• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌاڙي جو ڪيس داخل ڪريو

فهد ميمڻ

سينيئر رڪن
الف ماڻھوءَ 5 مانيون کائي 5 ڪلو ڪڻڪ اپائي، ب ماڻھوءَ 5 مانيون کائي 5 ڪلو چانور اپايا، ج ماڻھوءَ 10 مانيون کائي 1 ٽريڪٽر ٺاھيو، ھڪ گودام جو مالڪ جنھن کي ھاڻي اسٽيٽ بينڪ چئجي ٿو، ان الف کان 5 ڪلو ڪڻڪ وٺي، ان کي 5 مانين يا 5 ڪلو ڪڻڪ جي رسيد ثبوت طور تي صحي ڪري يا دستخط ڪري تہ الف 5 مانين جي برابر ڪڻڪ جمع ڪرائي، اسٽيٽ بينڪ ب ماڻھوءَ کي بہ 5 ڪلو چانورن جي رسيد ڏني صحي ڪري ۽ ج کي 10 مانين جي يا 1 ٽريڪٽر جي رسيد ڏني، ھاڻي اھا رسيد جنھن کي پئسو چئجي ٿو، اھي پئسا اسٽيٽ بينڪ اوترا ئي ڇاپيا صحي ڪري جيترو مال ان کي الف، ب، ۽ ج ڏنو. ھاڻي اھا ڳالھ آسان ٿي پئي تہ الف ۽ ب گڏجي اسٽيٽ بينڪ کي 5-5 رسيدون واپس ڏئي اتان ٽريڪٽر ورتو، جڏھن تہ ج 10 رسيدون ڏئي اتان ڪڻڻڪ ۽ چانور ورتا. ھاڻي ٽريڪٽر واري ج ڪڻڪ ۽ چانور کائي ھڪ ٽريڪٽر ٻيو ٺاھيو، جڏھن تہ الف ۽ ب ٽريڪٽر وٺي ٻيھر 5-5 ڪلو ڪڻڪ ۽ چانور اپايا. پئسو نہ ھجي ھا تہ اھي واپار نہ ٿين ھا. ان مان ثابت ٿيو تہ پئسو الف، ب، ج جي محنت سان ٺھيل ڪڻڪ، چانور ۽ ٽريڪٽر جي برابر ٺاھيو ويو. پر ھاڻي ھڪ انسان جنھن کي لٽيرو يا ڌاڙيل چئون ٿا اھو ٽن شخصن الف، ب ۽ ج کان اھي پئسا يا رسيدون لٽي، ڌاڙو ھڻي چورائي، انھن پئسن مان الف ۽ ب جون زمينون خريد ڪري ٿو ۽ ج جي فيڪٽري خريد ڪري ٿو. ھاڻي الف ب ۽ ج مجبور ٿي پيا تہ ھو 5 مانيون کائي 5 ڪلو چانور اپائين پر ان مان 3-3 رسيدون لٽيري کي ڏين ٽريڪٽر وارو 10 رسيدن مان 5 رسيدون لٽيري کي ڏئي. اھو لٽيرو ٻيو نہ پر سرمائيدار يا زميندار فيوڊل آھي، ھاڻي الف ب ۽ ج کي پوري اجرت نہ ملي تہ ڇا ھو ٻيھر ماني کائي سگهندا، ڪڻڪ چانور يا ٽريڪٽر ٺاھي سگهندا. يا گهٽ اجرت ملڻ ڪري ھو اھي شيون اسٽيٽ بينڪ کان خريد ڪري سگهندا؟
جيڪڏھن الف، ب ج کي اجرت نہ ملي تہ ھو خريداري نہ ڪري سگهندا تہ سرمائيدار لٽيري کان ڪڻڪ چانور ٽريڪٽر ڪير خريد ڪندو. ڇو تہ دنيا جي اڪثر آبادي ھاري مزدور آھي جنھن کان ڪڻڪ چانور ۽ ٽريڪٽر جون زمينون فيڪٽريون کسيون ويون آھن انھن کي اجرت گهٽ ڏني وئي آھي.
ان مان ظاھر ٿيو تہ ان لٽ مار يا اجرت ڪٽوتيءَ جي ڪري نہ الف ب ج کي اجرت ملي نہ سرمائيدار کي منافعو مليو بلڪہ اھي ٻئي بک ۾ تڙپي رھيا آھن. ان جو حل سادو آھي تہ الف ب ۽ ج کي پوري اجرت ڏيو.
ڳالھ اتي ختم ناھي پر سرمائدار الف ب ج کي گهٽ اجرت ڏني تہ اھي بک مرڻ لڳا، جنھن جي نتيجي ۾ سرمائيدار وٽ پئسا جمع ٿيا تہ ھن اھي پئسا وياج تي ھلايا، ھاري مزدور (الف-ب-ج) اھي پئسا مجبوريءَ ۾ وياج تي وٺي ھر مھيني 2 رپين جو وياج ادا ڪيو، ياد رھي تہ سرمائيدار کين ڏنا ئي 2-2-5 رپيا تہ ھاڻي ھو ان ئي اجرت مان وياج جا پئسا قسط ڪيئن ادا ڪندا. زمينون زميندار کسي ورتيون، فيڪٽريون سرمائيدار لٽي ورتيون، ھاڻي ھاري مزدور مجبور آھي تہ 5 رپين جو ڪم 2 رپين تي ڪم ڪري، مٿان وري وياج ۾ ٻہ ٻہ ۽ 3 رپيا قسط ڀرين جيڪو ٽيڪس جي صورت ۾ ادا ڪجي ٿو. پر کنيل وياج جي رقم ساڳئي موجود رھي ٿي، ڀلي الف ب ج 5 کان 10 رپيا وياج وٺي ھر مھيني 2 رپيا وياج ڀريندي ڀريندي ھو سال ۾ 24 رپيا قسط ڀري چڪا ھجن تہ بہ وياج جو قرض پورو نہ ٿيندو، جيستائين ھو 5 يا 10 رپيا پورا ھڪ ئي وقت ادا نہ ٿا ڪن.
اھو آھي پئسي مان پئسو ڪمائڻ يعني ھاري مزدور کي 5 يا 10 رپيا ڏئي انھن کان 24 يا 60 رپيا واپس وٺڻ.
ڇا ڪنھن سرمائيدار زميندار کي اوھان 5 رپيا ڏئي، 30 رپيا وٺي سگهو ٿا.
ٻي ڳالھ تہ سرمائيدار اھي شيون خريد ڪري 5-5 رپين جي ڪڻڪ الف ب کان 2-2 رپين ۾ خريد ڪري ان کي ئي 7 رپين ۾ وڪرو ڪري ٿو، 10 رپين جو ٽريڪٽر 5 رپين ۾ خريد ڪري ان کي ئي 15 رپين ۾ وڪرو ڪري ٿو.
ھاري مزدور تہ محنت جي ذريعي پئسا حاصل ڪيا، سرمائيدار ڪھڙي محنت ڪئي، ان تي تہ سڌو سئون چوريءَ جو ڪيس ٺھي ٿو.
google Analysis
توهان جي بيان ۾ سرمائيداري نظام جي ڪجهه اهم مسئلن کي واضح طور تي بيان ڪيو ويو آهي. توهان جي تجزيي جي بنياد تي، هيٺيان نقطا خاص طور تي قابل ذڪر آهن:
اجرت ۽ استحصال: توهان صحيح طور تي اشارو ڪيو آهي ته الف، ب ۽ ج کي پوري اجرت نه ملڻ ڪري، سرمائيدار انهن جي محنت جو فائدو اٿاريندو آهي. اهو استحصال جو هڪ واضح مثال آهي.
وياج ۽ قرض: سرمائيدار طرفان وياج وٺڻ به استحصال جو هڪ ٻيو روپ آهي. جڏهن مزدور قرض وٺن ٿا ته اهي وڌيڪ قرض ۾ ڦاسلجي ويندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي محنت جي پوري اجرت به حاصل نه ٿي سگهي.
قيمتون ۽ منافعو: سرمائيدار قيمتن کي مصنوعي طور تي وڌائي ڪري به اضافي منافعو حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو به استحصال جو هڪ طريقو آهي.
بے روزگاري: جيڪڏهن مزدورن کي پوري اجرت نه ملي ته اهي پيداوار ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي سگهن ٿا ۽ بے روزگار ٿي سگهن ٿا.
توهان جي تجزيي جي ڪجهه اضافي نقطا هي آهن:
سماجي ناانصافي: سرمائيداري نظام سماجي ناانصافي کي وڌائي ٿو. ڪجهه ماڻهن وٽ تمام گهڻو دولت هوندي آهي جڏهن ته ٻيا ماڻهو غربت ۾ مبتلا هوندا آهن.
سياسي طاقت: سرمائيدار پنهنجي دولت کي استعمال ڪندي سياسي طاقت حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي مفادن جي حفاظت لاءِ قانونن کي متاثر ڪري سگهن ٿا.
ماحول: سرمائيداري نظام ماحول کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. ڪارخانا ۽ صنعتون ماحول کي آلوده ڪن ٿيون ۽ قدرتي وسيلن کي ختم ڪن ٿيون.
توهان جو تجزيو اقتصادي نظام جي ڪجهه اهم مسئلن کي واضح طور تي بيان ڪري ٿو. اهو تجزيو سماجي انصاف ۽ ماحول جي حفاظت جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.

منھنجي نظر ۾ ان مسئلي جا ھي حل آھن. 1-محنت ڪش کي پوري اجرت ڏني وڃي، ان لاءِ سياسي ٻڌي ضروري آھي، ھڪ اڪيلو محنت ڪش سرمائيدار سان وڙھي نہ سگهندو، ان ڪري سمورن مزدورن کي متحد ٿيڻ گهرجي. انھن جي گڏ ٿيڻ جي ھڪ ئي جڳھ آھي، عالمي محنت ڪش تنظيمون، جتي اھي فيڪٽريءَ ۾ ٻڌي ڪري جتي ھو محنت ڪن ٿا گڏجي فيڪٽريءَ جو نظام پاڻ ھلائين، ڪمائين بہ پاڻ ٿا تہ اجرت بہ سموري پاڻ حاصل ڪن. زرعي زمينون بہ ھارين جي گڏيل جمھوري ڪنٽرول يا خدمت ۾ ڏني وڃي، انھن سڀني ھارين کي ٻڌي ڪري سڀ زمينون پاڻ محنت سان فصل ڪرڻ گهرجن، اڪيلو ھاري جاگيردار يا زميندار سان وڙھي نہ سگهندو، ان ڪري سمورا ھاري ٻڌي ڪري زميندار کان پنھنجو حق زمينون حاصل ڪري سموري اجرت پاڻ حاصل ڪن، ياد رھي تہ سرمائيداري نظام ۾ ھاري مزدور کي 25 سيڪڙو کان بہ گهٽ اجرت ملي ٿي جڏھن تہ ھو 100 سيڪڙو ڪم ڪري ٿو، جڏھن زمينون ۽ فيڪٽريون محنت ڪشن جي حوالي ٿينديون تہ انھن کي 100 سيڪڙو اجرت ملندي، ان اجرت مان اھي 25 سيڪڙو ٽيڪس ڀري سڀني انسانن لاءِ خاص ڪري بيروزگار، ٻار، بيمار، خدمتن جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ انسانن لاءِ ۽ ان سان گڏ سرمائدار زميندار لاءِ پڻ مفت خوراڪ، گهر، تعليم، صحت، راند توڙي انفراسٽرڪچر تي ان 25 سيڪڙو ٽيڪس مان خرچ ڪري سگهن ٿا. ٻيو تہ ھي سياسي نظام يعني اليڪشن جو نظام ناڪارا آھي جنھن ۾ پورو سماج شريڪ نہ ٿو ٿئي، پر سرمائيدار جا چمچا سرمائيدار جي طرفا مقرر ڪيل اليڪشن جي اميدوار کي 25 سيڪڙو کان بہ گهٽ ووٽ ڏئي اليڪشن کٽرائين ٿا جيڪو يقينن غير جمھوري ۽ ناانصافيءَ تي مشتمل اليڪشن آھي ڇو تہ ان ۾ اڪثريت عوام شامل ناھي ٿيو صرف 25 سيڪڙو کان بہ گهٽ انسان ووٽ وجهن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ ڪو زميندار يا سرمائيدار اليڪشن کٽي پوري دنيا تي حڪومت ڪري ٿو، ۽ قانون ٺاھي ٿو جنھن سان محنت ڪش جو وڌيڪ استحصال ٿئي ٿو، پئسي جي زور تي اليڪشن کٽي حڪومت ڪري وڌيڪ پئسا لٽيا وڃن ٿا چو تہ ڪو بہ عوام دوست اميدوار اليڪشن ۾ ان ڪري شريڪ نہ ٿو ٿئي جو کيس اليڪشن ۾ بيھڻ جا پئسا ناھن ۽ نہ ئي وري پنھنجي مانيءَ جي مسئلي مان نڪري سگهي ٿو، ھو ڪم تي نہ ويندو ۽ اليڪشن ۾ اميدوار بيھندو تہ محنت ڪير ڪندو، سندس گهر ڪيئن ھلندو. ان جو حل اھو آھي تہ اليڪشن ۾ سڀ شريڪ ٿين تہ پوءِ ئي اليڪشن ڪامياب ٿئي سماج جي ھر ھڪ فرد کي ووٽ پيپر يا بليٽ پيپر ۾ اھو خانو بہ ڏنو وڃي تہ ھو ڪنھن بہ اميدوار کي انڪار جو ووٽ ڏئي يا ڪنھن اميدوار کي ھا يا نہ جو ووٽ ڏئي، جڏھن ڪو اميدوار 50 سيڪڙو ھا جا ووٽ حاصل ڪري ۽ رڳو 25 سيڪڙو انڪار جا ووٽ حاصل ڪري تہ ان کي ئي اليڪشن ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃي، ووٽن ۾ 75 سيڪڙو ماڻھو شريڪ ٿين ۽ پوري سماج کي اقرار توڙي انڪار جو حق ھجي ھاڻي اھا انھن جي مرضي آھي تہ ڪنھن کي اقرار جو ووٽ ڏين ٿا ڪنھن کي انڪار جو ووٽ، ڪو عوامي اميدوار تڏھن ئي اليڪشن ۾ اميدوار بيھي سگهي ٿو جڏھن ھن لاءِ ماني گهر تعليم مفت ھجي ھن جو گهر محفوظ ھجي تہ پوءِ ھو اعلى ايوانن تائين پھچي محنت ڪش کي اجرت وٺي ڏئي سگهي ٿو. اسان مٿئين بحث ۾ ڏٺو تہ نہ معاِشي نظام درست آھي نہ ئي وري جمھوري نظام صحيح ڪم ڪري ٿو، ان سان محنت ڪشن جو وڌيڪ استحصال ٿئي ٿو، انسان تمام گهڻي نقصان ۾ وڃي رھيو آھي. ھاڻي ڇا ڪجي جڏھن نہ سياست درست رھي آھي نہ معيشت. ان جو حل انقلاب آھي ھڪ سوشلسٽ انقلاب جنھن ۾ محنت ڪش عوام رياست جون واڳو سنڀالي ايوانن تي اسيمبلين تي قبضو ڪري سمورا پيداواري ذريعا پنھنجي ڪنٽرول ۾ ڪري قانون بڻائي تہ جيڪو محنت ڪري ٿو ان کي پوري اجرت ڏيو، ان اجرت مان ھر ڪو 25 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري سڀني لاءِ ماني گهر تعليم صحت انفراسٽرڪچر ٺاھي، اليڪشن جو نئون قانون ٺاھي جنھن ۾ ھر ڪنھن کي انڪار جو حق ھجي تہ ھو ڪنھن بہ اليڪشن جي اميدوار کي انڪار جو ووٽ ۾ خانو شامل ڪري ان تي ٺپو ھڻن جيڪو اميدوار گهٽ انڪار جا ووٽ ۽ وڌيڪ اقرار جا ووٽ وٺي ان کي ڪامياب ڪجي. اھو ئي حقيقي سياستدان ھوندو جيڪو پئسي مان پئسو نہ پر عوام کي محنت مان پئسو ڏياريندو. ٻيو حل مون وٽ اھو آھي تہ وياج مڪمل بند ھجي، ڪرائي تي دڪان مڪان فيڪٽري آفيس گاڏي نہ ھلائي وڃي، اھو بہ پئسي مان پئسو ڪمائڻ جو ھڪ طريقو آھي، 25 سيڪڙو ٽيڪس مان ھر ڪنھن لاءَ ماني گهر تعليم مفت ھجي، پوءِِ جيڪو ڪم ڪري ان کي اجرت جي ڊي پي جي 75 سيڪڙو جي برابر ڏجي جڪو نہ ڪري ان کي ماني مفت گهر مفت تعليم ۽ صحت مفت ڏجي، مون وٽ انسان ذات لاءَ اھي حل موجود آھن ھاڻي توھان پاڻ ٻڌايو تہ بغير سوشلسٽ يا محنت ڪش جي انقلاب جي انسان اھي حق ڪيئن حاصل ڪندو، يقينن اھو ناممڪن آھي.
ڇا ووٽ پيپر ۾ انڪار جو خانو واري ڳالھ اوھان کي سمجه ۾ نہ آئي؟
گگل:
آئون توهان جي تجويز ۾ ووٽ پيپر ۾ انڪار جي خاني جي اهميت کي سمجهان ٿو. توهان چاهيو ٿا ته ووٽ ڏيندڙ کي نه صرف ڪنهن خاص اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار هجي، پر ان کي انڪار ڪرڻ جو حق به حاصل هجي ته جيئن هو ڪنهن به اميدوار کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي.

توهان جي هن تجويز جا ڪجهه مثبت پهلو هي آهن:

  • عوام جي آواز: انڪار جو خانو ووٽ ڏيندڙ کي پنهنجي آواز بلند ڪرڻ جو هڪ طاقتور ذريعو فراهم ڪندو. اهو واضح ڪندو ته عوام ڪنهن به اميدوار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
  • انتخابي نظام ۾ شفافيت: انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن ۾ شفافيت آڻيندا. اهو واضح ڪندو ته ڪيترا ووٽ ڏيندڙ ڪنهن به اميدوار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
  • عوامي نمائندگي: انڪار جا ووٽ سياسي پارٽين کي عوام جي خواهشات کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا. اهو انهن کي بهتر اميدوار پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو.
انڪار جي خاني جي ڪجهه محدوديتون هي آهن:

  • عملي طور تي لاڳو ڪرڻ ۾ ڏکيائون: ووٽ پيپر ۾ انڪار جو خانو شامل ڪرڻ لاءِ قانون ۾ تبديليون آڻڻي پوندي.
  • انتخابي نظام ۾ ڏکيائون: انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن کي پيچيده بڻائي سگهن ٿا.
  • سياسي پارٽين جي مزاحمت: سياسي پارٽيون انڪار جي خاني جي تصور جي مخالفت ڪري سگهن ٿيون.
توهان جي تجويز هڪ دلچسپ تصور آهي ۽ ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ووٽ ڏيندڙن کي وڌيڪ اختيار ڏيندو ۽ سياسي نظام ۾ شفافيت آڻيندو.

توهان جي هن تجويز بابت ڪجهه اضافي سوال هي آهن:

  • توهان ڪهڙي قسم جي انتخابي نظام کي بهتر سمجهون ٿا؟
  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته انڪار جا ووٽ سياسي نظام ۾ ڪهڙو تبديل آڻيندا؟
  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته سياسي پارٽيون انڪار جي خاني جي تصور کي ڪيئن قبول ڪنديون؟
توهان جي جوابن جي بنياد تي، اسين هن موضوع تي وڌيڪ تفصيلي بحث ڪري سگهون ٿا.

ان کان علاوه، توهان جي تجويز کي مزيد واضح ڪرڻ لاءِ هيٺيان نقطا به مدنظر رکيا وڃي سگهن ٿا:

  • انڪار جا ووٽ ڪيئن شمار ڪيا ويندا؟
  • انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن کي ڪيئن متاثر ڪندا؟
  • انڪار جا ووٽ ڪهڙي حد تائين سياسي پارٽين کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا؟
اهي سوال توهان جي تجويز جي مختلف پهلوئن کي واضح ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.


اڳ ۾ جڏھن سماج زراعت طرف وڌي رھيو ھيو تہ ماڻھن تھذيب جي شروعات ڪئي، جڏھن ڪو مسئلو پيدا ٿيندو ھيو تہ ان کي حل ڪرڻ لاءِ سموري راڄ يا سماج يا قبيلي جي ماڻھن کي ان بنياد تي شريڪ ڪيو ويندو ھيو تہ ھو انڪار جو حق بہ محفوظ رکن ٿا، ڪنھن کي چونڊيندا ھيا تہ انڪار جا ووٽ بہ ڳڻيا ويندا ھيا. جڏھن ڪو سماج جو فرد چونڊيو ويندو ھيو ڪو فيصلو ڪرڻ لاءِ تہ اھو لازم ھوندو ھيو تہ 1- برادريءَ جا سمورا فرد فيصلي ۾ شريڪ ٿين، 2- ھر ڪنھن کي اقرار توڙي انڪار جو حق ھوندو ھيو تہ فيصلو قبول ڪن يا نہ سردار بہ انڪار يا اقرار سان چونڊيو ويندو ھيو، پر ھاڻي اليڪشن ۾ اھي ٻئي قانون اڻ لڀ آھن. جنھن ڪري اليڪشن جو نظام ناڪارا آھي، اوھان جو سوال آھي تہ انڪار جو ووٽ ڪيئن ڳڻيو ويندو. مثال طور تي ھڪ فرد اليڪشن ۾ بيٺو آھي اميدوار طور تي. ھاڻي ڪاميابيءَ جا ٽي اصول آھن. 1-اليڪشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو ماڻھو شريڪ ٿين. 2-گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو اقرار يا ”ھا“ جا ووٽ ملن ۽ وڌ ۾ وڌ 25 سيڪڙو ووٽ انڪار جا يا ”نہ” جا ملن تہ پوءِ اميدوار کي ڪامياب تسليم ڪيو وڃي
گگل:
توهان جي تجويز انتهائي دلچسپ آهي ۽ قديم سماج جي جمہوري روايتن کي جديد سياسي نظام سان جوڙڻ جي هڪ منفرد ڪوشش آهي. توهان جو اهو چوڻ ته ووٽ ڏيندڙ کي انڪار جو حق هجڻ گهرجي، اهو هڪ مضبوط دليل آهي.

توهان جي تجويز جا ڪجهه مثبت پهلو هي آهن:

  • عوامي شموليت: اهو نظام عوام کي سياسي عمل ۾ وڌيڪ شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ۽ انهن کي پنهنجي راء ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.
  • شفافيت: انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن ۾ شفافيت آڻيندا ۽ اهو واضح ڪندو ته ڪيترا ووٽ ڏيندڙ ڪنهن به اميدوار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
  • مسئوليت: اهو سياسي پارٽين کي عوام جي خواهشات کي سمجهڻ ۽ انهن جي مطابق پنهنجي پاليسيون ٺاهڻ لاءِ مجبور ڪندو.
توهان جي تجويز جي ڪجهه چئلينجز هي آهن:

  • عملي لاڳو: اهڙي نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ موجوده انتخابي نظام ۾ ڪافي تبديليون آڻڻي پوندي.
  • انتخابي عمل جي پيچيدگي: انڪار جا ووٽ اليڪشن جي عمل کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهن ٿا ۽ نتيجن کي گڻڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.
  • سياسي پارٽين جي مزاحمت: سياسي پارٽيون انڪار جي خاني جي تصور جي مخالفت ڪري سگهن ٿيون ڇو ته اهو انهن جي اقتدار کي محدود ڪري سگهي ٿو.
توهان جي تجويز کي مزيد واضح ڪرڻ لاءِ هيٺيان سوال ڪيا جا سگهن ٿا:

  • انڪار جا ووٽ ڪيئن شمار ڪيا ويندا؟
  • انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن کي ڪيئن متاثر ڪندا؟
  • انڪار جا ووٽ ڪهڙي حد تائين سياسي پارٽين کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا؟
  • جيڪڏهن ڪو به اميدوار 50 سيڪڙو اقرار جا ووٽ حاصل نه ڪري سگهي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
توهان جي تجويز ۾ 75 سيڪڙو ووٽنگ جي شرط کي لازمي طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇا اهو مطلب آهي ته جيڪڏهن 75 سيڪڙو ماڻهو ووٽ ڏيڻ نه آيا ته اليڪشن رد ڪيو ويندو؟ يا اهو صرف هڪ مثالي حالت آهي؟

ان کان علاوه، توهان جي تجويز ۾ 25 سيڪڙو انڪار جا ووٽ جي حد کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇا اهو حد مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو خاص سبب آهي؟

انڪار جو ووٽ ڪيئن ڳڻيو ويندو؟

انڪار جو ووٽ عام طور تي هڪ الڳ خانو ۾ نشان لڳائي ڳڻيو ويندو آهي. ووٽ گڻڻ جي وقت، انڪار جا ووٽ ڪل ووٽن ۾ شامل نه ڪيا ويندا، پر انهن کي الڳ ڪاٽا ويندو.

انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن کي ڪيئن متاثر ڪندا؟

انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نتيجن کي ڪيترن ئي طريقن سان متاثر ڪري سگهن ٿا. مثال طور:

  • **ڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهي ته پوءِ ٻيهر اليڪشن ڪرايو وڃي سگهي ٿو يا ٻن کٽيندڙ اميدوارن جي وچ ۾ ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وڃي سگهي ٿي.
  • سياسي پارٽين کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ: انڪار جا ووٽ سياسي پارٽين کي عوام جي خواهشات کي سمجهڻ ۽ انهن جي مطابق پنهنجي پاليسيون ٺاهڻ لاءِ مجبور ڪندا.
  • نظام ۾ اعتماد وڌائڻ: انڪار جا ووٽ اليڪشن جي نظام ۾ اعتماد وڌائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا ڇو ته اهي واضح ڪندا ته عوام کي پنهنجي راء ظاهر ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
انڪار جا ووٽ ڪهڙي حد تائين سياسي پارٽين کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا؟

انڪار جا ووٽ سياسي پارٽين کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حد تائين مجبور ڪندا، اهو ڪيترن ئي عنصرن تي منحصر ڪندو، جهڙوڪ:

  • انڪار جا ووٽن جو تعداد: جيڪڏهن انڪار جا ووٽ تمام گهڻا هوندا آهن ته اهو سياسي پارٽين لاءِ هڪ واضح اشارو هوندو ته عوام موجوده سياسي نظام سان مطمئن نه آهي.

  • سياسي پارٽين جي مضبوطي: مضبوط سياسي پارٽيون انڪار جي ووٽن جي اثر کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿيون.

  • سماجي تبديلي: سماج ۾ ٿيندڙ تبديليون سياسي پارٽين کي تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهن ٿيون.ڙو اقرار جا ووٽ حاصل نه ڪري سگهڙو اقرار جا ووٽ حاصل نه ڪري سگهي ته پوءِ مختلف آپشنز موجود هوندا آهن، جهڙوڪ:

  • ٻيهر اليڪشن: ٻيهر اليڪشن ڪرايو وڃي سگهي ٿو.

  • ٻن کٽيندڙ اميدوارن جي وچ ۾ ٻيهر ووٽنگ: ٻن کٽيندڙ اميدوارن جي وچ ۾ ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وڃي سگهي ٿي.

  • ڪوئليشن سرڪار: مختلف سياسي پارٽيون مل ڪري ڪوئليشن سرڪار ٺاهي سگهن ٿيون.
75 سيڪڙو ووٽنگ جي شرط:

75 سيڪڙو ووٽنگ جي شرط کي لازمي طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اهو هڪ مثالي حالت آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. جيڪڏهن 75 سيڪڙو ماڻهو ووٽ ڏيڻ نه آيا ته پوءِ اليڪشن جي نتيجن جي اعتبار تي سوال اٿاريا جا سگهن ٿا.

25 سيڪڙو انڪار جا ووٽ جي حد:

25 سيڪڙو انڪار جا ووٽ جي حد کي لازمي طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اهو هڪ تجويزي حد آهي ۽ ان کي تبديل ڪيو وڃي سگهي ٿو.

نتيجو:

توهان جي تجويز هڪ دلچسپ تصور آهي ۽ ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ووٽ ڏيندڙن کي وڌيڪ اختيار ڏيندو ۽ سياسي نظام ۾ شفافيت آڻيندو. بهرحال، هن تجويز کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪافي تبديليون آڻڻي پوندي.

توهان جي تجويز تي مزيد بحث ڪرڻ لاءِ، هيٺيان سوال ڪيا جا سگهن ٿا:

  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته انڪار جا ووٽ سياسي نظام ۾ ڪهڙو تبديل آڻيندا؟
  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته سياسي پارٽيون انڪار جي خاني جي تصور کي ڪيئن قبول ڪنديون؟
  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته انڪار جا ووٽ سماجي تبديلي کي متاثر ڪندا؟
توهان جي جوابن جي بنياد تي، اسين هن موضوع تي وڌيڪ تفصيلي بحث ڪري سگهون ٿا.

توھان درست فرمايو، سياسي پارٽيون اھڙو نظام نہ آڻي سگهنديون، ڇو تہ سموريون سرمائيداري سياسي پارٽيون ناقص اليڪشن نظام موجب چونڊجي آيون آھن، جنھن سان نہ جمھوريت باقي رھي آھي نہ معاشيات، سماج فرد ھر طرف کان جمھوري لتاڙ ۽ اجرت ڪٽوتيءَ جي ڪري بي يار و مددگار آھن. توھان کي ڪيئن ٿو لڳي تہ اھڙي سماج ۾ تبديلي ڪٿان ايندي..... مون کي صاف سمجهہ ۾ اچي رھيو آھي تہ اھڙي سماج ۾ مصلحت، ترميم ممڪن ناھي رھي، ڀلا ڪھڙي طريقي سان موجودہ ناڪارا نظام ۾ تبديلي اھا بہ ناقص نظام ناڪارا نظام جي ذريعي ممڪن آھي، ان لاءَ سوشلسٽ انقلاب واحد حل آھي، محنت ڪشن جو راڄ، جنھن موجب رياست سياست جو سمورو نظام پاڙ يا جڙ کان اکاڙي پٽي ان جي جڳھ تي نئون نظام ان جي ابتڙ لاڳو ڪجي. ان واحد طريقي سان ئي اسان سياست يا اليڪشن جا قانون ۽ معاشيات جا يا اجرتن جا قانون بڻائي سگهون ٿا جنھن لاءِ ھڪ انقلابي پارٽي جي ضرورت آھي

توهان جي تجزيي سان مان اتفاق ڪريان ٿو ته موجوده سرمائيداري نظام ۾ ڪافي ناانصافيون آهن ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديليون آڻڻي پوندي. توهان جو اهو چوڻ ته سوشلسٽ انقلاب هڪ حل آهي، اهو هڪ تاريخي طور تي اهم نظريو آهي.

توهان جي تجويز جي ڪجهه مثبت پهلو هي آهن:

  • بنيادي تبديلي: سوشلسٽ انقلاب موجوده نظام کي بنيادي طور تي تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ سماجي انصاف آڻي سگهي ٿو.
  • محنت ڪش طبقي جي خودمختياري: سوشلسٽ انقلاب محنت ڪش طبقي کي اقتدار ڏئي سگهي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿي.
  • سماجي برابري: سوشلسٽ انقلاب سماج ۾ برابري آڻي سگهي ٿو ۽ دولت جي برابر تقسيم ڪري سگهي ٿو.
توهان جي تجويز جي ڪجهه چئلينجز هي آهن:

  • انقلاب هڪ پيچيده عمل آهي: انقلاب هڪ پيچيده عمل آهي ۽ ان ۾ ڪافي خطرا شامل آهن.
  • نئين نظام قائم ڪرڻ: انقلاب کان پوءِ هڪ نئون سماجي نظام قائم ڪرڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
  • مخالفت: انقلاب جي مخالفت ڪئي ويندي آهي ۽ ان ۾ ڏاڍو خونريزي ٿي سگهي ٿي.
سوشلسٽ انقلاب جي بدران ٻيا به حل موجود آهن:

  • سماجي تحريڪون: سماجي تحريڪون موجوده نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿيون.
  • سياسي تبديلي: سياسي نظام ۾ تبديلي آڻي موجوده نظام کي بهتر بڻايو وڃي سگهي ٿو.
  • عوامي آگاهي: عوام کي انهن مسئلن بابت آگاه ڪيو وڃي ته جيئن اهي تبديلي لاءِ ڪم ڪري سگهن.
توهان جي تجويز تي مزيد بحث ڪرڻ لاءِ هيٺيان سوال ڪيا جا سگهن ٿا:

  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته سوشلسٽ انقلاب ڪيئن آندو وڃي سگهي ٿو؟
  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته انقلاب کان پوءِ ڪهڙو سماجي نظام قائم ڪيو وڃي؟
  • توهان کي ڇا لڳي ٿو ته انقلاب جي مخالفت کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي؟
توهان جي جوابن جي بنياد تي، اسين هن موضوع تي وڌيڪ تفصيلي بحث ڪري سگهون ٿا.

ان کان علاوه، توهان جي تجويز کي مزيد واضح ڪرڻ لاءِ هيٺيان نقطا به مدنظر رکيا وڃي سگهن ٿا:

  • سوشلسٽ انقلاب ڪيئن آندو وڃي؟
  • سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ ڪهڙو سماجي نظام قائم ڪيو وڃي؟
  • سوشلسٽ انقلاب جي مخالفت کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي؟
  • سوشلسٽ انقلاب جي ڪاميابي لاءِ ڪهڙي قسم جي تنظيم جي ضرورت آهي؟
اهي سوال توهان جي تجويز جي مختلف پهلوئن کي واضح ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

ھڪ ڳالھ تہ طئي آھي،ھن سماج ۾ نہ سرمائيدار کي منافعو ملي رھيو آھي نہ محنت ڪش کي اجرت، ڇو تہ اجرت نہ ملڻ ڪري محنت ڪش ڪا شي خريد نہ ڪري سگهندو، خريد نہ ڪري سگهڻ ڪري سرمائيدار اھا شي ٺاھيندو ئي نہ، تہ سرمائيدار کي منافعو بہ نہ ملندو، شي نہ ٺاھڻ ڪري محنت ڪش کي روزگار نہ ملندو..... يعني ھن نظام ۾ صرف موت کان سواءِ ٻيو ڪجه بہ باقي ناھي رھيو، ھاڻي اچون ٿا اوھان جي سوال جي طرف تہ سوشلسٽ نظام جنھن ۾ محنت ڪش کي اجرت ۽ اليڪشن ۾ انڪار يا اقرار جو حق ملندو سو ڪيئن لاڳو ڪجي، ظاھر آھي ھڪ انقلابي پارٽيءَ جي ذريعي اھو ڪم ڪري سگهجي ٿو، انقلابي پارٽيءَ سان گڏجي اسيمبلين ايوانن تي حملو ڪري نوان قانون بڻائي سگهجن ٿا. اتي سڀني نااھل اليڪشن سسٽم ذريعي مسلط ٿيل اميدوارن کي اسيمبلين مان ڪڍي انقلابي رھنما نوان قانون بڻائي سگهن ٿا، جنھن لاء اسان کي عدليہ ميڊيا فوج سان منھن ڏيڻو پوندو. ظاھر آھي اھو عمل اوھان جي نظر ۾ ڏکيو آھي ڇو تہ توھان بک ناھي ڏٺي، توھان انسانيت جي موت تي تماشائي بڻجي سوال پڇي رھيا آھيو، پر منھنجي نظر ۾ انسان ان سوشلسٽ انقلاب ذريعي ئي بچي سگهي ٿو
 
آخري ترميم:
Back
Top