
ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته جڏهن توهان هي سٽون پڙهي رهيا آهيو، تڏهن ئي اربين لڪل ذرڙا اوهان جي جسم مان بغير ڪنهن نشان يا آواز ڇڏڻ جي مسلسل گذري رهيا آهن؟
ها، هي نه ڪو افسانو آهي ۽ نه ڪو جادوي قصو، پر ڪائنات جي سڀ کان وڏي اسرارن مان هڪ آهي، جنهن کي نيوٽرينوز چئبو آهي. سائنسدان ان کي "گھوسٽ پارٽيڪلز" يعني ڀوتي ذرڙا به چون ٿا. اهي ذرڙا ايتري تيزي ۽ خاموشي سان ڪائنات ۾ گردش ڪن ٿا جو انهن جو وجود ئي حيران ڪندڙ آهي.
نيوٽرينوز ڇا آهن؟
نيوٽرينوز تمام هلڪا ۽ غير برقي چارج وارا ذرڙا آهن، جيڪي سج جي دل ۾ پيدا ٿين ٿا، ستارن جي تباهي دوران آزاد ٿين ٿا، ۽ بگ بينگ جي بچيل توانائي طور اڄ تائين اسان تائين پهچن ٿا. انهن جي عجيب ڳالهه اها آهي ته اهي مادي مان اهڙي طرح لنگهي وڃن ٿا، ڄڻ ڪو ڀوت ڀت مان گذري رهيو هجي. اوهان جو جسم، جبل، ۽ زمين به انهن کي روڪي نٿا سگهن. هر سيڪنڊ ۾ اربين نيوٽرينوز اوهان مان گذري وڃن ٿا، پر اوهان کي انهن جو احساس به نه ٿيندو، ڇو ته نه اهي رڪجن ٿا، نه کين ڪا روڪ آهي، ۽ نه ئي ڪنهن مادي تي اثرانداز ٿين ٿا.
نيوٽرينوز بنيادي طور تي "بيٽا ڊي ڪي" (Beta Decay) نالي خاص نيوڪليئر ردعمل دوران پيدا ٿين ٿا. جڏهن ڪو غير مستحڪم ائٽم جو نيوٽران پروٽان ۾ تبديل ٿئي ٿو ته ان سان گڏ هڪ اليڪٽران ۽ هڪ اينٽي نيوٽرينو خارج ٿئي ٿو. هي عمل خاص طور تي سج اندر ٿئي ٿو، جتي هائڊروجن جا ائٽم ملن ٿا، هيليم ٺهن ٿا، توانائي نڪري ٿي، ۽ نيوٽرينوز آزاد ٿين ٿا. ستارن جي ڌماڪن (Supernova) ۽ ڪاسمڪ ريڊيئيشن ۾ پڻ هي ذرڙا وڏي مقدار ۾ ملن ٿا، جيڪي ڪائنات جي توانائي پيدا ڪندڙ عملن جا نشان آهن.
نيوٽرينوز جو پتو لڳائڻ ڇو مشڪل آهي؟
نيوٽرينوز ايترا "شرميلا" آهن جو انهن جو پتو لڳائڻ سائنسدانن لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. اهي روشني جي رفتار جي لڳ ڀڳ سفر ڪن ٿا ۽ مادي سان تمام گهٽ اثرانداز ٿين ٿا، جنهن ڪري انهن کي پڪڙڻ لاءِ انتهائي طاقتور ۽ حساس اوزارن جي ضرورت پوي ٿي.
نيوٽرينوز جي موجودگي جو پهريون نظريو 1930ع ۾ وولفگانگ پائولي پيش ڪيو، جڏهن هن محسوس ڪيو ته "بيٽا ڊيڪي" عمل ۾ توانائي ۽ مومينٽم محفوظ نه پئي رهيو. 1933ع ۾ اينريڪو فرمي انهن کي "نيوٽرينو" جو نالو ڏنو، جڏهن ته 1956ع ۾ فريڊرڪ رائنس ۽ ڪلائيڊ ڪوان تجرباتي طور انهن جو پتو لڳايو.
نيوٽرينوز کي ڪيئن ڳولي سگهجي ٿو؟
نيوٽرينوز فقط "ويڪ نيوڪليئر فورس" (Weak Nuclear Force) ذريعي مادي تي اثرانداز ٿين ٿا، جنهن سبب انهن کي سڌو سنئون ڏسڻ ناممڪن آهي. جڏهن ڪو نيوٽرينو پروٽان يا نيوٽران سان ٽڪرائجندو آهي، ته اهو هڪ چارجڊ پارٽيڪل پيدا ڪندو آهي، جيڪو پاڻي، برف، يا گلاس ۾ روشني جي رفتار کان تيز حرڪت ڪندو آهي. ان دوران نيري روشني خارج ٿيندي آهي، جنهن کي "چيرينڪوف ريڊيئيشن" چون ٿا. نيوٽرينوز کي سڃاڻڻ لاءِ وڏا تجرباتي انتظام ڪيا وڃن ٿا. مثال طور:
سپر ڪاميوڪينڊ (Super-Kamiokande) جاپان ۾ 50,000 ٽن خالص پاڻي تي ٻڌل هڪ تجربو ڪيو ويو، جيڪو نيوٽرينوز جي سرگرمي کي مانيٽر ڪري ٿو.
آئس ڪيوب نيوٽرينو ڊيٽيڪٽر (IceCube Neutrino Detector) انٽارڪٽيڪا جي 1.5 ڪلوميٽر برف جي هيٺان نصب ٿيل آهي، جيڪو نيوٽرينوز جي مدهم چمڪ کي سڃاڻي ٿو.
نيوٽرينوز جون حيران ڪندڙ خاصيتون:
1. نيوٽرينوز جا ٽي "ذائقہ" آهن: اليڪٽران نيوٽرينو، ميوآن نيوٽرينو، ۽ ٽائو نيوٽرينو.
2. اهي ڪائنات ۾ سفر ڪندي پاڻ کي هڪ صورت مان ٻي صورت ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا، جنهن کي "نيوٽرينو اوسيليشن" چئبو آهي.
3. هن خاصيت جي دريافت ڪندڙ 2015ع ۾ نوبل انعام حاصل ڪيو.
نيوٽرينوز جي اهميت
اهي ننڍڙا ذرڙا، جيڪي اسان جي جسم مان بنا ڪنهن اثر جي گذري وڃن ٿا، حقيقت ۾ ڪائنات جي ابتدا جا قديم شاهد آهن. بگ بينگ کان چند سيڪنڊن بعد ئي نيوٽرينوز پيدا ٿيا، ۽ ڇاڪاڻ ته اهي مادي سان اثرانداز نه ٿين ٿا، انهن جي ذريعي اسان ڪائنات جي شروعات بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا.
نيوٽرينوز سائنسدانن لاءِ هڪ وڏو راز آهن. جيتوڻيڪ اهي اسان جي روزمره جي زندگي تي ڪو خاص اثر نه ٿا وجهن، پر انهن جو مطالعو ستارن جي اندروني عملن، ڪائناتي توانائي جي وهڪري، ۽ "ڊارڪ ميٽر" جهڙن اسرارن کي سمجهڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
اڳين دفعي جڏهن اوهان رات جو آسمان ڏسندا، ته ذهن ۾ آڻجو ته انهن ستارن مان نڪرندڙ اربين نيوٽرينوز هر لمحي اوهان جي جسم مان گذري رهيا هوندا.
ڪائنات جا شرميلا ڀوتي ذرڙا، جيڪي اسان کي پنهنجي عجيب دنيا بابت ٻڌائڻ لاءِ خاموشي سان سفر ڪري رهيا آهن!