پپنو جو ڏهين ڪلاس جو آخري پيپر هو۔۔۔ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ مولوي ملي ويس۔۔ ان کي چيائين مولوي صاحب اڄ منهنجو ڏاڍو مشڪل پرچو آهي، 9 بجي پيپر شروع ٿيندو۔ توهان منهنجي لاءِمهرباني ڪري 10 بجه دعا ضرور گهرجو۔۔۔ مولوي مٿو کنهائيندي چيو: ”پُٽ ڏهه بجه ڇو؟ دعا ته ڪيڏي مهل به گهري سگهجي ٿي“ پپنو: ” نه مولوي صاحب اها ڳالهه نه آهي، پهريون هڪ ڪلاڪ مان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪرڻ چاهيان ٿو“۔۔۔۔۔
جواب: دعا ۽ ڪوشش۔۔۔ هڪ ڪلاڪ پنهنجي ڪوشش، ٻي ڪلاڪ تي ته اسانجي امتحاني حال جا ٻاهران يار دوست ۽ ڪامريڊ پهچي ويندا آهن ۔۔۔ مال تيار هٿن ۾ هوندو اٿن سوالن جا جواب ٺهيل ٺڪيل اچي ٽيبل تي ڪڙڪو ڪندا آهن ۔۔۔ لڳي ٿو پپني ڪنهن پارٽيءَ ۾ حصو ناهي ورتو ۔۔۔؟ نه ته دعا جي ضرورت ئي نه پويس ها ۔۔۔ خئير پپني کي شابس آهي جو پهريون ڪلاڪ پاڻ ڪوشش ته ڪيائين ۽ ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي۔
جواب: دعا ۽ ڪوشش۔۔۔ چئو ته صحيح پيا۔۔۔ ايئن نه ٿئي ته سنڌ جا امتحاني مرڪز امتحاني مرڪز ئي نه سڏرائجن۔۔۔ پپني ڪهڙي ڪوشش ڪئي۔۔ ٿورو ڏسو ته سهي