ليکڪ ۽ ريڊيو لسنر عبدالله جروار

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2024 11:50 وڳي۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    199
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ريڊيو نيٽورڪ ٽنڊو الهيار جي سرواڻ مشهور ليکڪ ۽ سينئر ريڊيو لسنر عبدالله جروار سان ڳالھ ٻولھ
    راھب علي لاڙڪ

    اوھان جو نالو : عبدالله جروار
    ذات: جروار .
    ولديت : عمر الدين جروار .
    جنم جي تاريخ ۽ ماڳ : 02 آگسٽ 1959ع ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊوالهيار .
    ادبي نالو: عبدالله جروار
    تعليم : ايم اي، ايم ايڊ
    پيشو / ڪرت : رٽائرڊ تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر سيڪنڊري چمبڙ .
    وندر : مضمون لکڻ، ڪتاب پڙهڻ ۽ ريڊيو جا پروگرام ٻڌڻ .
    پسند جو لباس, شلوار قمیص .
    پسند جو کاڌو, جيڪو وقت سر ملي.
    پسند جو گل , گلاب .
    پسند جي خوشبوء , موتيو .
    پسند جو ڏينھن: آچر .
    پسند جو مھينو: آگسٽ .
    پسند جي موسم: ساوڻ جي مند .
    پسند جا ملڪ : پاڪستان ۽ سعودي عرب .
    پسند جا شھر : پنهنجو ڳوٺ ٽنڊوالهيار ۽ مدينو منوره .
    پسند جا تاريخي ماڳ : ڪينجهر ۽ مڪلي .
    پسند جا ڪتاب : قرآن شريف، شاھ سائين جو رسالو ۽ اڳي ائين هياس .
    پسند جا پروگرام : صبح مهراڻ، لوچين سي لهن ۽ پڇن سي پسن .
    پسند جا پروڊيوسر : خالد حسين چانڊيو، جبران زيب ۽ طالب حسين مغل .
    پسند جا ڪمپيئر : مير محمد لنجار، ماڪن شاھ رضوي، امين ارباب، خليل جان قريشي ۽ سهراب گوپانگ.
    پسند جا آر جي : اسلم چنا ۽ بشير اوڍيجو .
    پسند جا اسٽوڊيو انجنيئر : توفيق احمد ميمڻ .
    ريڊيو تي لکڻ شروعات : 1974ع باقاعدگي سان 1977 ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس جا فرمائشي پروگرام .
    توھان ڪھڙي نيٽورڪ تي پروگرام ڪندا آھيو : آء ريڊيو نيٽورڪ ٽنڊو الهيار جي نگراني ڪندو آھيان .
    ڪھڙي سال کان پروگرام ڪيو ٿا : 2021 ع کان منهنجو يوٽيوب چئنل آهي. Jarwar Abdullah YouTube channel جنهن ۾ تقريبن 2200 سنڌي گانا رکيل آهن. دوست ان کي سپورٽ ڪن. ٻڌن ۽ پنهنجي راء ڏين.
    ڪمپيئرنگ ڪرڻ مان فائدو :
    هڪٻئي سان ڄاڻ شيئر ڪرڻ، دوستن جا خيالات ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگھ ۾اضافو ٿئي ٿو.
    ڪنھن کان متاثر ٿي ڪمپيئرنگ جو شوق ٿيو. مير اڪرم علي ٽالپر صاحب جهول .
    ڪنھن کان متاثر ٿي ريڊيي تي لکڻ شروع ڪيو : ريڊيو ٻڌڻ جي شوق لکڻ تي به مجبور ڪيو .
    معاشري ۾ ريڊيي جي اھميت: ريڊيو جي اهميت اڄ به آهي افسوس جو ميڊيم ويوز تي گهڻو اسٽيشنون هلن نٿيون. ريڊيو تي پروگرام ٻڌڻ ۾ خرچ گهٽ ٿئي ٿو. موبائل نيٽورڪ جو مسئلو نٿو رهي پر ڪافي اسٽيشنون جن ۾ بي بي سي اردو سروس يا ريڊيو پاڪستان ڪراچي، آل انڊيا ريڊيو سنڌي اردو سروس بند ٿي چڪيون آهن. يا هلن نٿيون .
    ريڊيي تي ڪھڙا پروگرام ھلڻ گھرجن : سٺا معلوماتي تفريحي پروگرام سنجيده موسيقي وارا .
    پھرين تخليق ڇا ۾ ۽ ڪڏھن شايع ٿي : ريڊيو منهنجو دوست جي عنوان سان مضمونن جي شروعات ڪيم. جيڪي ريڊيو جي متعلق يادگيرين تي مشتمل هئا. بعد ۾ لکڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪافي مضمون مختلف موضوعن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
    شايع ٿيل ڪتابن جا نالا ۽اڻڇپيل ڪتابن جو تعداد : 1. "ٻري جن ٻاري " ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان. 2. يادگيرين تي مشتمل ڪتاب .
    مليل مڃتا ايوارڊ يا سرٽيفڪيٽ : بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ٽي دفعا ۽ 14 آگسٽ 2019ع تي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار طرفان بسيٽ ايڊيوڪيشن آفيسر طور شيلڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ان کان سواء ڪافي تعريفي سرٽيفڪيٽ مليا جيڪي اڪثر تعليمي خدمتن جي حوالي سان آهن .
    سماجي ڪمن ۾ توھان جو ڪھڙو ڪردار آ : پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائي ڪافي ڪم ڪيل جن ۾ ڳوٺ جي بجلي اسڪول ۽ تعليم وغيرھ جا مسئلا حل ڪرڻ شامل آهن.
    واٽس ائپ گروپن مان فائدا: واٽس ايپ گروپن مان فائدا آهن اگر گروپن ۾ سنجيده معلوماتي پوسٽون شامل هجن. تہ فائدا آھن باقي اجايون پوسٽون بيزار ڪن ٿيون .
    اوھان جي ڪا خواھش: زندگي جي آخري ڏاڪي تي ڪهڙيون خواهشون!
    زندگيء جو ڪو واقعو : کوڙ واقعا آهن. ڪهڙا لکجن. جيڪو وقت گذريو، عزت عافيت خير خوبي سان گذريو آهي. آئنده به ننگي تي ننگ آهي.
    پيغام : زندگي گهڙي کن جو کيل آھي جنهن کي هڪٻئي جي عزت، محبت ۽ احترام سان گذاريو. اجائي وقت وڃائڻ بدران ڪو چڱو ڪم ڪري وڃجي.
    مڪمل ڏس پتو موبائيل نمبر : ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقه ضلع ٽنڊوالهيار .
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو