ٻارن جي ليکڪ خالد ڀٽي صاحب سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو ڪندڙ: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ خالد سيف الله ولد محمد مراد ڀٽيءَ جي گهر شڪارپور ۾ پهرين سيپٽمبر 1968ع ۾ جنم ورتو، سندن تعليم ايم اي اسلامڪ ڪلچر آهي، پاڻ درس وتدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آهن، ٻالڪ ادب ۾ سندن خدمتون مڃڻ جوڳيون شمار ٿين ٿيون، ادبي خدمتن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب سائنسي ڄاڻ، لوڪ ادب، نفسيات، تصوف، اخلاقيات، تاريخ ۽ ٻين موضوعن خاص ڪري ٻارن لاءِ ڪهاڻين تي مشتمل لکيا اٿن. ادب ۾ سڃاڻپ ڪهاڻيڪار،مترجم ۽ ايڊيٽر طور اٿن. ماهوار "گلڙا“، ماهوار "خرچي", ماهوار" سنگتي“ رسالا ٻارن لاءِ سندن ادارت م نڪتا آهن، کانئن ٻارن جي معلومات لاءِ چند سوال ڪيا ويا جي هيٺ ڏجن ٿا: سوال 1: خالد صاحب پنهنجي تعليم ۽ شروعاتي پڙهائيءَ ۽ ادب ڏانهن راغب هئڻ واري دور بابت ٻڌايو. جواب: منهنجي ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ آهي. مون کي جنهن استاد چيچ کان وٺي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ الف، ب کان سونهون ڪيو، تنهن ٻاجهاري استاد جو نالو الهورايو ”طارق“ صديقي هو. سائين الهورايو منهنجي والد صاحب جو دوست به هو ته اسان جو پاڙيسري به، اها ستر جي ڏهاڪي جي ڳالھ آھي، جڏهن اسان شڪارپور جي موڃي محلي ۾ رهندا هئاسين، جيڪو شاهه حسين پاڙي سان لڳو لڳ هو. تنهن دور ۾ شڪارپور اڄ کان بنھ جدارو ۽ منفرد شهر هو. صفائي سٿرائي ۽ ڇڻڪار روز جو معمول هوندو هو. گلن جي هٻڪار واري انهيءَ شهر ۾ هڳاءَ ۽ خوشبوءِ سان گڏ محبتون ۽ قربتون بہ هونديون هيون. شرارتون بہ هونديون هيون ته ٽهڪڙا بہ، هاڻي تہ ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪو ڪوسو واءُ لڳو هجي. دل کي خوشي بہ اها ناهي رهي ۽ ماڻهو وڃن پيا اوپرا ٿيندا. مون پنجون درجو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪاٺ مڏيءَ جي پراڻي بلڊنگ مان پاس ڪيو، پرائمري اسڪول جا استاد سائين الهورايو” طارق“ صديقي، سائين محمد ابراهيم مهر، سائين محمد اڪرم منگي، سائين سلطان احمد سيٺار، سائين الله بخش سنجراڻي ۽ سائين الطاف ”خياليءَ“ مون کي اڄ بہ ياد آهن. سندن سهڻا اخلاق ۽ ڀلو ورتاءُ ذهن جي ڦرهيءَ تان اڄ بہ ميسارجي ناهي سگهيو. مون کي ياد آهي، مون پنج درجا پاس ڪيا هئا، ڪجهہ ڏينهن پڄاڻان اسين لڏي اچي ڪاري نهائين پاڙي لکيدر جي ويجهو اچي ويٺاسين. مون مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 2 جيڪو قُبن وارو اسڪول به سڏبو آهي تنهن مان 1984ع ۾ پاس ڪئي. هاءِ اسڪول جي جن استادن سان واسطو پيو، انهن مان ڪجھ جا نالا هي آهن، سائين يار محمد ڏيئو، سائين سراج الحق شيخ، سائين ڪرم علي شاهه، سائين رانجهڻ، سائين غلام رسول خلجي، سائين عبدالحق ميمڻ . مون باقي تعليم گورنمينٽ شاھ عبدالطيف ڪامرس ڪاليج مان ورتي. تنهن وقت اها ڪاليج شهر جي مرڪز لکيدر گلن واري گهٽيءَ ۾ هئي. ڪاليج جي استادن مان هڪڙو بيحد مهربان استاد سائين امام بخش شمس ميمڻ س اڄ بہ ناهي وسريو. ننڍي هوندي کان ئي مون کي پڙهڻ جو ماحول مليو، پرائمريءَ ۾ ئي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪتابن ۽ ٻارن جي رسالن سان واسطو پيو، پرائمري اسڪول ۾ استاد ڪڏهن ڪڏهن مزيدار ۽ حيرت ڀريون آکاڻيون بہ ٻڌائيندا هئا، ياد اٿم تہ پرائمري اسڪول ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب ”مکڙيون“ ڏنو هو، جنهن ۾ ڏاڍيون ڀليون ڪهاڻيون هيون. ان دور ۾ شڪارپور مان ”گلڙا“ مئگزين نڪرندو هو. جيڪو ڏاڍو دلچسپ هوندو هو، مون اهو به شوق سان پڙهيو”گل ڦل“ "ٻارن جي دنيا“، ”ارچڪ مرچڪ“ ۽ ”ساٿي“ ۽ ”سنڌي ٻارڙا“ رسالا مطالعي هيٺ رهيا. اڳتي هلي آئون ”گلڙا“ جو ايڊيٽر به ٿيس، اهڙيءَ طرح ٻاراڻي ادب سان منهنجو لڳاءُ وڌنڌو ويو ۽ مون بہ ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪيو. سوال 2: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي ۽ پهرين تحرير ڪهڙي هئي؟ جواب: لکڻ جي شروعات اَسيءَ واري ڏهاڪي کان ٿي ۽ منهنجي پهرين تحرير روزاني اخبار ”هلال پاڪستان“ جي ٻارن جي هفتيوار صفحي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ ۾ شايع ٿي، جيڪا مون خالد سيف الله ڀٽي جي نالي سان لکي هئي. اها تحرير هڪ مضمون جي صورت ۾ هئي، جيڪو اخلاقي موضوع تي هو. سوال 3: ٻارن لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ جواب: ٻارن لاءِ لکڻ جو خيال ٻارن جا رسالا ۽ ٻارن جا ڪتاب پڙهڻ ۽ ليکڪ دوستن جي ماحول ۽ صحبت ۾ رهڻ جي ڪري آيو. منهنجو لکڻ ڏانهن لاڙو ٻاراڻي ادب جي منفرد ليکڪ اڪبر جسڪاڻيءَ کي پڙهڻ کان ٿيو. مون ٻاراڻي ادب ۾ سٺا ترجما بہ ڪيا آهن ، جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن حوالي سان منفرد آهن. سوال 4: ٻالڪ ادب ۾ پنهنجن ڇيپل ڪتابن بابت ڄاڻ ڏيو؟ جواب: ٻالڪ ادب ۾ ڇپيل ڪتابن جا ڪجھ نالا هي آهن:”چئن سالن جو پوڙهو“، ”حديث پاڪ ۽ ٻارڙا“، ڪائنات جون ڪهاڻيون“، ”شيطان جون ڪهاڻيون“، شيطان جون شرارتون“، ”نصيحت ڀريون ڪهاڻيون“ (3 حصا)، "دلچسپ" ”ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ“، ”روشني روشني“, ”سچا ٻول“، ”نصيحت ڀريون ڪهاڻيون (قرآني قصا)، ”ڇا، ڇو ۽ ڪيئن؟“ (2 حصا).انهن ڪتابن کانسواءِ آئون مختلف وقتن تي شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ٻالڪ رسالن، ”گلڙا“، ”سونهن“، ”خرچي“، ۽ سنگتي“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهيان، جيڪو پڻ منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، شڪارپور مان هفتيوار شايع ٿيندڙ اخبار ”شب روز“ جي ٻاراڻي صفحي جو انچارج بہ رهيس، خاص ڳالھ اها تہ مون کي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪا تحرير ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ منفرد لڳندي آهي تہ آئون اها پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيندو آهيان، اهڙِءَ طرح مون وٽ منفرد خيالن واريون لکڻيون، جيڪي ٻارن لاءِ آهن، سي هٿيڪيون آهن. سوال 5: ٻارن لاءِ توهان جا ايندڙ ڪتاب ڪهڙا آهن؟ جواب: ٻارن لاءِ ويهہ پنجويهہ مسودا تيار آهن، جيڪي ناول ۽ ناوليٽ، مضمون ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل آهن. ٻارن لاءِ جلد ايندڙ ڪجهہ ڪتاب هي آهن: انڌير نگري(ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)، پتڪڙا پوپٽ (ٻارن لاءِ طبعزاد ڪهاڻيون)، شرارتي روبوٽ (ٻارن لاءِ هڪ سائنس فڪشن ناوليٽ جو ترجمو)، گُلَ گُلَ (ٻارن لاءِ سيرت النبي ﷺ جا سبق )۽ سارنگ(ناوليٽ) سوال 6: توهان هڪ استاد جي حيثيت ۾ ٻارن جي نفسيات جا ضرور ڄاڻو هوندا، اهو ڄاڻايو تہ اڄ جو ٻار مطالعي ڏانهن متوجهہ آهي يا نه؟ جيڪڏهن هن ڏس ۾ ڪمي آهي تہ ڪهڙا اُپاءُ وٺجن جو اسان جو ايندڙ نسل ادب پڙهڻ طرف راغب ٿئي. جواب: اسان جي طبقاتي تعليمي نظام ۾ اڄ جو ٻار نصابي ڪتابن جي مطالعي ۾ تہ ٿورو گهڻو متوجهہ آهي، پر ادب جي مطالعي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر، ان جو سبب والدين ۽ استادن جو ادب طرف لاڙو تمام گهٽ هجڻ آهي. ٻارن کي ادب طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ استادن ۽ والدين کي گهرجي تہ اهي پهريان پاڻ ادب ڏانهن راغب ٿين ۽ پوءِ ٻارن کي بہ ان پاسي لاڙين، ٻارن کي ادب ۽ ڪتاب جي اهميت بابت ٻڌائينداسون تہ هو ان پاسي ايندا. سوال 7: ٻارن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو؟ جواب: سوشل ميڊيا جي اڻ کٽ جهان ۾ اسين ڦاٿا پيا آهيون، ٻارن جي ڪرڻ جو اصل ڪم هي آهي ته اهي پنهنجو گهڻو ڌيان تعليم ڏانهن ڏين ۽ پاڻ ۾ سٺا گُڻ پيدا ڪن، کين مستقبل ۾ سٺي انسان بڻجڻ جي ڳڻ ڳوت هئڻ گهرجي. ڇو ته تعليم ۽ تربيت سان ئي ڪاميابي ملي سگهي ٿي. ٻارن کي گهرجي تہ اهي پنهنجي والدين ۽ استادن جي فرمانبرداري ۾ رهن. ڇو تہ اهي ئي ڪاميابيءَ جا سرچشما آهن.