
جڏهن هڪ شاگرد مشهور ماهر نفسيات مارگريٽ ميڊ کان پڇيو ته ڪنهن به تهذيب جي شروعات جو پهريون نشان ڇا هوندو آهي؟
ته هُو اميد ڪري رهيو هو ته هوءَ مٽي جا ٿانو، پٿر جا اوزار، يا شڪار جا آلات جو ذڪر ڪندي. پر نه، ميڊ جواب ڏنو ته قديم تمدن جي پهرين علامت اها هڏي آهي، جيڪا ٽُٽي ۽ وري جُڙي پئي. خاص طور تي ران جي هڏي، جيڪا ڀڄي پوءِ ٺيڪ ٿي وڃي.
ميڊ وضاحت ڪندي چيو ته جانورن جي دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن جانور جي ٽنگ ٽُٽي وڃي ٿي ته اهو زنده نه ٿو رهي سگهي. ڇو ته نه ته هو خطرن کان بچي سگهي ٿو، نه درياهه تي پاڻي پيئڻ وڃي سگهي ٿو، ۽ نه ئي خوراک حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح، اهو شڪاري جانورن لاءِ آسان شڪار بڻجي ويندو آهي. پر جيڪڏهن ڪو جاندار ايتري وقت تائين زنده رهي جو ان جي هڏي جُڙي وڃي، ته ان جو مطلب آهي ته ڪنهن ان جو خيال رکيو، ان جي زخمن کي ڀرجڻ ۾ مدد ڏني، ان کي بچاءُ فراهم ڪيو، ۽ صحت يابي تائين ان جي سار سنڀال ڪئي.
ميڊ چيو: "ڪنهن کي سندس ڏکئي وقت ۾ سهارو ڏيڻ ئي تهذيب جي شروعات آهي."