ٻالڪن جي ليکڪ وحيد محسن سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو ڪندڙ: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ عبدالوحيد/وحيد محسن پهرين ڊسمبر 1968ع تي رستم، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ عبدالقادر سومرو جي گهر جنم ورتو، ايم اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ ڪئي اٿس، درس و تدريس جي ڪرِت سان سلهاڙيل هيءَ سنڌي ادب جو شاعر ۽ نثر نگار خاص طور ٻارن جي لکڻ کي ترجيح ڏيندڙ آهي، ٻالڪ ادب ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل موجود آهن، هن اردو ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ لکيو آهي، پاڻ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ اڪيڊمي شڪارپور پاران ڪتابن جي پبليڪيشن جو ڪم ڪندڙ آهن، کين ٻالڪ ادب جي ڪتابن تي ايوارڊ مليل آهن. سوال 1: وحيد محسن پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏانهن مائل هئڻ بابت ٻڌايو؟ جواب: ادي پروين، ننڍپڻ تمام گهڻو خوبصورت هو، جنهن ۾ ماءُ ۽ پيءُ جو پيار تاحيات آٿت بڻبو آيو آهي. اهي ڏينهن اڄ به ياد ايندا آهن ته مان پنهنجي ننڍپڻ واري زندگي ۾ موٽي ويندو آهيان جنهن کانپوءِ هڪ احساس جنم وٺندو آهي ۽ مان مرڪي پوندو آهيان، اها مرُڪ اڄ به منهنجي وجود کي مهڪائي ٿي، بنيادي تعليم پنهنجي شهر رُستم جي مين گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رُستم مان ڪئي. انٽر ۽ بي ايس سي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر شڪارپور جي تاريخي ڪاليج گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج مان ڪئي. ان کانپوءِ بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد شڪارپور سينٽر مان ڪئي، ايم اي سنڌي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي، باقي ادب ڏانهن لاڙو ستين ڪلاس کان وٺي ٿيو، جنهن ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر شريف”شاد“ سومري جو هٿ هو، جنهن منهنجي علمي ۽ ادبي تربيت ڪئي ۽ اسان جي گهر ۾ سندس لائبريري هوندي هئي جتان مون کي ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ميسر ٿيندا هئا ۽ ماهوار گل ڦل منهنجو پسنديده رسالو به پڙهڻ لاءِ ملندو هو اهڙي طرح پڙهڻ کانپوءِ لکڻ جي شروعات به ڪئي ان وقت کان وٺي اڄا تائين لکڻ پڙهڻ سان ناتو قائم رکيو آهي. سوال 2: پهرين تحرير ڪهڙي هئي ۽ ڪڏهن شايع ٿي؟ ڇپجڻ تي توهان جا ڪهڙا تاثرات هئا؟ جواب: منهنجي پهرين تحرير نثر ۾ مضمون هو. باقي پهريون دفعو جيڪا تخليق شايع ٿي اهو چوسٽو هو جيڪو مون ٻارن لاءِ لکيو هو ۽ اُن جي شايع ٿيڻ تي بي انتها خوشي ٿي هئي منهنجي وجود ۾ رهندڙ تخليقڪار عيان ٿيو هو. سوال 3: پنهنجي ٻالڪ ادب ۾ لکيل ڪتابن (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل) بابت ڄاڻ ڏيو؟ ايوارڊن ملڻ تي پنهنجا تاثرات پڻ ڄاڻايو؟ جواب: منهنجا هن وقت تائين ٻارن لاءِ هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، ”برائيءَ جو بدلو“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون 2003، ” مهمان جهرڪي“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون 2016ع، ”ٻالڪ ڌرتي جا ٽانڊاڻا“ ٻارن لاءِ شاعري ايوارڊ يافته 2017ع، ”راندين جو هفتو“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ايوارڊ يافتا 2018ع، ” ننڍڙي پَري“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ڊسمبر 2019ع ايوارڊ يافتا، ”ڪاغذ جون ٻيڙيون“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ڊسمبر 2020ع ايوارڊ يافتا، ”ڀنڀوريون ۽ خديخا“ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ڊسمبر 2021ع، ”مهمان چڙيا“ (اردو) 2022ع ٻار لاءِ ڪهاڻيون، ”هالار جو خواب“ ٻارن لاءِ ناول ڊسمبر 2022ع ۽ هن وقت ٻارن لاءِ شاعري جو نئون ڪتاب اشاعت لاءِ تيار آهي جيڪو ڊسمبر 2024ع ۾ شايع ٿيندو. باقي ته ٻاراڻي ادب تي گهڻا ئي ايوارڊ مليا آهن، ان حوالي سان منهنجو اهو خيال آهي ته آءُ پاڻ کي اڃا به وڌيڪ ذميوار محسوس ڪندو آهيان ۽ خوشي پڻ ٿيندي آهي. ليکڪ کي مڃتا مان اُتساهه ملندو آهي، جنهن کانپوءِ اُن جو قلم تسلسل سان تخليقون لکندو رهي ٿو. سوال 4 : توهان ٻارن لاءِ نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي، ڪهڙو ذريعو اظهار لاءِ موثر لڳو؟ جواب: مون ٻارن لاءِ شاعري ۽ نثر ۾ مضمون، ڪهاڻيون، ناول ۽ تبصرا تحرير ڪيا آهن، منهنجي ٻنهي شعبن ۾ رياضت رهي آهي، موجوده دور ۾ شاعري جا ڪتاب وڌيڪ شايع ٿيا پئي مون نثري صنفن جي کوٽ محسوس ڪندي ان ۾ ترجيحي بنياد تي لکيو آهي باقي ته شاعري سان منهنجو تعلق وڌيڪ گهرو آهي ان ۾ اظهار جو ذريعو منفرد ۽ خوبصورت ٿئي ٿو هر هڪ تخليقڪار جي پنهنجي سوچ هوندي آهي ته اهو ڪهڙي شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪري ٿو، هن وقت مون ٻاراڻي ادب ۾ نثري ادب ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون ترجمو به ڪيون آهن جيڪو هڪ الڳ ڪتاب آڻيندس. سوال 5 : ڇا اڄ جو ٻار مطالعي کان پري نه وڃي رهيو آهي؟ ٻارن کي ادبي مطالعي ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟ جواب: جي ادي اوهان جي ان ڳالهه ۾ گهڻو وزن آهي ۽ سماج جو تجزيو پڻ آهي پر پاڻ کي ان جي گهرائيءَ ۾ وڃڻو پوندو ۽ ان جا سبب ڳولڻا پوندا. مون جيڪو محسوس ڪيو آهي ته جديد دور جي اثر هيٺ اسان جو ٻار به آهي جيڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي پنهنجو گهڻو ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ ڪتاب پڙهڻ واري تعلق کان ٿورو پري ٿي ويو آهي ان لاءِ اسان سڀني تي اهو فرض لازم آهي ته ٻارن کي مطالعي ڏانهن واپس آڻيون ان حوالي سان والدين، استاد ۽ لائبريريون اهم ڪردار ادا ڪري سگهڻ جي سگهه رکن ٿا، ٻارن کي مطالعي جي اهميت کان انهن کي روشناس ڪرڻو پوندو جيئن اهي ان جي وڌيڪ ويجهو اچي وڃن. ٻارن کي ادبي مطالعي جي طرف اديب ۽ استاد پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ لائبريرين کي وڌيڪ آڻڻ لاءِ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي جتان ٻارن کي جديد دور جي ضرورت مطابق ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ٻارن جي هٿن ۾ موبائل سان گڏ ڪتاب پڻ هوندا. سوال 6: موجوده وقت ڪنهن اخبار ۾ ڪو به ٻارن لاءِ الڳ صفحو ڪونهي بلڪه ٻالڪ صفحا بند ٿي ويا آهن، ڪو به رسالو نٿو نڪري سواءِ ماهوار ”گل ڦل“ جي انهيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ جواب: ادي واقعي موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ ٻارن لاءِ ادبي صفحا ڪونه ٿا شايع ٿين اسان جنهن دور ۾ لکندا هئاسين تڏهن روزاني جاڳو، روزاني عوامي آواز، روزاني عبرت، روزاني هلال پاڪستان، روزاني سنڌ نيوز، روزاني آفتاب، روزاني ڪاوش وغيره ۾ ٻارن لاءِ ادبي صفحا شايع ٿيندا هئا ان ڪري هر گهر ۾ ٻارَ اهو ادب پڙهندا هئا، سنڌي اخبارن جي مالڪن کي گذارش ڪجي ٿي ته اهي وري ٻارن لاءِ هفتيوار ادبي صفحا شايع ڪن ته اتان ادب جي نرسري تيار ٿيندي ۽ ٻارَ لکڻ پڙهڻ ۾ دلچسپي پڻ وٺندا باقي صفحا بند ٿيڻ جا ڪافي سبب هوندا پڙهندڙ ان جي ڊمانڊ يعني گهر ڪرن جڏهن پڙهندڙ ئي خاموش آهن ته ادارن کي ڪهڙي ميار ڏجي. ٻيو ٻارن جا رسالا به بند ٿي ويا آهن ان جا ڪارڻ فقط اهي سامهون ٿا اچن ته رسالا خريد گهٽ ڪيا وڃن ٿا يا انهن جي ٻارن تائين رسائي نٿي ٿئي ڪجهه رسالا گهڻو عرصو هلي وري بند ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن انهن کي اخبارن جيان گورنمينٽ اشتهار ڏئي ته رسالا وري شايع ٿيندا ان لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي، هڪ رسالو ماهوار ”گل ڦل“ گورنمينٽ جو وڃي بچي ٿو جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو تسلسل سان شايع ڪندي رهي آهي. ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جيڪڏهن ٻارن لاءِ ماهوار رسالو جاري ڪن ته انهن وٽ گهڻو وسيع پليٽ فارم آهي، سگا وٽ ته پنهنجا اسڪول به آهن اهو ٻارن تائين وڌيڪ سولائيءَ سان پهچي ويندو، باقي آن لائين رسالي جي ايتري اهميت نه ٿي رهي ڇو ته رسالو ڪتاب هٿ ۾ کڻي پڙهڻ سان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي. سوال 7: توهان هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ مستقبل جي معمارن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟ جواب: مان پنهنجي ديس جي مستقبل جي معمارن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته” اهي پنهنجي تعليم لاءِ گهڻو سنجيده ٿين ۽ مستقل بنياد تي پڙهڻ کي ترجيح ڏين. هڪ مقصد انهن جو اهو به هجڻ گهرجي ته اهي ڪهڙِ شعبي ۾ پاڻ کي ذھين ۽ اهميت جوڳو سمجهن ٿا پوءِ انهن کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته اهي ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، سائنسدان وغيره ٿيڻ چاهن، انهن کي پنهنجي اهميت جي خبر هئڻ گهرجي ٻارَ درسي ڪتابن سان گڏ علمي، ادبي ۽ سائنسي ڪتابن کي به پڙهن ته جيئن انهن جي تعليم ۽ تربيت خوبصورت نموني سان ٿيندي رهي ۽ اهي ئي اسان جي سماج جو مستقبل آهن.