• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ شهاب ثاقب ڌرتي ڏانهن اچي رهيو آهي، ڇا اسان کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي؟

an-artist-s-impression-of-a-non-descript-asteroid.jpg



توھان شايد 2024 YR4 بابت ٻڌو ھوندو، جيڪو ڌرتي ڏانھن وڌي رھيو آھي ۽ چند سالن ۾ ٽڪرائجي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ اھا خبر ڊڄاريندڙ لڳي سگھي ٿي، پر ھاڻي تائين ڪنھن فوري خطري جو امڪان ڪونھي، ۽ اميد آھي ته حالتون نارمل رھنديون.

شهاب ثاقب ڇا آهي؟

مٽيءَ جا ننڍا ٽُڪرا، جيڪي ڌرتيءَ جي فضا سان ٽڪرائجي روشنيءَ جو ڏيئو پيدا ڪن ٿا، انهن کي "ميٽيئروئيڊ" چيو ويندو آهي. جڏهن ته، برف، مٽي، ۽ پٿر تي مشتمل اجرام جيڪي سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا، انهن کي "دمدار تارو" چيو ويندو آهي. شهاب ثاقب اھڙا پٿر يا دھات جا وڏا ٽُڪرا ٿين ٿا، جن جي سائيز ڪجھ ميٽرن کان سوين ڪلوميٽرن تائين ٿي سگھي ٿي، ۽ اهي نظام شمسي جي شروعاتي دور جا باقيات سمجهيا وڃن ٿا.

2024 YR4 ھڪ اهڙو نير ارٿ شهاب ثاقب (Near-Earth Asteroid) آهي، جنھن جو قطر 40 کان 90 ميٽرن (130 کان 300 فوٽن) جي وچ ۾ هجڻ جو اندازو آهي. "2024" ان سال کي ظاھر ڪري ٿو، جنھن ۾ ان کي پھريون دفعو ڏٺو ويو، ۽ "YR4" ھڪ ڪوڊ آهي، جيڪو ان جي دريافت جي مهيني ۽ ترتيب کي ظاھر ڪري ٿو. اهو شهاب ثاقب 27 ڊسمبر 2024 تي چلي جي Asteroid Terrestrial-impact Last Alert System ذريعي دريافت ڪيو ويو.

ڇا 2024 YR4 ڌرتي سان ٽڪرائجي سگھي ٿو؟

دريافت جي ابتدائي مهينن دوران، ناسا جو اندازو هو ته 2024 YR4 جي ڌرتي سان ٽڪرائجي وڃڻ جو امڪان 1.2٪ (ڊسمبر 2024) کان وٺي 1.5٪ (فيبروري 2025) تائين ٿي سگھي ٿو، ۽ ممڪن ٽڪرائجي وڃڻ جي تاريخ 22 ڊسمبر 2032 هجڻ جو انديشو آهي.

حالانڪه، اهي انگ اکر ننڍڙا لڳن ٿا، پر يورپي خلائي ايجنسي (ESA) ۽ ناسا جي ريسڪ لسٽ (Risk List) ۾ هي شهاب ثاقب مٿانهين درجي تي آهي. 1٪ يا ان کان وڌيڪ خطري واري حد کان مٿي هجڻ سبب، آمريڪي حڪومت، Space Mission Planning Advisory Group، United Nations، ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي ان بابت باقاعده اطلاع ڏنو ويو آهي.

ناسا جي International Asteroid Warning Network جي مدد سان، اپريل 2025 تائين زميني دوربينن وسيلي هن شهاب ثاقب جي مدار ۽ رفتار جو تجزيو ڪيو ويندو. مارچ 2025 ۾، James Webb Space Telescope ان جي درست سائيز معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. 2028 ۾، جڏهن شهاب ثاقب ٻيهر ڏسڻ ۾ ايندو، سائنسدانن وٽ وڌيڪ معلومات هوندي ته ڇا اهو واقعي ڌرتي سان ٽڪرائجي سگھي ٿو يا نه.

ناسا موجب، 2024 YR4 ڪافي وڏو آهي جو مقامي نقصان جو سبب بڻجي سگھي، پر اها ڪا عالمي سطح تي تباھڪاري آڻيندڙ شيءَ نه هوندي. هن وقت، ان کي Torino Scale تي 3 درجو ڏنو ويو آهي، جتي 0 مطلب ڪو خطرو نه، ۽ 10 مطلب يقيني ٽڪرائو آهي. ناسا مطابق، درجي 3 تي اچڻ باوجود، وڌيڪ تجزين سان خطرو گهٽ ٿي سگھي ٿو.

ڇا اسان شهاب ثاقب جي ٽڪرائن کي روڪي سگهون ٿا؟

ناسا 2002 ۾ DART (Double Asteroid Redirection Test) نالي مشن لانچ ڪيو، جنهن ذريعي هڪ ننڍي شهاب ثاقب Dimorphos سان ٽڪرائي، ان جي مدار کي 32 منٽن تائين تبديل ڪيو ويو. هي تجربو ڏيکاري ٿو ته اسان مستقبل ۾ شهاب ثاقب جي رستي کي موڙي سگهون ٿا.


هڪ ٻيو نظريو "Gravity Tractor" نالي آهي، جنهن ۾ هڪ خلائي جھاز شهاب ثاقب جي ويجهو مدار ۾ رکيو ويندو ته جيئن ان جي ڪشش ثقل ذريعي شهاب ثاقب جي رستي کي آهستي تبديل ڪيو وڃي.

اهڙيون سائنسي ڳولها اسان کي اهو احساس ڏياريون ٿيون ته اسين نظام شمسي ۾ اڪيلائي سان نه رهي رهيا آهيون. هر سال ڪيترائي ميٽيئر شاور ڌرتيءَ تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ گڏوگڏ، اسين International Space Station کي پڻ ٽريڪ ڪري سگهون ٿا.
 
Back
Top