ٻالڪ جي ليکڪ بيخود بلوچ سان ڳالهه ٻولهه انٽرويو ڪندڙ: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ بيخود بلوچ جو اصل نانءُ فتح الله جسڪاڻي آھي بيخود بلوچ برک سماجي اڳواڻ ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي جي گهر ۾ 14آگسٽ 1971 تي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي ( تعلقو پنوعاقل ضلعو سکر )۾ جنم ورتو سندس تعليم ايم اي سنڌي آھي ڪرت طور درس تدريس سان لاڳاپيل ھن قلمڪار نثر ۽ نظم ٻنھي ۾ لکيو آهي سندس بنيادي سڃاڻپ شاعر طور آھي وڏن سان گڏ ھن سھڻن سيبتن ٻالڪن کي به نه وساريو آھي ادبي محنتن کيس مختلف ايوارڊ پڻ ملي چڪا آھن 1990 کان سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل سان وابسته آھي جنھن ۾ ھو متحرڪ ڪردار ادا ڪندو پيو اچي. سوال 1: پنھنجي ٻالڪپڻ علمي ڪيريئر ۽ ٻارن جي ادب ڏانھن رغبت بابت ٻڌايو. جواب: منھنجو ٻالڪپڻ ائين گذريو جيئن ٻھراڙي جي ٻار جو گذرندو آھي مسجد ۽ اسڪول ڏانھن واپسي کان پوءِ گھر جي ڪم ڪار جي حوالي ھوندو ھوس ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ميڙڻ/ وڻن تان لاهڻ گاھ ڪرڻ ۽ ٻڪريون چارڻ وغيره معمول ھو. راندين سان اصل نه لڳي ھڪ دفعي اٽي ڏڪر کيڏڻ دوران اک جي مٿان زوردار نموني سان اٽي لڳي ته وري نه کيڏيس.. تعليم جي حوالي سان ٻالڪپڻ جي شروعاتي وقت ۾ ڏاڏا سائين فقير غلام محمد سان گڏ درگاھ ھاليجي شريف (پنوعاقل) ۾ رھي ڪجهه وقت مدرسي ۾ پڙھيس بعد ۾ والد صاحب جي مرضي مطابق ڳوٺ ۾ اچي اسڪول ۽ مدرسي ۾ پڙھڻ لڳس. پرائمري جا پنج درجا پنھنجي ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ 1983 ۾ پاس ڪري 1988 ۾ گورنمنٽ ھاء اسڪول ڀيلار (پنوعاقل) مان مئٽرڪ پاس ڪئي.1991 ۾ ڊگري ڪاليج گھوٽڪي مان انٽر ڪئي ۽ 1996 ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ايم اي سنڌي جو امتحان پاس ڪيو. ھاءِ اسڪول ۾ پڙھڻ دوران ٻارڙن جي رسالي گل ڦل سان روح رليو ته ٻارن جي ادب ڏانھن راغب ٿيس اڃان تائين ٻالڪ ادب جي راھ جو مسافر آھيان سوال2: ٻالڪ ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪڏھن ڪئي ۽ پھرين تحرير ڪھڙي ھئي؟ ڇپجڻ بابت پنھنجي محسوسات ٻڌايو. جواب: ٻالڪ ادب ۾ لکڻ جي شروعات ٻالڪپڻ ۾ ٿي ھاء اسڪول ۾ ڪجھ ڪلاس فيلو دوست گل ڦل رسالو گهرائيندا ھئا انھن جي معرفت گل ڦل کي پڙھڻ جو موقعو مليو ته ان ۾لکڻ جي تمنا تڙپي پئي ۽ پهريون ڀيرو گل ڦل ۾ خط ۽ نثري مواد شايع ٿيو ته دل کي سرھائي ملي ۽ وڌيڪ لکڻ جو اتساهه جاڳيو...ان کان پوء شاعري موڪليندو رھيس مگر شايع نه ٿيندي ھئي ھڪ دفعي گل ڦل جي ان وقت جي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي ڏانھن ڪاوڙ ڀريو خط لکيو جنھن جواب ۾ مشورو ڏنو ته اوھان جي نظمن ۾ فني کوٽ آھي ڪنھن سينيئر شاعر کان اصلاح ڪرائي موڪليو ضرور شايع ڪبا بعد ۾ سنڌ جي باڪمال شاعر سيد اظهر گيلاني سان تعلق جڙيو فني فڪري راھن کان واقف ٿيس ته تخليق کي نوان رنگ مليا ائين پوء گل ڦل سميت مختلف رسالن ۽ اخبارن جي ٻاراڻن صفحن ۾ ڀرپور لکڻ لڳس اھو سفر اڃان تائين جاري آ ھي سوال 3: سنڌي ٻالڪ ادب ۾ نثر جي ڪتابن خاص طور تي ڪھاڻين ناولن ۽ مضمونن جي کوٽ آھي توهان جو ڇا خيال آھي ؟ انھيءَ کوٽ جو پورائو ٿيڻ گهرجي ؟ جواب: صرف نثر جي نه پر سموري ٻاراڻي ادب جي کوٽ آھي.. شاعري جا ڪتاب ته شايع ٿين ٿا ڪھاڻين جا ڪتاب گھٽ شايع ٿيل آ ھن..ٻالڪ ادب ۾ اوھان نثر جي حوالي سان بھترين ڪم ڪيو آھي ٻالڪ ادب ۾ اڪبر جسڪاڻي جو ناول بتين واري ناني شاھڪار ناول آ ھي اسان جي قلمڪارن کي ٻارن لاء ڪھاڻيون ۽ ناول لکڻ گھرجن جيئن ٻالڪ ادب ۾ نثر جو پورائو ٿئي..ھي ڪم ٻالڪ ادب جي گھڻگھرن کي پاڻ ڪرڻو پوندو سرڪاري ادارا ستل آ ھن سوال 4: اسان وٽ ٻالڪ ادب مختلف ادارن پاران فقط ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين تائين محدود آھي حقيقي طور سنڌي ٻالڪ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون آ ھن نه ڪي ٻارن جا رسالا آھن ۽ نه ئي اخبارن ۾ سندن لاء ڪي صفحا آ ھن انھيءَ لاء ڇا ڪرڻ گھرجي ؟ جواب: ادارن طرفان تيندڙ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ به ميرٽ جنازو ڪڍيو ويندو آھي من پسند دل پسند ماڻھن لاءِ اسٽيج سجائي ويندي آھي جن مسڪين اديبن شاعرن جو ٻالڪ ادب ۾ حقيقي ڪم آھي انھن جو وٽي تي نالو به ناھي..ھنن کي وڏا نالا نظر ايندا آھن وڏو ڪم نه...ان روش سان ٻارن لاء لکندڙ ڪوي مايوس ٿي ڪنڊائتا ٿي وڃن ٿا جيڪو ٻالڪ ادب جو نقصان آهي ٻالڪ ادب جي واڌاري لاء تحريڪ جي ضرورت آهي اسان قلمڪارن کي سنڌي ادبي سنگت کي تحرڪ وٺڻ گھرجي.. سرڪار تي دٻاء وجھي ڪلچر کاتي تعليم کاتي ۾ ٻالڪ ادب جا شعبا قائم ڪرائڻ سان گڏ ٻالڪ ادب جو جدا ادارو جوڙائجي..ٻالڪ ادب سان دلچسپي رکندڙ دوست صرف ٻارڙن جا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاء الڳ پبليڪيشن قائم ڪن..ان سلسلي ۾ پاڻ به وک وڌايون ته سرڪار کي به جاڳائڻ جي ڪوشش ڪريون ..ٻارن جي شاعرن ڪھاڻيڪارن طرفان اخبارن جي ايڊيٽرن کي خط لکي ٻارن جا صفحا شايع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي سوال 5: توهان پنھنجي ٻالڪ ادب جي ڪم بابت ڄاڻ ڏيو ڇپيل اڻ ڇپيل ڪتابن سميت. جواب: مون جڏھن کان شاعري جو دامن پڪڙيو آھي ان وقت کان فرض ۽ قرض سمجھي ٻارن لاء لکندو رھيو آھيان ۽ آخري ساھ تائين لکڻ جو عزم رکان ٿو منھنجي ٻارن لاء لکيل شاعري ٻارن جي رسالن ۽ اخبارن جي ٻاراڻن صفحن ۾ شايع ٿيندي رھي آھي..1995 ۾ ٻوليون لوليون ٻارن جون ۽ 2010 ۾ جاڳو ٻارو ٻارن لاء شاعري جا مجموعا سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان شايع ٿي چڪا آھن..ھن وقت ٻارن جي شاعري جا ٻه مجموعا ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھن...مون ٻارن جي ادبي آ بياري لاء ٻالڪ ادبي فورم ۽ گل ڦل ٻارڙا سنگت ۾پڻ ڪم ڪندو رھيو آھيان راھ مئگزين سميت مختلف ٻارن جي رسالن سان سلهاڙيل آھيان .. سوال 6: توهان ھڪ استاد جي حيثيت ۾ ٻارن ۾ ادبي لاڙي کي پروڙيو آھي ۽ کين اڳيان وڌايو آھي ؟ جواب: مون جنھن به ٻار ۾ ادبي لاڙا پروڙيا انھن جي حوصلا افزائي ڪئي اٿم جن گھڻين جاين تي بيت بازي ۽ تقريري مقابلن ۾ وڏو مرتبو ماڻيو آھي جيڪو پاڻ وٽ آھي اھو نئين نسل کي ڏجي نئون نسل ئي ته اسان جي قومي بقا آھي سوال 7: وڏن لاء شاعري لکندڙن جو ٻارن لاء نه لکڻ وارو عمل ڪيئن آھي ؟ جواب: اھو عمل سنڌي ٻوليء جي ادبي مستقبل کان لاتعلقي وانگر آھي جيڪو غلط آھي... ٻارن جي ادب ڏانھن توجه نه ڏبو ته نوان قلمڪار ڪيئن پيدا ٿيندا ؟ ادبي ارتقا ۾ ٻارن جو ادب وڏي اهميت رکي ٿو..ان ڪري اسان سڀني ڏات ڌڻين کي ٻارن لاء لکڻ گھرجي ڀرپور لکڻ گھرجي سوال 8: ٻارن لاءِ ڪو پيغام. جواب: اي منھنجي ڌرتيءَ جا چمڪندڙ ستارو، علم ادب جي راهه نه ڇڏجو صرف ۽ صرف اھائي راهه اٿو جا منزل تي کٽي ٿي.