• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگيءَ جي اميدن سان ملندڙ ڪيپلر 1652 سيارو

1280px-Kepler_1652_b.jpg

ڇا اسان ڪائنات ۾ اڪیلا آهيون يا ڪنهن پري جي سياري تي ڪا ٻي مخلوق به موجود آهي، جنهن بابت نه اسان کي خبر آهي ۽ نه انهن کي اسان جي باري ۾؟

هيءُ اهڙو سوال آهي، جنهن صدين کان انسان جي ذهن کي وڪوڙي رکيو آهي، ۽ خلائي تحقيق جو وڏو حصو ان جو جواب ڳولڻ لاءِ وقف رهيو آهي.

تازو، انساني تاريخ جي سڀ کان مهانگي ۽ اهم خلائي دوربين جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ ذريعي سائنسدانن اسان جي شمسي نظام کان ٻاهر، K2-18b نالي غير شمسي سياري (Exoplanet) جي فضاءَ ۾ اهڙا ڪيميائي عنصر دريافت ڪيا آهن، جيڪي زندگي جي نشانين ڏانهن اشارو ڪري سگهن ٿا. اهو سيارو هينئر تائين زندگيءَ جي تلاش جو سڀ کان مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي.

پر آخر ائين ڇو آهي؟

جيڪڏهن هتي واقعي زندگيءَ جا امڪان موجود آهن ته اسان ان جي تصديق ڪيئن ڪنداسين؟ اچو ته هن حيرت انگيز دريافت جي تفصيلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

سيارو K2-18b خاص ڇو آهي؟

هي سيارو اسان جي ڌرتيءَ کان 124 نوري سال پري برج اسد (Leo Constellation) ۾ K2-18 نالي ڳاڙهي بونَي تاري (Red Dwarf Star) جي چوڌاري گردش ڪري رهيو آهي. اهو "سپر ارتھ" (Super Earth) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته ان جي ڪشش ثقل ڌرتيءَ کان وڌيڪ، پر نپچون جهڙن گئسي ديوتائن کان گهٽ آهي.

هي سيارو ڌرتيءَ کان تقريباً 8.92 دفعا وڏو آهي.

پنهنجي تاري جي چوڌاري هڪ چڪر 32.9 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو، يعني هن جو هڪ سال ڌرتيءَ جي 33 ڏينهن جي برابر آهي.

سائنسدانن جو خيال آهي ته هي هائي سين دنيا (Hycean World) ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته هتي هائيڊروجن سان ڀريل فضاءُ ۽ مائع پاڻيءَ جا سمنڊ موجود ٿي سگهن ٿا.

هي رهڻ جوڳو علائقو (Habitable Zone) ۾ موجود آهي، جتي گرمي پد زندگي لاءِ سازگار ٿي سگهي ٿو.


جيڪڏهن هتي حقيقت ۾ پاڻيءَ جا سمنڊ موجود آهن ته ان جو مطلب آهي ته زندگيءَ لاءِ ضروري ڪيميائي عنصر ۽ توانائي به دستياب ٿي سگهن ٿا.

ڇا هتي زندگي موجود ٿي سگهي ٿي؟

جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ هن سياري جي فضا ۾ ڊاءِ ميٿائل سلفائيڊ (DMS) جي نشانين جو پتو لڳايو آهي. اها هڪ شاندار دريافت آهي، ڇو ته ڌرتيءَ تي اها گئس صرف زنده جاندارن (خاص طور تي سامونڊي ننڍڙن جاندارن) جي ڪري ٺهندي آهي.

ان کانسواءِ، سائنسدانن اتي ميٿين (Methane) ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂) به ڳولي لڌي آهي، جيڪي حياتياتي (Biological) يا جيولوجيڪل (Geochemical) عملن سان تعلق رکن ٿيون. اهي ئي اهي عنصر آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي به زندگيءَ جي موجودگيءَ جو اشارو ڏيندا آهن.

سائنسدان شمسي نظام کان ٻاهر سيارا ڪيئن ڳوليندا آهن؟

ٻين تارن جي چوڌاري گردش ڪندڙ سيارا تمام ننڍا هوندا آهن ۽ انهن جي روشني مدھم هوندي آهي، ان ڪري انهن کي سڌو سنئون ڏسڻ ڏکيو هوندو آهي. عام طور تي، اسان انهن جي میزبان تاري تي ٿيندڙ اثرات ذريعي انهن جي موجودگي جو اندازو لڳائيندا آهيون.

سائنسدان غير شمسي سيارن (Exoplanets) کي ڳولڻ لاءِ هيٺيان طريقا استعمال ڪندا آهن:

1. ٽرانزٽ ميٿڊ (Transit Method) – جڏهن ڪو سيارو پنهنجي تاري جي سامهون گذري ٿو ته ان جي روشنيءَ ۾ ٿوري گهٽتائي ايندي آهي، جيڪا دوربينون جهڙوڪ جيمز ويب ۽ ڪيپلر رڪارڊ ڪن ٿيون.


2. ريڊيل ويلوستي (Radial Velocity) طريقو – جيڪڏهن سياري جي ڪشش ثقل جي ڪري تارو ٿورڙو لڏي ٿو ته سائنسدان ان کي ماپي سگهن ٿا.


3. گريويٽيشنل مائڪرو لينسنگ (Gravitational Microlensing) – جڏهن ڪو سيارو ڪنهن ٻئي تاري جي سامهون اچي ٿو ته ان جي روشني ٿورڙي موڙي ٿي.


4. ڊائريڪٽ اميجنگ (Direct Imaging) – ڪجهه وڏا سيارا سڌو ڏسي سگهجن ٿا، پر صرف جيڪڏهن اهي پنهنجي تاري کان گهڻو پري هجن.



جيڪڏهن اتي زندگي موجود آهي، ته اها ڪهڙي قسم جي ٿي سگهي ٿي؟

جيڪڏهن K2-18b تي زندگي موجود آهي، ته اها ڌرتيءَ تي موجود حياتيءَ کان بلڪل مختلف ٿي سگهي ٿي.

اسان جو سج هڪ مين سيڪونس (Main Sequence) تارو آهي، جڏهن ته K2-18b جو تارو ڳاڙهو بونَو تارو آهي، جنهن مان نڪرندڙ روشني گهڻي حد تائين انفراريڊ (Infrared) ٿي سگهي ٿي.

اتي جي جاندارن کي شايد انفراريڊ روشنيءَ مطابق پاڻ کي ڍالڻو پيو هوندو، جيئن اهي روشني کي جذب ڪري سگهن.

هتي زندگي شايد پاڻيءَ جي هيٺان، گرم پاڻيءَ جي چشمن ويجهو هجي، جتي روشني گهٽ، پر توانائي دستياب هجي.


اسان ڪيئن تصديق ڪنداسين ته اتي زندگي موجود آهي؟

زندگيءَ جي تصديق لاءِ، سائنسدان هيٺيان طريقا استعمال ڪري سگهن ٿا:

ڪيميائي نشانين جو جائزو – جيڪڏهن سياري جي فضا ۾ آڪسيجن، ميٿين ۽ ٻين حياتياتي عنصرن جو غير متوقع ميلاپ نظر اچي ته اهو زندگيءَ جي موجودگيءَ جو ثبوت ٿي سگهي ٿو.

بائيو فلوروسينس جو مشاهدو – جيڪڏهن سياري تي جاندار روشنيءَ جي خاص لهرن کي جذب يا خارج ڪن ٿا، ته ان کي دوربينون ماپي سگهن ٿيون.

ريڊيو سگنلز – جيڪڏهن هتي ذهين مخلوق آهي ته انهن مان نڪرندڙ برقي مقناطيسي سگنل (جيترا SETI پروجيڪٽ ڳوليندو آهي) ملي سگهن ٿا.

خلائي مشنز – مستقبل ۾، جيڪڏهن ڪو روبوٽ يا پروب هن سياري جي فضا ۾ داخل ٿئي ۽ اتي خوردبيني جاندارن جو تجزيو ڪري ته زندگيءَ جو سڌو ثبوت ملي سگهي ٿو.


ڇا اسان جلد ئي غير زميني مخلوق سان ملڻ وارا آهيون؟

K2-18b تي ٿيل تحقيق ڪائنات ۾ زندگيءَ جي تلاش جو نئون باب کوليندي پئي وڃي.

هن وقت تائين زندگيءَ جو سڌو ثبوت نه مليو آهي، پر جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ جي ذريعي اسان ان کي ڳولڻ جي ويجهو پهچي رهيا آهيون.

جيڪڏهن مستقبل ۾ K2-18b تي زندگيءَ جو ثبوت مليو، ته اها انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي دريافت هوندي. ڇا اسان جي ڪائناتي پاڙيسرين سان ملڻ جو وقت اچي ويو آهي؟ ان جو جواب ايندڙ تحقيقون ئي ڏينديون!
 
Back
Top