پپنو جو ڏهين ڪلاس جو پيپر هو، استاد ڪلاس ۾ هر هر هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻي رهيو هو، جنهن سان پپنو کي ڪاپي ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي۔۔ پپنو هڪ دفعو ماستر کي چيو: "” سائين ! توهان ويهي رهو، ٿڪجي پيا هوندو“ استاد ڇنڊ پٽينڊي چيس! ”اڙي ڇورا هيڏي خاموشيءَ سان پيپر ڪر، مونکي نه ٻڌاءِ ته مونکي ڇا ڪرڻو آهي“ اهو ڏسي ٿوري دير کان پوءِ پپنو هڪ ننڍي پرچي تي ڪجهه لکي ماستر صاحب کي اها پرچي ڏني۔ ماستر اها پرچي پڙهندي ئي جلديءَ سان ڪرسي تي چڙهي ويهي رهيو۔۔ پپنو مزي سان ڪاپي ڪرڻ لڳو۔ پيپر ختم ٿيڻ کان پوءِ پپنو جي دوست پپنو کان پڇيو: ”تون سائين کي ڇا لکي ڏنو جو اهڙي طرح چپ ڪري ويهي رهيو“۔۔۔ پپنو: ” ڇا وري ڇا۔۔۔ مان سائين کي فقط ايترو لکي ڏنو۔۔۔ سائين اوهان جي پينٽ ڦاٽل آهي“
جواب: ڇا لکي ڏنو۔۔۔۔ اڙي ابا مست ! پپنو به اچي تو مان ڦاٿو آهي ويچاري جا پول ئي پڌرا ٿو ڪري ڇڏينس ڪجهه ته رحم ڪر مسڪين تي۔۔۔۔