مست
سينيئر رڪن
سائين جنهن صوبي ۾ واهن ۾ واري اڏامي، ميتن کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي ميسر نه هجي، پاڻيءَ جي ڪمي جي ڪري چانور ۽ ٻين فصلن جي پوکائي نه ٿئي، بيٺل فصل سڪي وڃي، ٻارڙا اڃ مرن، ماڻهو ڍڪ پاڻيءَ لاءِ ڪوهين پنڌ ڪن، ان صوبي جو وزير اعلى چوي ٿو۔۔۔
سنڌ ۾ نهري پاڻي وافر مقدار ۾ موجود آهي۔۔
سنڌ ۾ نهري پاڻي وافر مقدار ۾ موجود آهي پاڻيءَجي ڪا قلت ڪانهي۔۔۔ ماتليءَ ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي سائين قائم علي شاهه اهي لفظ چيا۔۔ انهن چيو ته هاڻي اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ پاڻيءَجي ڪا ڪمي نه آهي ( سائين منهن جي پڪائي به ڪا توهان کان سکي)، واهن جي آخري پڇڙي تائين اسان پاڻي پڄائي ڇڏيو آهي۔۔ هئه ڙي اسان جا حڪمرانو۔۔! اُٺ وانگر ڪڏهن هن پاسي ٿا ويهو، ڪڏهن هُن پاسي،،، الاءِ جي ڪهڙي مجبوري آهي توهان کي۔۔