سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيلڪيوليٽر! مهرباني ڪري پنهنجي چُڪ درست ڪريو
امر فياض ٻرڙو
اسان جي ڳوٺن ۾ جيڪڏھن ڪو ماڻهو ڪنھن کان پڇندو تہ ”ابا مھينو ڪھڙو ٿو ھلي؟“ ۽ جواب ۾ جيڪڏھن چيو ويندو ”فيبروري“ تہ اڳيان ان سوال جي بہ اميد ڪري سگهجي ٿي تہ پڇيو ويندو نہ ابا! سنڌي مھينو؟ ھاڻي خبر اٿوَ؟ گهڻو ڪري جواب ڪھڙو ملندو؟ مانگهہ؟ ڪڏھن بہ نہ، ھا پر سڀ چوندا ”شعبان“. ڇوتہ اسان وٽ ھاڻي اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا نج نالا جھڙوڪ ”چيٽ، ويساک، ڄيٺ، آکاڙ، ساوڻ، بڊو، اسو، ڪتي، ناھر، پوھ، مانگهہ ڦڳڻ“ تمام گهٽ ڇا پر نالي ماتر پڪاريا وڃن، ھا چيٽ مھينو اڄ سوڌو مارچ ۾ ضرور ڪتب ايندو آھي، ٻيو آھي ”ڪَتِي“ جنھن لاءِ چوندا آھن ”ڪَتيءَ لٿي جا پارا، انهن سان گڏ ڪجهہ پھاڪن ۾ پڻ ڪِن مھينن جا نالا استعمال ٿين ٿا. پر عام طور عربي مھينن کي سنڌي مھينا ڪري ڪوٺيو ويندو آھي.
۽ ٺيڪ اتي اھا وڏي چُڪ ٿي ويندي آھي جنھن کي اڄ سوڌو ڪو عالي اڪابر درست ناھي سگهيو. ڇوتہ اسان جي سماج ۾ اھا چڪ صدين کان ٿيندي پئي اچي ۽ بقول ڪنھن ڏاھي جي تہ جيڪڏھن ڪا چُڪ عام ٿي وڃي تہ اھا چُڪ چُڪ ناھي رھندي پر درست ٿي ويندي آھي.
۽ مٿين چُڪ ڪا ڳوٺن ۾ ئي ڪانہ ھلندي آھي پر اھا وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ پڻ ھاڻي عام جام پئي ھلي. ھتي پاڻ بس رڳو چِٽائي ڪرڻ پيا چاھيون تہ صفا ائين بہ ناھي. اھا چٽائي ان ڪري بہ لازم ٿي وئي آھي جو ڪجهہ ڏينھن کان ڪراچيءَ جي ھڪ نياڻيءَ ڪنھن ائپ يا ويب بيسڊ پروگرامنگ ۾ اوڀارين عربڪ اسڪرپٽ جي انگن ”٠ ١ ٢ ٣ ٤ ٥ ٦ ٧ ٨ ٩“ جا يونيڪوڊ استعمال ڪري ھڪ منفرد ڪيلڪيوليٽر متعارف ڪرايو. جيڪا ڳالهہ ھڪ نئين ۽ نرالي آھي،
تجربي ڪرڻ تي ننڍڙيءَ لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ اميدون آھن. شل کيس ائين ڪولمبس جيان نوان دڳ ڪڍڻ جي ھير پيدا ٿي پئي. پر سندس پروجيڪٽ کي جنھن نموني سان پيش ڪيو پيو وڃي ان ۾ بڻيادي چُڪ ٿيل آھي.
اول تہ اھا شئي سمجهو تہ پوري دنيا ۾ انگي شڪليون ڳڻيل پڻيل آھن، جن جي گهڻائي ھتي جي، يعني برصغير جي ئي آھي. مثال، گرمکي، ديوناگري، بينگالي، گجراتي، تملي، تيليگو، ڪانڙا، چائنيز، اوڀارين عربي، اولهائين عربي، ڪانجي، رومن وغيرہ. مزي جي ڳالهہ تہ جنھن کي پاڻ انگريزي انگ يعني 0123456789 ڪري سمجهون ٿا اھو انگي نمونو پڻ ھتان ھند مان ئي نڪتو بس ڪنھن شڪل ۾ ٿورڙي اڙِي يا انگڙي تبديل ڪئي وئي. بلڪل ساڳي نموني سان جيئن انگريزيءَ ۾ ننڍي ”g“ جون ھڪ اڌ شڪل ٻي بہ آھي.
پاڻ سنڌين وٽ جيڪا انگي شڪل رھي آھي اھا ھزارين ورھين کان ھينئن رھي آھي: ” ੦ ੧ ੨ ੩ ੪ ੫ ੬ ੭ ੮ ੯ “. جنھن جو وڏو دليل اھو آھي تہ اسان وٽ اڄ سُوڌو ھڪ کان اڳ واري انگ يعني نفيءَ يعني ”سُڃ“ کي لکت جي شڪل کي سامهون رکي ”ٻُڙِي“ سڏيندا آھيون، جيڪا ڪنھن بہ ريت اسان وٽ مروج اوڀارين عربي انگي شڪلين ۾ نہ ٿي ملي ھا پر بس ھڪ ”ٽٻڪي“ جي شڪل ۾، جنھن کي پاڻ وري ڏھائي سڏيندا آھيون.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ان انگ لاءِ ٻہ ٻول ڪتب اچن جنھن ۾ ھڪ تہ ”ٻُڙِي“ آھي ٻيو وري ”سُڃ“ جيڪو ٻول ھاڻي سنڌي لپي عربڪ پرسو آڌار مسلمان ڪرائي وئي تڏھن کان ڦٽي ڪري ڇڏيو ويو آھي. اھو ٻول سُڃ ئي آھي جيڪو سنسڪرت ۾ ”شُنِيہ“ ٿيو. اھو سنسڪرت وارو شنيہ ئي آھي جيڪو پراڻي عبرانيءَ ۾ ”شفنص“ جنھن مان وري ”ھفش“ ٿيو اھو ساڳيو ٻول وري عربيءَ ۾ ”صفر“ ٿيو جيڪو انگريزن وٽ ”زيرو“ جي روپ ۾ مليو.
سو ھن ڊيگهہ جو مطلب رڳو اھو آھي تہ اسان وٽ حقيقي تحقيق موڪلائيندي موڪلائيندي وڃي الائي ڪھڙي ڪُن ۾ پئي آھي ھا پر مروج چُڪن تي پيا ٿا ھوڪا ڏيون. سو ننڍڙيءَ جنھن اسڪرپٽ جي انگي شڪلين تي ڪيلڪيوليٽر متعارف ڪرايو آھي تنھن کي اسان نہ تہ سنڌي سڏي سگهئون ٿا نہ ئي وري ھندي. اھو اصل ۾ اوڀارين عربي لکت ۾ جوڙيل ڪيلڪيوليٽر ضرور آھي. (جنھن جي بہ لکت اسان وٽ ڊيڪوريشن جيان تہ ٿيندي آھي پر عام واھپي ۾ ناھي ٿيندي.)
باقي ڪراچيءَ جي ننڍڙيءَ جيڪا ڪاوش پيش ڪئي آھي سا کيرُون لھڻي، شل نياڻي نت نرالي قسم جا پروجيڪٽ ڏيندي رھي، جنھن سان اسان جي ذھنن جي ڪا آبياري ٿئي.