مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
فيس بوڪ ويب سائيٽ ڪجهه وقت کان سندس مختلف فيصلن جي ڪري تنازعي جو شڪار رهي آهي، اونئن ته اسلام جي خلاف ان ويب سائيٽ تي مختلف تحريڪون هلندڙ آهن پر ڪجهه وقت اڳ ۾ گڏيل طور تي رسول پاڪ جي شان اقدس ۾ جسارت ڪندڙ مردود ڪارٽونسٽ ماڻهن جي هڪ ايونٽ جي منعقد ڪرڻ تي هن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو۔ ۽ بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويو، پر مختلف ملڪن ۾ ان کي سينسر ڪرڻ کان بعد ڪجهه زور گهٽيو۔۔۔
هاڻي فيس بوڪ هڪ ٻي شرمناڪ حرڪت ڪئي آهي۔۔ جنهن مطابق هنن فيس بوڪ تي مسلم دنيا جا سڀ کان وڌيڪ مقبول مشهور ٻه صفحا۔ آئي لَو محمد ۽ قرآن لَورس بند ڪري يا ختم ڪري ڇڏيا آهن۔ انهيءَجي خلاف فيس بوڪ جي 2 ڏهائي 5 ملين مسلم يوزرس ان ويب سائيٽ جي باني کي انهيءَ ڳالهه جو ذميوار قرار ڏيندي سخت احتجاج جي ڌمڪي ڏيڻ کان علاوه مسلم دنيا جي نئين رابطن جي ويب سائيٽ مدينا ڊاٽ ڪام تي منتقلي جي ڌمڪي ڏني آهي۔۔
خط ۾ نه صرف انهن صفحن کي هٽائڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي پر فيس بوڪ جي ٺاهيندڙن کي اهڙن اصولن جي وضع ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي جن سان اڳتي فيس بوڪ تي مسلمانن جي جذباتن سان کيڏندڙ متنازعه پيجن، مواد ۽ تبصرن کي ختم ڪري سگهجي۔۔