• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت فورم جي جديد ورجن تي ڀليڪار

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ساٿيو السلام عليڪم،
مون کي اھو ٻڌائيندي ڪافي سرھائي ٿي رھي آھي تہ سنڌ سلامت فورم کي زين فورو سافٽويئر جي جديد ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويو آھي. ھي اپگريڊ ٽيڪنيڪلي طور تمام ضروري ھو ڇو تہ فورم جي پراڻي ورجن جي نہ رڳو سپورٽ ختم ٿي چڪي ھئي پر ان جي الاھي بگس ڪري فورم تي مواد موڪلڻ لاءِ برائوزرس تي مڪمل سھولت نہ ھئي.. ان ئي ڪري فورم جي گھٽ سرگرميءَ کي خاص محسوس ڪيو پئي ويو.

ھن ميجر اپگريڊ تي ڪم ڪندي اندازي کان گھڻو وقت لڳو ۽ اھو وقت اڃان بہ وڌي سگھي ھا جيڪڏھن عبيد ٿھيم جو ساٿ نہ ھجي ھا. ميجر اپگريڊ ھميشہ ھڪ وڏو چيلينجنگ ٽاسڪ ثابت ٿيندو آھي ڇو تہ انگريزي جي مقابلي ۾ اسان جي سنڌي ٻولي يونيڪوڊ بيسڊ گھڻ اکري ٻولي آھي جنھنجي ڊيٽابيس جي سائيز بہ گھڻي ھوندي آھي. ھن دفعي اپگريڊ ڪرڻ اڳ سرور جو ڪريش ٿيڻ کان ريڪور ڪرڻ بہ چيلينج بڻيل ھو ان ڪري ڪاميابي نہ ملڻ تي رول بيڪ ڪرڻ لاءِ پڻ تيار رھڻو پيو. پر ھميشہ وانگر ھن دفعي بہ ھن ڪم کي پروفيشنل انداز سان ڪيو ويو ۽ اپگريڊ ڪرڻ کان اڳ ٽيسٽ سرور تي سمورا ضروري تجربا ڪيا ويا. فورم سافٽويئر جي نئين ورجن جي مناسبت سان مائي ايس ڪيو ايل کان وٺي پي ايڇ پي ۽ ان جي ايڪسٽينشن جا پڻ جديد ورجن انسٽال ڪرڻ پيا. سڀ کان اھم ھن دفعي زين فورو طرفان متعارف ڪيل فرولا ايڊيٽر ۾ سنڌي ايڊيٽر جي انٽيگريشن ڪرڻ پڻ وڏو نئون ٽاسڪ ھيو.

نئين اپڊيٽ کان پوءِ سنڌ سلامت فورم تي روزانو ايندڙ رڪنن کي سنڌ سلامت فورم تي گھڻيون تبديليون نوٽ ڪرڻ لاءِ ملنديون ۽ ڪافي فيچرس کان تہ واقفيت ئي نہ ملندي پر وقت سر سڀ سھولتون سيکاريندي ظاھر ڪيون وينديون. بظاھر تبديلين ۾ سڀ کان الڳ تبديلي فانٽ جي آھي. ھن دفعي روايتي سنڌي فانٽس بجاءِ گوگل جو نوٽو نسخ فونٽ پنھنجي سائيز ۽ بھتر ٽيڪينڪ ڪري امبيڊ ڪندي لڳايو ويو آھي. جيڪو سمورين ڊيوائسز تي ھڪجھڙو نظر ايندو.

سنڌ سلامت فورم اپگريڊ ڪرڻ کان پوءِ جتي توھان کي نوان فيچرز نظر ايندا اتي توھان کي ڪجھ فيچرس جي کوٽ بہ محسوس ٿيندي. ان کان علاوہ فورم جي ترجمي کي نئين سر سان بھتر بڻائن تي ڪم ھلندڙ آھي ۽ توھان کي ڪجھ جڳھين تي ترجمو ٿي سگھي تہ نہ ملي جنھن کي نشاندھي ڪرڻ تي آھستہ آھستہ اپڊيٽ ڪبو.

اميد تہ ساٿي ھن نئين ورجن کي پسند ڪندا ۽ سنڌي ٻولي جي پکيڙڻ جي اسان جي مقصد کي ھٿي وٺرائيندي نہ رڳو پاڻ سرگرمين ۾ فعال رھندا پر پنھنجي دوست احبابن کي پڻ سنڌ سلامت تي لکڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو صلاحيندا رھندا

والسلام
 
ساٿيو السلام عليڪم،
تمام خوشي ٿي آهي جو سنڌ سلامت فورم کي نئين زين فورو سافٽويئر جي جديد ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي. هي اپگريڊ يقيناً فورم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
انهي اپگريڊ تي جيڪا محنت ڪئي وئي آهي، اها يقيقنن قابلِ تعريف آهي. خاص طور تي سنڌي ايڊيٽر جي انٽيگريشن ۽ نئين فونٽ جي استعمال جو فيصلو بھترين قدم آهي، جنهن سان فورم جي ڊيزائن ۽ پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي.
واڌايون!
 
ڀلو ڪم... :)
اڻ وڻندڙ ڳالھ اها آهي ته سنڌ سلامت جي مکيه پيج جي ميٽا ڊيٽا غير لاڳاپيل آهي. ممڪن آهي ته اها توهان طرفان ئي چونڊ ڪئي وئي هجي.
ان کان علاوه نئين ورجن جا نوان ترجمان پڻ شامل نہ آهن.

ميٽا ڊيٽا جو اسڪرين شارٽ رکڻ جي ڪوشش ڪيم، پر موبائيل فون تان تصوير اپلوڊ ڪرڻ جو آپشن به نه پيو ملي،شايد نئين ورجن مان اها سهولت ختم ڪئي وئي آهي.
 
ميٽا ڊيٽا پراڻي لڳل آهي جنهن ۾ درستگي جي ضرورت آهي.. توهان پنهنجي صلاح هتي ئي لکي موڪليو..
ٿرڊ پارٽي پلگ ان طور تصوير اپلوڏ ڪري سگهجي ٿي.. جيڪا موبائيل تي ٿوري ڏکي آهي.. جلد ان ۾ بهتري آڻبي..
مشورن جي مهرباني
 
ساٿيو السلام عليڪم،
تمام خوشي ٿي آهي جو سنڌ سلامت فورم کي نئين زين فورو سافٽويئر جي جديد ورجن تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي. هي اپگريڊ يقيناً فورم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
انهي اپگريڊ تي جيڪا محنت ڪئي وئي آهي، اها يقيقنن قابلِ تعريف آهي. خاص طور تي سنڌي ايڊيٽر جي انٽيگريشن ۽ نئين فونٽ جي استعمال جو فيصلو بھترين قدم آهي، جنهن سان فورم جي ڊيزائن ۽ پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي.
واڌايون!
سائين منهنجا لک لائق.. نئين سڪرپٽ جون ڪافي نيون خوبيون آهن جيڪي وقت آهر سمجھ اينديون پر اصل ڳالھ آهي.. زندگيءَ جي مصروفيتن مان وقت ڪڍڻ..
 
Back
Top