• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلا آھيون؟

maxresdefault.jpg

"زندگي جي مسئلن ۽ ڏينهن رات جي ٿڪائيندڙ سفر کان آزاد ٿي، ڇا توهان ڪڏهن مڪمل اڪيلائيءَ ۾ هن ڪائنات جي بي پناهه وسعتن تي غور ڪيو آهي؟" آباديءَ کان پري، ڪنهن جابلو ميدان يا ڪنهن اوچِي پھاڙي تي ويهي، آسمان تي جھلملائيندڙ بيشمار تارن کي ڏسي، ڇا اوهان تي به حيرت طاري ٿي آهي؟ يقيناً، اهڙن لمحن ۾ عام ماڻهو کان وٺي سائنسدانن ۽ ڪائنات جي ماهرن تائين، سڀ کان پهرين ذهن ۾ اُها ئي ڳالهه اچي ٿي ته

"ڇا اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلائيءَ سان رهون پيا؟ يا ڪٿي ٻئي ڪنهن سياري تي به انسان جهڙي مخلوق (ايلينز) وسندي آهي؟"

سائنسدان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انهيءَ سوال جو جواب ڳولهڻ ۾ مشغول آهن ته "ڇا زمين کان ٻاهر به زندگي ممڪن آهي؟" پر ان کان پهرين سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته "زمين تي زندگي ڪيئن وجود ۾ آئي؟" هن هڪ سوال سائنس ۾ ايتري قدر تحقيق جا نوان در کوليا، جو ڪائنات جي هڪ نئين شاخ "ايسٽرو بائولوجي" (ڪائناتي حياتيات) وجود ۾ آئي، جيڪا ڪيميا، ڪائنات، ارضيات، ۽ طبعيات جو ميلاپ آهي.

پر زندگيءَ جي شروعات ۽ ان جي ڊگهي ارتقا تي غور ڪرڻ کان اڳ، سائنسدانن کي زندگيءَ جي هڪ جامع ۽ مڪمل وصف جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته سائنس جي هر شاخ ۾ زندگي کي مختلف معنائن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. سالن جي بحث مباحثي کان پوءِ، آخرڪار، محققن جي اڪثريت "ناسا" جي بيان ڪيل تعريف تي اتفاق ڪري ورتو، جنهن مطابق: "زندگي هڪ پاڻمرادو، مسلسل جاري رهڻ وارو عمل آهي، جنهن ۾ صدين جي ارتقائي عنصرن جو عمل دخل هوندو آهي"، جن کي "بائو مالڪيولر عنصر" سڏيو وڃي ٿو، ۽ انهن ذريعي زندگيءَ جا بنيادي عنصر وجود ۾ آيا.

هتي هڪ وڏو مسئلو هيءُ به سامهون آيو ته زمين جي ارضي تبديليءَ سبب اهي سڀئي نشان مٽجي ويا، جيڪي زندگيءَ جي شروعات بابت معلومات مهيا ڪري سگهن ها. جيتوڻيڪ نامياتي ۽ حياتياتي ڪيميا ۾ جديد تحقيق جي ذريعي سائنسدان هاڻ ابتدائي سادو جيو گھرڙو سمجهي چڪا آهن، ۽ اڪثريت ان ڳالهه تي متفق آهي ته زندگي جي ٺهڻ ۾ غير نامياتي مرڪب، جهڙوڪ امائنو ايسڊ، نيوڪليوٽائڊ، ۽ "اي-بائيوٽڪ فيڪٽرز" (ائٽمي عنصر)، جهڙوڪ سج جي روشني ۽ گرمي، پاڻي، مٽي، ۽ هوا بنيادي عنصر طور شامل هئا.

اڳتي هلي، ٻيو وڏو سوال جينياتي مواد جي هڪ نسل کان ٻيءَ نسل تائين منتقل ٿيڻ بابت هو، جنهن لاءِ هاڻي "RNA" (رائبو نيوڪليڪ ايسڊ) جي نظريي کي مستند مڃيو ويو آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته شروعاتي دور ۾ جينياتي مواد آر اين اي ذريعي منتقل ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين سادي حياتيات (Micro Evolution) پيدا ٿي، ۽ پوءِ آهستي آهستي پيچيده حياتيات (Macro Evolution) وجود ۾ آئي. اڄ، جيڪي مختلف جاندار اسان زمين تي ڏسون ٿا، اهي سڀ چار ارتقائي قوتن (ميٽيشن، رينڊم جينيٽڪ ڊرفٽ، نيچرل سليڪشن، ۽ جين فلو) جو نتيجو آهن.

زندگيءَ جي ابتدا بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، سائنسدانن پنهنجي پهرين سوال جو جواب ڳولهڻ لاءِ شمسي نظام ۽ ان کان ٻاهر "ايگزو پلينٽس" (اُهي سيارا، جيڪي ڪنهن ٻئي تاري جي چوڌاري گردش ڪن ٿا) تي تحقيق شروع ڪئي. سندن خاص ڌيان اهڙن سيارن تي رهيو، جيڪي پنهنجي تاري جي "هيبيٽيبل زون" ۾ موجود آهن. خلا ۾ "هيبيٽيبل زون" اهڙي علائقي کي چيو وڃي ٿو، جتي مناسب روشني، گرمي، آڪسيجن، ۽ مائع پاڻي موجود هجي.

ماهر فلڪيات اهڙن سيارن جي تلاش لاءِ عام طور تي ٻه طريقا استعمال ڪن ٿا. پهريون طريقو "ٽرانزٽ ميٿڊ" يا "مائيڪرو لينزنگ" آهي، جنهن ۾ ڪنهن سياري جي پنهنجي تاري جي سامهون اچڻ دوران نڪرندڙ روشنيءَ جو مشاهدو ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ ان جي ماس، جسامت، ۽ ٻين خاصيتن جو تعين ڪيو ويندو آهي. ٻيو طريقو "ووبل ميٿڊ" آهي، جنهن ۾ سياري جي پنهنجي تاري تي ثقلي اثر (Gravitational Impact) کي جانچيو ويندو آهي ته جيئن ان جو ماس معلوم ڪري سگهجي.

اُهي سيارا، جيڪي پنھنجي سج جي هيبيٽيبل زون ۾ هوندا ۽ زندگي جي لاءِ سازگار ماحول رکندا، "سپر ارتھ" (Super Earth) سڏجن ٿا. ناسا جي تعريف مطابق، سپر ارتھ اُهي سيارا آهن، جن جو ماس زمين کان 1 کان 10 ڀيرا وڌيڪ هجي، ۽ سندن ريڊيس زمين جي ريڊيس کان ٻيڻو هجي.

2009ع ۾ ناسا پنهنجي "ڪيپلر مشن" ذريعي اهڙن سپر ارتھن جي تلاش شروع ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي سيارا دريافت ڪيا ويا، پر ڪيپلر 16-ايف اهو واحد سيارو هو، جيڪو پنهنجي ستاري جي هيبيٽيبل زون ۾ واقع هو.

2015ع ۾ هڪ ٻي وڏي دريافت "ٽريپسٽ-1" نالي "بوني تاري" جي صورت ۾ سامهون آئي، جيڪو جسامت ۾ مشتري (Jupiter) جيترو آهي، پر ان جو ماس وڌيڪ آهي. 2023ع ۾ ناسا اعلان ڪيو ته هن بوني تاري جي چوڌاري 7 سيارن تي مشتمل هڪ نئون شمسي نظام دريافت ٿيو آهي، جيڪو اسان جي پنهنجي شمسي نظام سان ڪافي مشابهت رکي ٿو.

فلڪيات جي ماهرن جو خيال آهي ته انهن ستن مان ٽي سيارا اهڙا آهن، جتي اندروني گرمي پد زندگيءَ لاءِ سازگار ٿي سگهي ٿو، ۽ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو امڪان به آهي.

"هارورڊ سمتھسونيَن انسٽيٽيوٽ" جي فلڪياتي طبعيات جي ماهرن هن وقت "پينس پرميا" نالي هڪ نظريي تي تحقيق ڪري رهيا آهن، جنهن موجب، ڪنهن سياري تي شهابي ٽڪرائو جي نتيجي ۾ اتان بقايا مواد (جنهن ۾ حياتياتي جراثيم پڻ شامل ٿي سگهن ٿا) خلا ۾ وکري سگهن ٿا، ۽ ڪنهن ٻيءَ ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي شروعات جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ان نظريي موجب، ممڪن آهي ته زمين تي به زندگي اهڙيءَ ريت شروع ٿي هجي.

اڄ تائين، جديد فلڪياتي تحقيق جي باوجود، انسان اڃا تائين پنهنجي پهرين سوال جو جواب ڳولي نه سگهيو آهي تہ:
"ڇا اسان ئي هن بي پناهه ڪائنات جي واحد ذهين مخلوق آهيون؟"
 
Back
Top