ٻالڪ جي ليکڪ امداد جسڪاڻي سان ڳالھ ٻوله

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ٻالڪ جي ليکڪ امداد جسڪاڻي سان ڳالهه ٻولهه
    انٽرويو ڪندڙ: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

    امداد الله، احمد علي جسڪاڻيءَ جي گهر ڳوٺ جمعو جسڪاڻي تعلقي پني عاقل ۾ پهرين اپريل 1981ع تي جنم ورتو، هن 2000ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو اٿس کيس پنهنجي ڪم تي ٻالڪ ادبي فورم ۽ ٻين ادارن مان ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن، سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ۽ ادبي نالو امداد جسڪاڻي اٿس.

    سوال 1: پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادبي شوق بابت ڄاڻ ڏيو؟
    جواب : منھنجو ننڍپڻ به بانبڙا پائيندي ، کيڏندي گذريو ، آئون ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ ھئڻ ڪري والدين مون سان بيحد پيار ڪندا ھئا ۽ ھو پڙھائي جي مامري ۾ خاص ڪري والد محترم مون تي سختي ڪندو ھو ، مان B.A تائين پڙھي سگھيو آھيان ، جيئن ته منھنجو محترم والد به شاعر ھو ھن جو ادبي ورثو اڄ به مون وٽ آھي ، بابا احمد علي اداسي بلوچ جي نالي سان لکندو هو جنهن جي شاعريءَ ۽ ان جا خريد ڪيل ڪتاب پڙھي به مون کي لکڻ جو شوق ٿيو
    سوال 2: ٻالڪ ادب ۾ پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ پنهنجا محسوسات ڄاڻايو
    جواب : منھنجي پھرين ٻاراڻي لکڻي نظم جي صورت ۾ گل ڦل رسالي ۾ شايع ٿي جنھن کي ڏسي پڙھي محسوس ائين ٿيو ڄڻ دنيا جي ڪا انمول قيمتي شئي منھنجي ھٿ لڳي آهي ، ان کان بعد ۾ آئون اسرار شام جيڪو سنڌي ٻاراڻي ادب جو اھم ڪردار ۽ ليکڪ آهي ان پاران شايع ٿيندڙ رسالي سنڌي ٻارڙا ، گلڙا ، ساٿي ، گلستان ، روشن تارا ، اتساھ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيس ۽ منھنجو پھريون ٻاراڻو ڪھاڻين جو ڪتاب مستقبل جا مسيحا جي 2015 ۾ شايع ٿيو
    سوال 3: پنهنجي ادبي ڪم بابت ٻڌايو.
    جواب : آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ پنوعاقل سٽي جو ميمبر آھيان ۽ ٻيون دفعو سيڪريٽري چونڊيو ويو آهيان ، آئون ڪتاب خريد ڪري به ادبي ڪتاب پڙهندڙ دوستن کي ڏيندو آھيان جيئن اسان جي ادب کي ھٿي ملي ۽ مختلف اخبارن رسالن روزاني ھلال پاڪستان ، گل ڦل رسالي ۾ به پنھنجون لکڻيون شايع ڪرايان ٿو ۽ سنڌي ادب لاءِ لکڻ پڙھڻ کان ھڪ منٽ به پري ناھيان ٿيو ، منھنجو تازو ئي ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب " ٻارن ٻاريا ديپ " سنسار پبليڪيشن پاران ڇپرايو آهي ، ھن وقت ٻاراڻي ادب جا ليکڪ به ٿورا آھن ته ٻاراڻي ادب جا رسالا ۽ اخبارن جا صفحا شايع ٿيڻ به گھٽجي ويا آهن بلڪه شايع ٿي نٿا ٿين ، ھن وقت سنڌي ٻاراڻي ادب جا ڪجھه ليکڪ ئي آھن جيڪي پنهنجي خرچ تي ڪتاب شايع ڪرائي رھيا آھن ۽ ھي ھڪ بھترين عمل آهي ان سان ان ليکڪ جو ٻاراڻي ادب جو پورھيو ۽ ورثو محفوظ رھندو ، ھونءَ به ڪتاب جي اھميت وڏي آھي ۽ ھر ليکڪ به چاھيندو آھي ته آئون صاحب ڪتاب ٿيان

    سوال 4: هلندڙ وقت ۾ ٻارن لاءِ ڇپجندڙ ادب جي رفتار تمام گهٽ آهي، ٻالڪ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙو اُپاءُ وٺي سگهجن ٿا.
    جواب : ٻاراڻي ادب کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ناميارن ليکڪن ، ليکڪائن کي وڌ ۾ وڌ ٻاراڻا نظم ، ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپرائڻ گھرجن يا پنھنجا ڪتاب ڇپرائڻ گھرجن ته ان سان ٻاراڻي ادب کي ھٿي ملندي ۽ سنڌي ٻاراڻو ادب عام ٿيندو ، ھن وقت ناميارا اديب ڄڻ ته ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ کي عيب ٿا سمجھن توڙي جو ڪيترا ئي سنڌي ادب جا وڏا شاعر ٻاراڻي ادب کان لکڻ شروع ڪيو پر ھو ھن وقت ٻاراڻي ادب کان پري آھن ، مون ھي پڙھيو به آھي ۽ سمجھان به ٿو ته سڌريل ترقي يافته ملڪن ۾ ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪم ٿيندو آهي پر ھتي اسرار شام جي ھي چوڻي سچ لڳندي آهي ته سنڌي ٻاراڻو ادب بيواھو ادب آھي
    سوال 5: ڇا اڄ جو ٻار مطالعي کان پري وڃي رهيو آهي؟ جي ها ته پوءِ انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن حل ڄاڻايو؟
    جواب : ٻار نصابي ڪتاب ته پڙھن ٿا پر ٻاراڻي ادب جا ڪتاب نه پڙھڻ جي برابر پڙھن ٿا ، ٻار مطالعي کان ان ڪري به پري آھن جو ھو موبائيل گھڻو استعمال ڪن ٿا ، موبائيل ٻار جي ھٿ ۾ خطرناڪ ھٿيار وانگر آھي اھو ئي سبب آھي جو ٻار ننڍپڻ ۾ ئي مطالعي بدران موبائيل ۾ وڌيڪ رڌل رھي ٿو

    سوال 6: ٻالڪ ادب جي ليکڪن کي پنهنجي فن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون آهن ۽ خاص طور ڪتابن کي شايع ڪرائڻ ۾ ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟
    جواب : ھلندڙ وقت ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو مھانگائي آھي ، ڪاغذ مھانگو ٿيڻ ڪري ليکڪ ڪتاب گھٽ ڇپرائن ٿا ۽ ٻئي پاسي ڪتابن جو وڪرو به گھٽ ٿئي ٿو ، سنڌي شاگردن ۽ پڙھندڙن کي گھرجي ته ھو پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجي اولاد لاءِ ڪتاب خريد ڪن ته جيئن ليکڪ ۽ پبلشر نوان ڪتاب نيون سوچون ، تحريرون ڇپرائي سگھن
    سوال 7:ٻارن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو.
    جواب : ٻارن کي آئون اھو ئي پيغام ڏيندس ته مئٽرڪ تائين ٽچ موبائيل کان پري رھي پنھنجي پڙھائي کي فوڪس ڪن جيئن ھو علم پرائي پنھنجي ديس جو نالو روشن ڪري دنيا ۾ مثال بڻجي وڃن ۽ جيئن تاريخ جي ورقن ۾ انھن جو نالو احترام سان لکيو ۽ کنيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو