
پنهنجي زندگيءَ جون خوشيون بار بار ظاهر نه ڪريو.
ساڙ هميشه تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ماڻهو توهان جي گهر، حالتن ۽ دولت بابت ڄاڻ حاصل ڪري وٺن.
ڪو به توهان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي، جيستائين هو توهان جي تفصيل کان واقف نه هجي.
ڪو به توهان جي منصوبن کي ناڪام نٿو ڪري سگهي، جيستائين توهان پنهنجو راز پاڻ ئي ظاهر نه ڪريو.
توهان جو راز توهان جو قيدي آهي، پر جيئن ئي توهان اهو ڪنهن اڳيان ظاهر ڪيو، توهان پاڻ ان جا قيدي بڻجي ويندو.
ڪڏهن ڪڏهن ساڙ ڪندڙ ماڻهو صلاح جي پردي ۾ توهان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ڪو به توهان جي خاندان خلاف سازش نٿو ڪري سگهي، جيستائين هو توهان جون ڪمزورين نٿو ڄاڻي.
مِٽ مائٽ لاءِ بہ هڪ حد مقرر ڪريو. اهو نه سوچو ته توهان جو راز کي هرڪو محفوظ رکندو، جڏهن ته توهان پاڻ ئي ان کي لڪائي ناهيو سگهيا.
ان جو مطلب اهو بہ ناهي ته توهان ماڻهن سان لاڳاپا ختم ڪريو. بس ضروري اهو آهي ته ڪجهہ حدون يا اصول مقرر ڪريو ۽ انهن کي ٽوڙڻ نه ڏيو.
پنهنجي مڪمل زندگي ڪنهن لاءِ به ظاهر نه ڪريو، ڇو ته ماڻهو ڪڏهن به بدلجي سگهن ٿا، ۽ توهان کي خبر به نه پوندي.
جيڪي ماڻهو ڪڏهن توهان جي دلين جو ٺار هئا، اهي ئي هڪ ڏينهن توهان لاءِ خوف ۽ پريشانيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، ڇو ته توهان پنهنجيون ڪمزوريون ۽ راز پاڻ ئي انهن جي حوالي ڪيا هيا.
پنهنجي رازن کي پنهنجو قيدي بڻايو تہ جيئن توهان جو گهر محفوظ رهي ۽ جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ارادن جي ڪاميابي تي يقين آهي ته ڪنهن کان صلاح به نه وٺو.
پنهنجي خوشيءَ ۾ ايترا به نه سخي نه ٿيو جو سڀ ڪجهه ورهائي ڇڏيو.
۽ پنهنجي غم ۾ به ايترا نه وڃائجو جو سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو.
پنهنجي غصي، پنهنجي زبان، پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول رکو.
ايندڙ وقت کي ذهن ۾ رکو، ۽ حال تي نظر رکو.