سنڌي اردو فلمن جي مشهور گلوڪاره روبينه بدر

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    [​IMG]
    سنڌي اردو فلمن جي مشهور گلوڪاره
    "روبينه بدر "
    تحرير : عبدالله جروار

    سنڌ ڪيترن ئي فنڪارن جنم ڏنو آهي. جن فن جي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي. اهي فنڪار جيترو فن جي دنيا ۾ شهرت جي بلندين تي پهتا اوتري خاموشي سان گمنامي جي زندگي گذاري الوداع ڪيائون. جڏهن پاڪستان ۾ فلمي دنيا عروج تي هئي. اردو، سنڌي، پنجابي فلمون ڌڙاڌر ٺهي نمائش لاءِ پيش ٿي رهيون هيون. ان عرصي دوران ڪيترائي اداڪار توڙي گلوڪار هئا جن هن ميدان ۾ پاڻ ملهايو. اهو دور ملڪئه ترنم نورجهان ، مهدي حسن، احمد رشدي، مالا، رونا ليلي ا جهڙن فنڪارن جي عروج جو هو. ٻئي طرف ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن به پاڻ ملهائيندي ڪيترن ئي نون فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو جاري رکيو . اهڙن ئي فنڪارن ۾ روبينه بدر به شامل هئي. روبينه بدر صاحبه جو جنم 14 فيبروري 1956ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. جيتوڻيڪ روبينه بدر جي ابتدائي تعليم توڙي راڳ جي شروعاتي تربيت توڙي تعليمي ڪئريئر بابت ڄاڻ نه پئي ملي. تنهن هوندي به سندس فن جي حوالي سان ڪافي معلومات ملي آهي. جنهن مطابق روبينه بدر صاحبه پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچي کان ڪئي بعد پاڪستان ٽيليويزن تي آئي. سندس ٽيليويزن تي ڳايل پهريون گيت "تم سنگ نين لگاکے" جنهن جي موسيقي خالد نظامي صاحب ڏني هئي. هن غزل روبينه بدر کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. جنهن کان پوء روبينه بدر صاحبه لاهور هلي آئي. جتي کيس اردو فلمن جي پلي بيڪ سنگر طور کنيو ويو. ڪيتريون ئي مشهور فلمون ۽ انهن جا گيت روبينه بدر جي حصي ۾ آيا. جيڪي بيحد مقبول ٿيا. روبينه بدر اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ گيت ڳايا جن ۾ مشهور فلمون ۽ انهن جا گيت هي هئا.

    يونهي دن ڪٽ جائي اي نير سان دوگانو فلم بهشت 1974ع

    رس ڪي ٽر پئي هو." سرڪار فلم خانزادہ 1975ع
    جھوم جھوم ناچي آئو. روبينه بدر ۽ ناهيد اختر فلم اناڙي

    دادا جي اپني پوتي ڪو سمهجائو. احمد رشدي ۽ روبينه بدر فلم پردہ نہ اٺائو 1974ع

    پاڪ وطن ڪي ڌرتي پياري. احمد رشدي روبينه بدر فلم آئينه اور صورت 1974 ع


    پيار ڪي اڪ نئي راه. روبينه بدر فلم انتظار 1974ع

    ان کان سواء ڪيترائي اردو پنجابي گيت روبينه بدر جي حصي ۾ آيا. هي اهو زمانو جڏهن سنڌي اردو ۽ پنجابي فلمن جي مشهور پلي بيڪ سنگر رونا ليلي ا صاحبه بنگلہ ديش واپس وڃي چڪي هئي. اتفاق جي ڳالھ اها به هئي جو روبينه بدر جو آواز رونا ليلي ا صاحبه جي آواز سان گهڻو ملندڙ جلندڙ هو. فلمي دنيا جي فيميل پلي بيڪ سنگر جي آواز کي روبينه بدر ڀريو.
    روبينه بدر صاحبه ستن سنڌي فلم ۾ گيت ڳاتا. جن م فلم البيلي، پيار ڪيو سينگار، رت جا رشتا، سنڌڙي تان صدقي، حاضر سائين، ممتا، حاڪم خان شامل آهن.
    جيئن چنڊ ۽ چڪور. روبينه بدر فلم البيلي،

    فلم پيار ڪيو سينگار جا هي نعما روبينه بدر ڳايا.
    هٿڙا ٿي ٻڌان الا پيرين ٿي پوان

    ڪهڙي قسمت راند رچائي

    رُت پياري پياري

    مست قلندر لال قلندر
    فلم پيار ڪيو سينگار جي موسيقي غلام علي صاحب ڏني هئي.

    لولي لولي الا روبينه بدر فلم رت جا رشتا.

    "ڍول سپاهي تنهنجو" روبينه بدر فلم سنڌڙي تان صدقي.

    "اٿي پنهنجي پرين کي." روبينه بدر ۽ شمشاد پروين فلم سنڌڙي تان صدقي

    مٺو پٽ ٻول. روبينه بدر ۽ بلقيس خانم فلم سنڌڙي تان صدقي

    ملي ملي دل کي ملي. روبينه بدر ۽ خالد سليم فلم ممتا

    اکڙيون اهڙيون اڙيون. روبينه بدر فلم ممتا
    ان کان سواء حاڪم خان فلم به گيت ڳاتا.
    ٿوري ئي عرصي ۾ خوبصورت آواز واري هي فنڪاره گوشہ گمنامي ڏانهن هلي وئي. سندس پوئين زندگي بابت ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. روبينه بدر صاحبه 50 سالن جي ڄمار ۾ ڪئنسر جي بيماري وگهي 28 مارچ 2006ع تي وفات ڪئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو