حاجي جلال جو دڙو، قبرستان يا ڦٽل شهر

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2024 11:58 وڳي۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    199
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    حاجي جلال جو دڙو، قبرستان يا ڦٽل ڳوٺ.؟
    تحرير : عبدالله جروار

    اسان جي ڳوٺن واري ديھ سهڻا بڪيرا يونين ڪائونسل بڪيرا شريف سرڪل چمبڙ تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار جنهن ۾ ڳوٺ اميد علي بوزدار به اچي ٿو. جيڪو پراڻي کيساني واھ جي کاٻي ڪپ تي ۽ زئونر شاخ ساڄي ڪپ قائم آهي. جيڪو ديھ جي نقشي ۾ به موجود ان ڳوٺ کان چار پنج ايڪڙ اولھ طرف هڪ قبرستان موجود آهي. جنهن ۾ هن ڳوٺ جا فوت ٿي ويل ڳوٺاڻا مدفون آهن. هي هن ڳوٺ جي لغاري ۽ ملاح برادري جو قديم قبرستان آهي. هن قبرستان کي حاجي جلال جو قبرستان سڏيو وڃي ٿو. هن قبرستان ۾ حاجي جلال جي تربت به موجود آهي. لغاري برداري جا بزرگ هر سال هتي حاجي جلال تي خيرات ڪندا هئا. جيڪي ننڍپڻ ۾ اسان پڻ ڪافي دفعا آهي خيراتون کاڌيون. ان خيرات جو انتظام لغاري برادري جا بزرگ چاچو مريد خان بعد چاچو علي محمد ۽ خميسو خان، حاجي راضي خان، چاچو پٽيل الھ بخش جو خاندان، سميت سمورو ڳوٺ شامل هوندو هو. بعد م وقت ۽ حالات بدليا. پوء اهي خير خيراتون ويون. اڄ به هي ڳوٺ مذهبي هئڻ سان هر ڪنهن جي عزت احترام ڪرڻ سميت ڪنهن سان اجائي ڇيڙ خواني نه ڪرڻ، خير خيرات گهڻي ڪرڻ م مشهور آهي. ڪنهن آيل يا مسافر کي ماني کارائڻ وارن مان آهن. هينئر هن ڳوٺ جو وڏو معزز شخصيت چاچو غلام محمد لغاري صاحب آهي. رئيس منظور لغاري صاحب، محمد اسحاق، سندن مامو مجيري محمد شريف، پنهون خان سٺا خوشحال زميندار ۽ مال وند آهن. جن جي زمين ناهي اهي مالوند ۽ مزدور آهن . ملاح برادري جا وڏڙا مال جا واپاري ڪيلن جا ٺيڪيدار ۽ مزدور پيشه آهن

    ڳالھ ٿي ڪئي سين حاجي جلال جي. حاجي جلال جو دڙو جتي قبرستان واقع آهي ان بابت ٻڌايو وڃي ته اتي سهڻا بڪيرا نالي ڳوٺ آباد هو. جيڪو بعد ۾ مدد خان پٺاڻ جي حملي يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري تباھ ٿيو. جنهن م ڪجھ حقيقت به نظر اچي ٿي. جو هن پوري ديھ ۾ بڪيرا برادري جو هڪ ڳوٺ يا گهر موجود ڪونهي. تنهن هوندي به هن ديھ جو نالو سهڻا بڪيرا رکيو ويو آهي. هي هڪ تحقيق طلب ماڳ ضرور آهي. موجوده وقت ۾ هن قبرستان جي چوڌاري حاجي غلام حسين کوکر جي فرزندن جي زمين آهي. قبرستان ڏانهن هڪ پٽڙي وڃي ٿي.
    Akbar Ali
    Ali Muhammad Laghari
    Muhammad Ishaque
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو