• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روشني جو پيغام

file-Xov8e3MzVMfSc3yeirp9EB.webp

فلڪياتي جسمن مان ايندڙ روشني اسان لاءِ ڄاڻ جو خزانو رکي ٿي. اهي فلڪياتي جسم تمام وڏن فاصلن تي هوندا آهن، جن تائين اسان سڌو نه ٿا پهچي سگهون پر روشني يا ريڊيئيشن جو سائنسي طريقي سان تجزيو ڪري، اهم ۽ تفصيلي معلومات حاصل ڪري ٿا سگهون. هيءَ روشني انهن جسمن ۾ موجود عنصرن، انهن جي گرمي پد، ۽ ٻين جسماني ۽ ڪيميائي خاصيتن بابت آگاهي فراهم ڪري ٿي.

روشني حقيقت ۾ توانائيءَ جا فوٽان (Photons) هوندا آهن ۽ جڏهن به ڪو عمل توانائي پيدا ڪري ٿو ته اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ روشني يا برقي مقناطيسي لهرن (Electromagnetic Radiation) کي خارج ڪري ٿو. مثال طور، ستارن ۾ ٿيندڙ نيوڪليئر فيوژن، يا ڪنهن ائٽم ۾ اليڪٽران جي توانائيءَ ۾ تبديليءَ سبب نڪرندڙ ريڊيئيشن.

روشني اسان کي ڪائنات جي مختلف اسرارن بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي.
ڪائنات ۾ روشنيءَ جا ٻه بنيادي ذريعا آهن. پهريون، اهي جسم جيڪي پاڻ روشني پيدا ڪن ٿا، جهڙوڪ تارا يا سج ۽ ٻيو، اهي جيڪي ٻين ذريعن مان روشني حاصل ڪري ان کي ظاهر ڪن ٿا.

تارا روشنيءَ جا سڀ کان وڏا قدرتي ذريعا آهن. انهن جي مرڪز ۾ نيوڪليئر فيوژن ذريعي زبردست توانائي پيدا ٿيندي آهي، جيڪا روشني ۽ برقي مقناطيسي تابڪاري جي صورت ۾ منتشر ٿيندي آهي. نيوڪليئر فيوژن دوران، هائيڊروجن جا ائٽم هيليم ۾ تبديل ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ توانائي خارج ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي تارا روشني ۽ گرميءَ جو سرچشمو نظر اچن ٿا.

تارا هڪ مسلسل (Continuous) اسپيڪٽرم خارج ڪندا آهن، جنهن ۾ سڀئي طول موج (Wavelengths) شامل هوندا آهن. جڏهن روشني تاري جي مختلف تهن مان گذري ٿي ته ڪجهه عنصر مخصوص طول موج جذب ڪن ٿا، جنهن سبب انجذابي (Absorption) اسپيڪٽرم حاصل ٿيندو آهي. جذب ٿيل طول موج تارن ۾ موجود عنصرن جي سڃاڻپ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

تارن جي سطح جو گرمي پد به اسپيڪٽرم مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. گرم تارا عام طور تي نيري روشني ڇڏيندا آهن، جڏهن ته ٿڌا تارا ڳاڙهي روشني خارج ڪندا آهن. انهي اصول جي مدد سان تارن جي درجابندي ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي "هارورڊ اسپيڪٽرل ڪلاسيفڪيشن" (Harvard Spectral Classification) چئبو آهي. هن سسٽم مطابق تارا O, B, A, F, G, K, ۽ M قسمن ۾ ورهايل آهن، جتي O قسم جا تارا سڀني کان وڌيڪ گرم هوندا آهن ۽ نيري روشني ڇڏيندا آهن، جڏهن ته M قسم جا تارا ٿڌا هوندا آهن ۽ ڳاڙهي روشني ڇڏيندا آهن. اسان جو سج G قسم جو تارو آهي، جيڪو زرد روشني خارج ڪري ٿو.

روشنيءَ جا ٻيا به ذريعا آهن، جيڪي پاڻ روشني پيدا نه ٿا ڪن پر ٻين ذريعن مان روشني جذب ڪري يا ظاهر ڪري مخصوص اسپيڪٽرم ٺاهيندا آهن. اهڙي روشني جي مطالعي لاءِ ائٽامڪ ليول تي ائٽم جي اندر جي تبديليءَ کي سمجهڻ ضروري آهي. جڏهن ڪنهن عنصر جو ائٽم توانائي حاصل ڪري ٿو ته ان جا اليڪٽران وڌيڪ توانائي واري سطح تي ويندا آهن، پر جلد ئي اهي واپس پنهنجي قدرتي حالت ۾ اچي ويندا آهن ۽ جذب ڪيل توانائي فوٽانز جي صورت ۾ ڇڏيندا آهن. هر عنصر جو خارج ڪيل اسپيڪٽرم مخصوص هوندو آهي، جيڪو ان عنصر جو "فنگر پرنٽ" سمجهيو ويندو آهي.

روشنيءَ جا اسپيڪٽرم ٽن اهم قسمن ۾ ورهايل آهن:
1. اخراجي (Emission) اسپيڪٽرم: جڏهن ڪا گئس يا عنصر گرم ٿي فوٽان خارج ڪري ٿو ته مخصوص اسپيڪٽرم ٺهندو آهي، جنهن ۾ رڳو چند مخصوص طول موج جون روشن ليڪون ظاهر ٿينديون آهن. هي ليڪون هر عنصر لاءِ منفرد هونديون آهن، ۽ انهن جي ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪنهن تاري يا نيبيولا ۾ ڪهڙا عنصر موجود آهن.

2. انجذابي (Absorption) اسپيڪٽرم: جڏهن روشني ڪنهن گئس مان گذري ٿي ته گئس جا ائٽم مخصوص طول موج کي جذب ڪن ٿا، جنهن سبب اسپيڪٽرم ۾ ڪاريون ليڪون نظر اينديون آهن. اهو اسپيڪٽرم اسان کي ٻڌائيندو آهي ته ڪنهن تاري جي چوڌاري يا ڪنهن مخصوص هنڌ تي ڪهڙا عنصر موجود آهن.

3. مسلسل (Continuous) اسپيڪٽرم: جڏهن ڪو جسم تمام گهڻو گرم هوندو آهي ته اهو بنا رڪاوٽ جي هڪ مسلسل اسپيڪٽرم خارج ڪندو آهي، جنهن ۾ سڀئي طول موج موجود هوندا آهن. مثال طور، اسان جو سج، جيڪو مسلسل اسپيڪٽرم خارج ڪري ٿو.

روشني جي اسپيڪٽرم جي مطالعي ۽ تجزيي کي "اسپيڪٽرو اسڪوپي" چيو ويندو آهي، جيڪو فلڪيات ۾ سڀ کان اهم سائنسي طريقو آهي. انهيءَ سان اسان اربين نوري سال پري موجود ستارن، نيبيولا ۽ ٻين فلڪيتي جسمن جي ڪيميائي ۽ طبيعي خاصيتن جو جائزو وٺي سگهون ٿا. "اسپيڪٽرو ميٽري" به هڪ اهڙو ئي طريقو آهي، جيڪو روشني جي اسپيڪٽرم جو عددي مطالعو مهيا ڪري ٿو. انهن ٻنهي طريقن سان، اسان پري پري جي فلڪياتي جسمن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا.

روشنيءَ جو اسپيڪٽرم ڪائنات کي سمجهڻ جو اهم ترين ذريعو آهي، ۽ اسپيڪٽرو اسڪوپي يا اسپيڪٽرو ميٽري فلڪيات جي سڀ کان اهم سائنسي طريقن مان آهن، جن جي مدد سان اسين پري پري جي تارن ۽ سيارن بابت قيمتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا.
 
Back
Top