• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل جي دوري کان اڳ ظاهر ٿيندڙ علامتون

ممتاز قريشي

سينيئر رڪن
heart-attack-symptoms-scaled.jpg



دل جي دوري جون ڪجهه علامتون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي اوچتو ظاهر ٿيڻ بدران ڪجهه هفتا پهرين کان ئي محسوس ٿينديون آهن، دل جي دوري کان اڳ جون اهي علامتون سمجهڻ ۽ انهن کي اهميت ڏيڻ سان پنهنجي ۽ پنھنجن پيارن جون زندگيون بچائڻ ممڪن آهي.


دل جي دوري جو سبب

دل جو دورو ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن دل ڏانهن رت جي فراهمي گهڻو گهٽجي وڃي يا مڪمل طور تي بند ٿي وڃي.
اهو عام طور تي شريانن ۾ چرٻي، ڪوليسٽرول، يا ٻين مادن جي گڏجڻ سبب ٿيندو آهي، جنهن کي پليڪ چيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پليڪ بلڊ ڪلاٽ بڻجي رت جي وهڪرن کي روڪي ڇڏيندو آهي. نتيجي طور، دل کي رت جي فراهمي متاثر ٿئي ٿي ۽ دل جي دوري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

16818-heart-attack-illustration.jpg


ابتدائي نشانيون ڄاڻڻ جي اهميت

جيڪڏهن دل جي دوري کان اڳ ظاهر ٿيندڙ نشانيون وقت سر سڃاتيون وڃن، ته فوري طبي امداد ذريعي وڏو نقصان روڪي سگهجي ٿو. دل جي دوري جي وقتي سڃاڻپ ۽ علاج نه رڳو زندگيون بچائي سگهي ٿو، پر مڪمل صحتيابي جو امڪان به وڌي وڃي ٿو.


دل جي دوري کان اڳ جون عام نشانيون

1. سيني ۾ تنگي يا سور:
سيني ۾ وزن يا ڪجهه دٻجڻ يا تنگي محسوس ٿيڻ دل جي دوري جي سڀ کان عام نشاني آهي. اهو سور گهڻو ڪري سيني کان ڪلهن، ڳچي، يا پٺي ڏانهن به پکڙجي سگهي ٿو.


2. غيرمعمولي ٿڪاوٽ:
بغير ڪنهن ظاهري سبب جي گهڻي ٿڪاوٽ دل جي دوري جي علامت ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي جيڪڏهن اها ٿڪاوٽ روزمره جي سرگرمين کي متاثر ڪري.


3. ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي:
ساهه کڻڻ ۾ مشڪلات، جيڪو ورزش يا هلڪي سرگرمي دوران وڌي وڃي، دل جي دوري جي امڪان کي ظاهر ڪري ٿو.


4. سيني ۾ ساڙو يا جلن جو احساس:
ڪيترائي ماڻهو سيني جي سڙڻ کي عام پيٽ جي تڪليف سمجهن ٿا، پر اهو دل سان لاڳاپيل مسئلو به ٿي سگهي ٿو.


5. ٻانهن، ڳچي يا پٺي ۾ سور:
ڪڏهن ڪڏهن دل جو دورو سڌي طرح سينو جي بدران ٻانهن، ڳچي، يا پٺي ۾ سور ذريعي ظاهر ٿئي ٿو، خاص طور تي عورتن ۾.


دل جي دوري کان اڳ جون خاص علامتون

مختلف تحقيقي مقالن مطابق ڪجهه خاص نشانيون دل جي دوري کان ڪافي ڏينهن پهرين کان ئي محسوس ٿيڻ لڳنديون آهن، جهڙوڪ:
  • رات جي ننڊ ۾ خلل
  • غيرمعمولي ٿڪاوٽ
  • ڪمزوري ۽ بيزاري
    اهي نشانيون دل جي دوري کان هڪ مهيني پهريان ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
HeartAttack.jpg
خطري جا اهم عنصر

دل جي دوري جو خطرو وڌائڻ ۾ ڪجهه طبي حالتون ۽ طرز زندگي جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جيئن:

1. ٿولهه: اضافي چرٻي شريانن کي تنگ ڪري ٿي، جيڪا دل تائين رت جي فراهمي متاثر ڪري ٿي.

2. سگريٽ يا تماڪ جو استعمال: تماڪ شريانن کي سخت ڪري رت جي رواني کي متاثر ڪري ٿي.

3. ذیابطيس: رت ۾ شوگر جو وڌيڪ مقدار شريانن کي نقصان پهچائي ٿو.

4. هاءِ بلڊ پريشر ۽ هاءِ ڪوليسٽرول: اهي ٻئي حالتون شريانن ۾ پليڪ جي ٺهڻ جو سبب بڻجن ٿيون.

5. خانداني بيماري: جيڪڏهن خاندان ۾ ڪنهن کي دل جو دورو پئجي چڪو آهي، ته ٻين ميمبرن ۾ پڻ ان جو خطرو وڌي وڃي ٿو.


مردن ۽ عورتن ۾ فرق
مردن ۽ عورتن ۾ دل جي دوري جون نشانيون ڪافي حد تائين مختلف ٿي سگهن ٿيون.
  • مردن ۾ عام نشانيون:
    سيني ۾ وزن، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ سيني جو سور.
  • عورتن ۾ اضافي نشانيون:
    گردن، ٻانهن، يا پٺي ۾ سخت سور، غيرمعمولي ٿڪاوٽ، ۽ بيچيني.

موجوده دور ۾ وڌندڙ خطرو
نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته 40 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ دل جي دوري جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو خطري جو اهم الارم آهي.

دل جي دوري کان بچاءَ

دل جي دوري کان بچڻ لاءِ ڪجهه اهم قدم کنيا وڃن، جيئن:

1. صحت مند غذا جو استعمال، جنهن ۾ گهٽ چرٻي ۽ گهٽ ڪوليسٽرول وارا کاڌا شامل هجن.

2. باقاعده ورزش، جيڪا دل کي مضبوط بڻائي ٿي.

3. سگريٽ نوشي کان پاسو ڪرڻ.

4. بلڊ پريشر ۽ شوگر تي ڪنٽرول.

5. باقاعده طبي چيڪ اپ ڪرائڻ.

نوٽ: هي مضمون طبي تحقيق تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به ڪنهن به علامت جي صورت ۾ پنهنجي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ لازمي آهي.
 
پيارا ممتاز،

سائين، توهان جو مضمون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. توهان دل جي دوري جي علامتن، سببن، ۽ بچاءَ بابت جيڪا تفصيلي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، اها انتهائي اهم ۽ ڄاڻائتي آهي. خاص طور تي، ابتدائي علامتن تي ڌيان ڏيڻ ۽ خطري وارن عنصرن کي سمجهڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ سٺو قدم آهي.

اسان مان ڪيترائي ماڻهو دل جي بيمارين کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، پر توهان جي هن معلوماتي لکڻي سان ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي صحت بابت سوچڻ ۽ احتياط ڪرڻ جو موقعو ملندو. اميد ته توهان اهڙن مضمونن ذريعي ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندا.

لک لائق،
 
دل جي دوري جا عام ڪارڻ

جيئن ته پهرين به اها ڳالهه سمجهائي وئي آهي ته دل جي دوري جو خطرو ان وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن دل ڏانهن رت جي رواني تمام گهٽجي وڃي يا بلاڪ ٿي وڃي. عام طور تي رڳن ۾ چرٻي، ڪوليسٽرول، ۽ ٻيا مادا گڏ ٿيڻ سبب دل ڏانهن رت جي رواني گهٽجي ويندي آهي. رڳن ۾ ڪوليسٽرول جي اهڙي گڏ ٿيڻ کي plaqué چيو ويندو آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ دل ڏانهن رت جي رواني متاثر ٿئي ٿي.

♦️دل جي دوري جا ڪارڻ (ڪنٽرول کان ٻاهر)

اهڙا ڪيترا ئي ڪارڻ آهن جيڪي دل جي دوري جو خطرو وڌائين ٿا، ۽ جن تي اسان جو ڪو ڪنٽرول ناهي. مثال طورخانداني بيماري، جينياتي اثر، ۽ وڌنڌڙ عمر.


♦️دل جي دوري جا ڪارڻ (قابل ڪنٽرول)

تمباڪو جو استعمال ، ٿولهه، ورزش نه ڪرڻ، ٽائپ 2 ذیابطيس، ۽ هاءِ بلڊ پريشر


انهن سببن کان سواءِ به ڪافي اهڙيون عادتون ۽ ڪارڻ آهن، جيڪي دل جي دوري جو خطرو وڌائي سگهن ٿا.

1. ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڪاوڙجڻ

جيڪڏهن ننڍين ڳالهين تي گهڻو غصي اچڻ لڳي ٿو ته دل جي دوري جو خطرو تمان وڌي وڃي ٿو. يورپين هارٽ جرنل ۾ ٿيل تحقيق موجب، ڪيترن ئي ماڻهن کي هارٽ اٽيڪ کان 2 ڪلاڪ اڳ شديد غصو اچي ٿو، جيڪو دل جي دوري جو امڪان وڌائي ٿو.


2. موبائيل يا ٽي وي اسڪرين جي اڳيان گهڻو وقت گذارڻ

جرنل آف دي امریڪن ڪاليج آف ڪارڊيالاجي ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق مطابق، جيڪي ماڻهو روزانو 4 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ ٽي وي ڏسڻ يا ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ ۾ گذارين ٿا، انهن ۾ دل جي بيمارين جو خطرو ٻه ڀيرا وڌي ويندو آهي.


3. 6 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪرڻ

Scandinavian جرنل ۾ ٿيل تحقيق مطابق، جيڪي ماڻهو 6 ڪلاڪن کان گهٽ سمهندا آهن، انهن ۾ دل جي دوري جو خطرو انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 5 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي، جيڪي 24ڪلاڪن ۾ 7-8 ڪلاڪ سمهن ٿا.


4. انتهائي گرم يا ٿڌي ماحول ۾ رهڻ

تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته تمام گهڻي گرمي يا سردي ٻنهي سبب جيڪري دل جي دوري جو خطرو وڌي سگهي ٿو. جرنل Epidemiology موجب، تمام گهڻي سردي ۾ 36% جڏهن ته انتهائي گرمي ۾ 6.5% تائين دل جو خطرو وڌي سگهي ٿو.


5. فضائي آلودگي

جرنل Environment International موجب، آلودگي جي سطح وڌڻ سان دل جي دوري جو خطرو 48% تائين وڌي سگهي ٿو.


6. فلو (flu) ٿيڻ

New England Journal of Medicine جي تحقيق مطابق، فلو ٿيڻ کان هڪ هفتو پوءِ دل جي دوري جو خطرو 6 ڀيرا وڌي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مدافعتي نظام جو رد عمل دل ۽ رڳن تي اثر انداز ٿئي ٿو.

7. فاسٽ فوڊ

فاسٽ فوڊ ۾ موجود لوڻ ، سڻڀ، ۽ فيٽي ايسڊ(چرٻي) دل جي صحت لاءِ نقصانڪار آهن. وڌايل لوڻ جي مقدار هاءِ بلڊ پريشر جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪو دل جي رڳن کي متاثر ڪري ٿو.

8. وڌيڪ مٺاڻ کائڻ

BMC Medicine جي تحقيق موجب، جيڪڏهن غذا ۾ مٺاڻ جو استعمال وڌيڪ ٿئي ته دل جي بيمارين، فالج، ۽ دل جي دوري جو خطرو وڌي سگهي ٿو.


9. طلاق

Duke University School of Medicine جي تحقيق موجب، طلاق کان پوءِ عورتن ۾ دل جي دوري جو خطرو 25% وڌي ٿو، جڏهن ته مردن ۾ اهو خطرو تمام گهٽ هوندو آهي. البت، جيڪڏهن ڪنهن شخص جي شادي ٻيهر ختم ٿي وڃي ته خطرو 30% تائين وڌي سگهي ٿو.


صحت مند زندگي لاءِ احتياطي تدبيرون


✅ جذباتي دٻاءُ گھٽائڻ، خوش مزاجي سان رهڻ

✅ تمباڪو کان پرهيز

✅ جسماني ورزش کي معمول جو حصو بڻائڻ

✅ متوازن غذا اختيار ڪرڻ

✅ موبائيل ۽ ٽي وي جي سامهون وقت محدود ڪرڻ

✅ بهتر ننڊ کي يقيني بڻائڻ

✅ آلودگي کان بچڻ

✅ انتهائي ٿڌي يا گرم موسم ۾ احتياط ڪرڻ


اهي تبديليون اختيار ڪندي،اسان دل جي صحت کي بهتر بڻائي سگهون ٿا ۽ دل جي دوري جو خطرو گهٽائي سگهون ٿا.
 
Back
Top