
رٻڙ پينسل کي چيو: "منهنجا دوست، ڪيئن آهين؟"
پينسل ڪاوڙ مان وراڻيو: "مان تنهنجو دوست نه آهيان... مان توکان نفرت ڪريان ٿي..."
رٻڙ حيران ٿي چيو: " ائين ڇو؟"
پينسل چيو: "ڇو ته تون جيڪي مان لکان ٿي، اهو مٽائي ڇڏين ٿو..."
رٻڙ چيو: "مان رڳو غلطيون مٽائيندو آهيان..."
پينسل وراڻيو: "۽ تنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟"
رٻڙ چيو: "مان هڪ رٻڙ آهيان ۽ منهنجو ڪم ئي اهو آهي..."
پينسل چيو: "اهو ڪو ڪم ناهي..."
رٻڙ چيو: "منهنجو ڪم اوترو ئي سٺو آهي جيترو تنهنجو..."
پينسل چيو: "تون غلط ۽ مغرور آهين، ڇو ته مٽائڻ کان لکڻ بهتر آهي..."
رٻڙ چيو: "غلطيون ختم ڪرڻ سچ لکڻ برابر آهي..."
پينسل خاموش ٿي وئي، پوءِ اداسي سان چيو: "پر مان ڏسان پئي ته تون ڏينهون ڏينهن ننڍو ٿيندين پيو وڃين..."
رٻڙ چيو: "ڇو ته مان پنهنجي قرباني ڏئي رهيو آهيان... جڏهن به مان ڪا غلطي مٽائيندو آهيان..."
پينسل بلند آواز ۾ چيو: "۽ مان به پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ ننڍو محسوس ڪريان ٿي.."
رٻڙ تسلي ڏيندي چيو: "اسان ٻين کي فائدو تڏهن ئي ڏئي سگهون ٿا جڏهن اسين انهن لاءِ قرباني نه ڏيون..."
پوءِ رٻڙ پينسل کي غور سان ڏٺو ۽ چيو: "ڇا هاڻي به تون مون کان نفرت ڪرين ٿو؟"
پينسل مرڪندي چيو: "مان توکان ڪيئن نفرت ڪريان؟ قربانيءَ ته اسان کي ويجهو آندو آهي..."
سبق
هر ڏينهن، جڏهن توهان جاڳو ٿا، توهانجي زندگي مان هڪ ڏينهن گهٽجي وڃي ٿو...
جيڪڏهن توهان ٻين جي دلين ۾ خوشي لکڻ لاءِ پينسل نه ٿا ٿي سگھو، ته رٻڙ وانگر انهن جا غم مٽائڻ وارو نرم دل ٿي وڃو.
انهن جي روح ۾ اميد پيدا ڪريو ته ايندڙ وقت وڌيڪ خوبصورت هوندو.
نيڪي ڪريو، ڀلي ئي ان جو ڪو عيوضو نه ملي.