"ڏات ڌڻي هن ڏيھ جا" عبدالله آس هنڱورجو جي شاعري

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2024 11:53 وڳي۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    199
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ڏات ڌڻي هن ڏيھ جا"
    ڪتابن جي تعارف جي سلسلي طور
    ڪتاب "اکين منجھ آڙنگ"
    ڪتاب جو شاعر : عبدالله آس هنڱورجو
    تحرير : عبدالله جروار

    عبدالله آس هنڱورجي صاحب جو جنم تاريخ 23 فيبروري 1989 ع تي ڳوٺ ٻگهار ۾ سائين ساوڻ هنڱورجو صاحب جن جي گهر ۾ ٿيو. عبدالله آس هنڱورجي صاحب جو نالو سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ چمڪندڙ ستاري جيان آهي. سندن پهرين سڃاڻپ پنهنجي والد صاحب سائين ساوڻ هنڱورجو صاحب جن جو فرزند هجڻ آهي. سائين ساوڻ هنڱورجو صاحب شاھ سائين جو پارکو ۽ سنڌ جي سگهڙ شخصيت آهن. پر نوجوان عبدالله هنڱورجي صاحب به شاعري علم و ادب جي حوالي نوجوان شاعرن ۾ پنهنجو مقام ضرور جوڙيو آهي. منهنجي ڳچ عرصي سان هن نوجوان سان فيس بوڪ تي دعا سلام ٿيندي رهي ٿي. علم و ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ نوجوان مون کي گهڻو وڻندا آهن. جو مستقبل ۾ انهن کي ئي سنڌي علم و ادب جي آبياري ڪري سلسلي کي جاري رکڻو آهي. جيئن سنڌي ٻولي، ثقافت، علم و ادب قائم ۽ دائم رهي. مون کي عبدالله آس هنڱورجي صاحب پنهنجي شاعري جي مجموعي تي منهنجي راء لکڻ جو چيو. جنهن جو چوڻ کي موٽائي نه سگهيس. ڇو جو هاڻ عمر جي ان حصي ۾ آهيون. جنهن ۾ انسان هڪ پوڙهو ٻيو ٻوڙو ٿي پوندو آهي. بهرحال ڪتاب "اکين منجھ آڙنگ " عنوان مان ئي ظاهر آهي ته انسان جي اندر جي ڪيفيت انسان جي چهري تي اکين مان ئي ظاهر ٿيندي آهي. عبدالله آس هنڱورجو صاحب جن پنهنجي شاعري جي مجموعي "اکين منجھ آڙنگ" جي ارپنا پنهنجي والد صاحب ناليواري سگهڙ ۽ شاھ سائين، ڀڳت ڪبير جي پارکو سائين ساوڻ هنڱورجو صاحب، ناليواري شاعر ۽ ليکڪ سائين امر ساهڙ، پنهنجين گڏڙين جيترين نياڻين عطيه آس، عاليه آس، عافيه آس جي نالي ڪئي آهي.
    پبلشر جي نوٽ جي نالي سان تعارف سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جي سرواڻ پرڪاش ڪرمواڻي صاحب لکيو آهي. جنهن ۾ هن شاعري جي مجموعي تي سرهائي ۽ اداري طرفان سٺا معياري علمي ادبي ڪتاب ڇپائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو اٿن.
    جدهن ته مختلف عنوانن سان ناليوارين علمي ادبي شخصيتن شاعر ۽ سندس هن پورهئي تي سٺو جامع تبصرو لکيو آهي. جنهن جا عنوان هن طرح آهن.
    1. ڪتاب تي پيش لفظ پروفيسر محمد هنڱورجو صاحب لکيا آهن.
    2. "نفيس جذبن جو شاعر :عبدالله آس هنڱورجو" جي عنوان سان مضمون ناليواري شاعره فهميده شرف بلوچ صاحبه لکيو آهي.
    3. "سادگي کي سونهن ارپيندڙ شاعر : عبدالله آس هنڱورجو" جي عنوان سان مضمون چمن آر ٿري صاحب لکيو آهي.
    4. " آس ڪڪر جي آس " جي عنوان ڪتاب ۽ عبدالله آس جي شاعري تي ٽيڪا ٽپڻي ناليواري شاعر سائين وسيم سومري صاحب ڪئي آهي.
    5. " شاعري جو هم عمر ۽ هم خيال شاعر " جي عنوان سان مشتاق جنجهي صاحب جي ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ شاعر جي شخصيت تي لکيل مضمون شامل آهي.
    هن ڪتاب ۾ غزل، نظم ۽ چؤسٽا شامل آهن. خاص ڳالھ اها آهي ته انهن هر هڪ صنف تي ناليوارن شاعرن جو مختصر نوٽ به شامل ڪيل آهي. جيڪا هڪ نئين ڳالھ آھي.
    جيئن ته عبدالله آس هنڱورجو صاحب نوجوان آهي. جواني ۾ رومانٽڪ جذبات جو اڀار گهڻو هوندو آهي. تنهن هوندي پنهنجي غزلن رومانس سان سماج ۾ موجود ڏکن، درد، وڇوڙي، ٻين عام حالتن کي شاعري چڱي نموني رنگ ڀريو اٿس. جنهن مان سندن حساسيت ظاهر ٿئي ٿي. غزلن جي حصي جي شروعات ۾ ناليواري شاعري سائين اياز رضوي صاحب جي تحرير بعنوان "مورن جي رقص جهڙو شاعر عبدالله آس هنڱورجو.
    شاعري جي هن مجموعي مان غزلن جا ڪجھ بند ڏجن ٿا. جنهن مان شاعر جي خيالن جي اظهار جي پختگي ظاهر ٿئي ٿئي.
    ڪجھ غزلن جا چونڊ بند ڏجن ٿا. جنهن کي دوست پڙھي آس جي شاعري ۽ سندس خيالن جي اظهار جي وسعت کي سمجهي سگهن ٿا.

    سوچي ٿي بس هاڻ حياتي،
    گڏجي گهاريون هاڻ حياتي،
    وقت ڇڏيو آ، ويڙهي ڏک ۾
    هاڻ اچي تون، واڻ حياتي،

    اهڙي طرح هڪ ٻئي غزل ۾ سهڻو انداز بيان :
    ڪاٿي لپ اٽي جي رکندي،
    گهر ۾ ٿالهي تس ئي ناهي،

    عورت ڳاڙهي ڀي ڪاري آ،
    مردن کي ڪو ڪس ئي ناهي.

    آس جي معني ا اميد آهي پر اميد جو اظهار شاندار نموني ڪيل آهي.

    موٽي ٻيهر ايندين تون جي،
    ٻانهون پنهنجو هار ڪندو هي،
    "آس" اسان جي رب ۾ آهي،
    ٻيڙا تاري پار ڪندو هي.

    وري هن بند ۾ سانگين سان محبت جو اظهار
    سانگي سور پٽن پيا ڪيڏا،
    خوش گذاريان، چريو ناهيان.

    شاعر جي وقت سان شڪايت جو خوبصورت انداز

    سونا، روپا پل سمورا
    وقت ڪري ويو ڀيل اسانجا.

    هڪ ٻئي غزل جو بند پيش خدمت آهي.

    انڌيرن سان لڙندي، هوائن سان ٻکندي،
    پرين هن دنيا ۾ بتي ٿي وياسين،
    اسين سير سواء کان سوايا سراسر،
    مگر تولئه هڪڙي رتي ٿي وياسين،

    مضمون ڪافي طويل ٿي ويو آهي. مختصر ڪندي. لکجي ٿو. هن ڪتاب جي نظم جي حصي جو مهاڳ ناليواري شاعر منور هاليپوٽي لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي.
    " آس خوشنصيب شاعر آهي"

    هن حصي ۾ سٺا نظم شامل آهن.
    جڏهن ته بيت ۽ ٽه سٽن جي حصي جو مهاڳ ناليواري شاعره مريم مجيدي صاحبه لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي
    " گنڀير ويچارن جي اپٽار"

    عبدالله آس هنگورجو صاحب سنڌي ٻولي جو نوجوان شاعر آهي. هينئر ئي سندس شاندار شاعري آهي . وقت گذرڻ سان اميد ڪجي ٿي ته سندس شاعري ۾ وڌيڪ نکار ايندو.
    Abdullah Aas Hingorjo
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو