
اوندهه هڪ انتهائي خوفناڪ شيءِ آهي، جيڪا بهادر کان بهادر ماڻهو کي به ڊيڄاري سگهي ٿي.
اوندهه، انسان جي اندر وسوسن، خوف، بيچيني، ۽ حيراني کي به جنم ڏئي ٿي.
جڏهن مصنوعي روشنيون ايجاد نه ٿيون هيون تڏهن دنيا وهمن ۽ خيالن جي گهيري ۾ هئي. روشني اچڻ سان ئي وهمن جو اثر تمام گهٽجي ويو.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪائنات مجموعي طور تي هڪ انتهائي اوندهين واري جاءِ آهي؟
کربين ستارن جي چمڪڻ جي باوجود، ڪائنات ايڏي وڏي آهي جو روشني جا سڀ ذريعا گڏ ٿي به ان جي اوندهه کي شڪست نٿا ڏئي سگهن.
اهي ستارا، حقيقت ۾، اوندهه جي جنگل ۾ ٽمٽار ڪندڙ ننڍڙن جڳنون وانگر آهن، جهڙوڪ لکين جڳنو به جنگل جي اونداهين رات کي ختم نه ٿا ڪري سگهن. ساڳئي ريت، کربين ستارا به ڪائناتي اوندهين کي
ختم ڪرڻ کان قاصر آهن.
چمڪندڙ روشنيون ۽ سج جي ورهائيندڙ روشني ڪجھ فاصلي کان پنهنجو اثر وڃائيندي رهي ٿي... صرف پلوٽو تائين پهچندي پهچندي اهي شعاعون تمام مدهم ٿي وڃن ٿيون. پلوٽو زمين کان لڳ ڀڳ 40 دفعا وڌيڪ پري آهي، جتي سج جي روشني هڪ صفر واٽ بلب جهڙي نظر اچي ٿي. اها روشني، زمين تي پوڻ واري روشني جي ڀيٽ ۾ 1600 ڀيرا گھٽ آهي.
نظام شمسي جي ٻاهران، (Oort Cloud) ۾، سج بس هڪ روشن نڪتي وانگر لڳي ٿو، جتان روشني ايتري مدهم ٿي وڃي ٿي، جو سڀ ڪجهه هڪ ڪاري رات وانگر نظر ايندو.
سج جي ثقلي حد لڳ ڀڳ ٻن نوري سالن تائين آهي، پر ان جي روشني هڪ نوري سال کان به گھٽ فاصلي تي ختم ٿي وڃي ٿي. ڪهڪشائن جي وچ ۾ (جنهن ۾ ملڪي وي به شامل آهي) ستارن جو اوسط فاصلو لڳ ڀڳ 5 نوري سالن جيترو آهي.
جيڪڏهن توهان روشني جي رفتار سان ڪهڪشانن ڏانهن سفر ڪريو، ته به گهڻو وقت اوندهه ۾ گذاريندا. ڪائنات جي وڏي پيماني تي، سپر ڪلسٽرن جي وچ ۾ فاصلا لکين کان ڪروڙين نوري سالن تائين ٿي سگهن ٿا. ان ڪري، اتي اوندهه بي انتها آهي.
ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ انداهيون جايون Cosmic Voids آهن، جتي ڪروڙين نوري سالن تائين روشني جو هڪ شعاع به موجود نه هوندو. انهن ويرانين ۾، ڪيترائي روشن Quasars به بي اثر ٿي وڃن ٿا.
اڃان تائين دريافت ٿيل سڀ کان وڏي Cosmic Void، "Giant Void" آهي، جنهن جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 1.3 ارب نوري سال آهي.
حقيقت ته هي آهي... اوندهه ئي ڪائنات جي اصل فطرت آهي، روشني ته رڳو هڪ عارضي واقعو آهي، جيڪو ڪنهن ستاري جي دل مان نڪرندڙ حرارت سان پيدا ٿيندو آهي، پر وقت سان گڏ اهو ستارو به وسامي ويندو آهي، ۽ آخرڪار اوندهه وري غالب اچي ويندي آهي.
روشني محدود آهي، پر اوندهه لامحدود... ڪهڪشائن ۾، روشني جي اهي ننڍڙيون جهلڪيون جيڪي اسان کي حياتيءَ جو احساس ڏين ٿيون، اهي به عارضي آهن، جن جو انجام صرف گِهري ۽ ڪاري اوندهہ آهي...
سائنس چوي ٿي ته اوندهه بذات خود ڪجهه ناهي، روشني جي غير موجودگي کي اوندهه چيو وڃي ٿو. پر ڪائناتي نظر ۾، روشني عارضي آهي، ۽ اوندهه حقيقي... اسان روشنيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ، انهن ابدي اوندهين کان ڀڄي نٿا سگهون.
هڪ ڏينهن، نه رڳو اسين، پر هر ستارو، هر سيارو، هر ذرڙو هن ڪائنات جي هن اونداهين جي هنج ۾ هليو ويندو... هميشه لاءِ!