
ڳجھ ۽ ڪانءُ به گوشت خور هوندا آهن، پر اسان، جيڪي گوشت پوست جا ٺهيل انسان آهيون، انهن کان نٿا ڊڄون. ڇو ته اهي توهان کي تڏهن ئي پنهنجي خوراڪ بڻائي سگهن ٿا جڏهن توهان زنده نه هجو. جيڪڏهن توهان زنده آهيو ته پوءِ ڊپ ڇاجو؟ زنده ماڻهو ان ڪري انهن کان نٿا ڊڄن.
ڪجهه ماڻهو ڪتن کان بہ ڊڄن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪتو توهان تي ڀونڪڻ شروع ڪري ته سينو سڌو ڪري هٿ ٻڌي بيهي رهو. ڪتي کي سخت نظرن سان ڏسو، بس ايترو ئي ڪافي آهي. پر جيڪڏهن توهان جي جسامت ننڍڙي آهي ته جهڪي ڪو پٿر يا ڀتر کڻي وٺو.
بکيو بگهيڙ به وڏو خطرو آهي، پر ان کان به ڀڄڻ نه گهرجي. ڇو ته بگهيڙ ڏاڍو چالاڪ جانور آهي. اهو ڄاڻي ٿو ته جهيڙي ۾ توهان کي شڪست نه ٿو ڏئي سگهي، ان ڪري اهو چاهي ٿو ته توهان خوف وچان ڊوڙ لڳايو. ڀڄندڙ ماڻهو جو دفاع ڪمزور ٿي ويندو آهي، پوءِ اهو ياته ڊوڙندو يا وڙهندو؟ هڪ وقت ۾ رڳو هڪ ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
شينهن لاءِ به ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀڄڻ نه گهرجي، ڇو ته توهان شينهن يا چيتي کي ڊوڙ ۾ هرائي نٿا سگهو. توهان کي رڳو انهن کي اهو سمجهائڻو آهي ته توهان انهن لاءِ ڪو خطرو نه آهيو. پر ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن شينهن اڃا به نه مڃي ته پوءِ پير تي زور ڏيو جو پنهنجو پاڻ کي بچائڻ بہ ضروري آهي.
جيئن توهان جي چوڌاري هي جهنگلي جانور ۽ پکي هوندا آهن، تيئن ئي انهن مردار خور ۽ گوشت خور جانورن جي فطرت جهڙا انسان به هوندا آهن. ڪجهه ڳجهن وانگر هوندا آهن، ڪجهه ڪتن جهڙي فطرت رکن، ته ڪجهه بگهيڙ، شير، يا رڇ وانگر هوندا آهن. جيڪي انتظار ۾ هوندا آهن ته توهان ڪڏهن ٿا زندگي کان مايوس ٿيو.
پر خوف وچان ڀڄڻ ڪو حل نه آهي. يا ته توهان اها جاءِ ئي ڇڏيو، جتي اهڙي فطرت جا ماڻهو هجن، يا وري پنهنجو ڊپ ختم ڪري انهن کي ٻڌايو ته توهان زنده به آهيو، وڙهي به سگهو ٿا.