جنهن در سلامي ۽ هئاگامي
    انهيء گهر کي ڦٽايو ۽ وڃايو ڪنهن؟ ازل جي انگ

    نڌڻڪو ھونہ حافظ ڪو نہ هئي ماني کٽي گهر ۾
    مگر تنهن کي آڻي سنڌ ۾ رلايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ

    هن ڪتاب ۾ باقي شامل مضمونن ۾
    "جوڻيجا جيئن شال"
    هن مضمون ۾ سعيد پور ٿيٻا لڳ تلهار جي ارباب الهبچايو جوڻيجو، انجنيئر عبدالجليل ۽ ڊاڪٽر طالب حسين جن جو ذڪر ڪيو اٿن.
    "ڏيئي شهر جا ڏيئا"
    هن مضمون ۾ ڏيئي شهر جي ٻن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي. جن م هڪ محترم عبدالرحمن کوسي صاحب ۽ ٻيو وينجهراج سوڍو آهي. جن کي ليکڪ دو هنسون ڪا جوڙا ڪوٺيو آهي.

    کپري جي ڳوٺ باڪو چانهيو جي عطا محمد چانهيو بابت مضمون ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهي

    "جهالت خلاف جهالت ڪندڙ هڪ مرد قلندر " جي عنوان سائين قاضي محمد ابراهيم ٿيٻي صاحب مرحوم جي سعيد پور ۾ قائم ڪيل جڳ مشهور علمي اداري جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي.
    ڪتاب جي آخر م هڪ خط لکيل آهي. جنهن سنڌ جي ليکڪن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي پنهنجي علائقي جي تاريخ سهيڙڻ جي اپيل ڪيل آهي.
    سائين فتح محمد شهزاد ٿيٻي صاحب جا ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. پاڻ جاکوڙي انسان آهن. ڳوٺ ۾ سڄو ڏينهن ڪتب خاني ۾ پڙهڻ لکڻ ۾ گذارين ٿا. هر ڪنهن وٽ ڏک سک ۾ پير ڀرڻ جو سلسلو جاري رکيو اچن. الله پاڪ کين سدا خوش رکي علم، ادب ۽ تاريخ جا واهڙ واهيندا رهن.

    Shahzad Fateh Muhammad Thebo
    Akbar Ali
    Arman Gul Oad
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو