زندگي جون 10 شيون، جيڪي هميشه نجي رکو (جيڪڏهن پنهنجي ساک برقرار رکڻ چاهيو ٿا)
1) توهان جا مالي معاملا
پنهنجي مالي صورتحال ٻين سان شيئر ڪرڻ غيرضروري مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن ماڻهو ڄاڻن ٿا ته توهان مالي لحاظ کان سٺو پيا ڪمايو، ته هو اوهان سان مختلف رويي سان پيش اچي سگهن ٿا، فائدو وٺي سگهن ٿا، يا حسد به ڪري سگهن ٿا.
ساڳئي وقت، جيڪڏهن اوهان مالي مشڪلاتن ۾ آهيو، ته ماڻهو اوهان تي قياس کائي سگهن ٿا يا توهان کي گهٽ سمجهي سگهن ٿا.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته آمدني بابت کليل ڳالهائڻ سان ماڻهن جي وچ ۾ مقابلو وڌي ٿو، جنهن سان پريشاني ۽ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي.
تنهن ڪري، پنهنجي مالي معلومات کي نجي رکڻ بهتر آهي ته جيئن اوهان بنا ڪنهن دٻاءَ جي پنهنجا فيصلا ڪري سگهو.
2) اوهان جا گهريلو مسئلا
هر خاندان جا پنهنجي مسئلا هوندا آهن، پر انهن کي غلط ماڻهن سان شيئر ڪرڻ حالتون خراب ڪري سگهي ٿو.
گهريلو تڪرار ٻاهرين ماڻهن سان ونڊڻ سان اضافي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڇو ته ماڻهو اوهان جي مسئلن تي فيصلو ڏئي سگهن ٿا يا غيرضروري صلاحون ڏئي سگهن ٿا.
خاندان جا مسئلا اڪثر وقتي هوندا آهن، پر جيڪڏهن اوهان انهن کي ٻين سان شيئر ڪيو، ته هو ان کي نه وساريندا.
تنهن ڪري، خاندان جا مسئلا اعتماد وارن ماڻهن سان حل ڪرڻ يا نجي طور تي نبيرڻ بهتر آهي.
3) اوهان جا نيڪ ڪم
ٻين سان ڀلائي ڪرڻ دل سان هجڻ گهرجي، نه ڪي صرف تعريف حاصل ڪرڻ لاءِ.
جيڪڏهن اوهان پنهنجي نيڪ عملن بابت گهڻو ڳالهائيندا، ته اهو وڏائي طور سمجهيو ويندو.
سچو ۽ نيڪ انسان بغير ڪنهن مڃتا وٺڻ جي ڀلائي ڪندو آهي، ڇو ته اصل سڃاڻپ عمل ڪرڻ سان ٿيندي آهي، نه ڪي ڇڙو ڳالهين سان.
اهي شيون رڳو پنهنجو روحاني سڪون وڌائڻ لاءِ ڪيون وڃن، نه ڪي سماجي داد حاصل ڪرڻ لاءِ.
4) پنهنجي ذاتي زندگي جي ڳالهيون
هر ماڻهو جي زندگي ۾ اهڙيون شيون هونديون آهن، جيڪي سڀني سان ونڊڻ ضروري ناهن.
گهڻو ڪجهه شيئر ڪرڻ بعد ماڻهو اوهان بابت راءِ قائم ڪري سگهن ٿا، اوهان تي فيصلو ڏئي سگهن ٿا، يا اوهان جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي سگهن ٿا.
نجي زندگي بابت ڪنٽرول هجڻ عزت ۽ اعتماد جو سبب بڻجي ٿو.
5) مستقبل جا منصوبا
پنهنجن منصوبن بابت وقت کان اڳ ٻڌائڻ سان اهي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي خطري ۾ پئجي سگهن ٿا.
سڀ ماڻهو اوهان جي ڪاميابي جا خواهشمند ناهن هوندا، ۽ ڪجهه ماڻهو حسد يا ناڪاميءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
تنهن ڪري، بهتر آهي ته پنهنجن ٽارگيٽس تي خاموشي سان ڪم ڪيو ۽ نتيجا سامهون اچڻ تي شيئر ڪيو.
6) توهان جا ڪمزور لمحا
زندگي ۾ اهڙا لمحا ضرور ايندا آهن، جتي اوهان پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندا آهيو.
پر انهن لمحن کي سڀني سان شيئر ڪرڻ سان اوهان تي غير ضروري دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.
اڪثر ماڻهو توهان جي احساسن کي سمجهڻ بدران، انهن کي اوهان جي خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا.
7) ذاتي لاڳاپا
توهان جا ذاتي تعلقات، خاص طور تي رومانس يا دوستيءَ جا معاملا، نجي رکڻ ضروري آهن.
جيڪڏهن اوهان انهن بابت گهڻو ڳالهائيندا، ته ماڻهو غير ضروري مداخلت ڪرڻ لڳندا، جنهن سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. هر لاڳاپو نجي هجڻ گهرجي، ۽ ان جي عزت ڪرڻ ضروري آهي.
8) توهان جو اندروني خوف
جيڪڏهن اوهان پنهنجن خوفن بابت هر ڪنهن سان ڳالهائيندا، ته ماڻهو اوهان کي وڌيڪ ڪمزور سمجهي سگهن ٿا.
ان بدران، بهتر آهي ته اوهان پنهنجن خوفن تي قابو پائڻ تي ڌيان ڏيو ۽ انهن کي پنهنجي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ سکو.
9) توهان جا نجي راز
جيڪي شيون اوهان جي زندگيءَ سان خاص آهن، انهن کي ٻين سان ونڊڻ جو ڪو به فائدو ناهي.
ڪجهه راز صرف پاڻ تائين رکڻ سان ئي اوهان جي عزت برقرار رهي سگهي ٿي.
10) توهان جا روحاني تجربا
روحانيت هڪ ذاتي سفر آهي، جيڪو هر ڪنهن لاءِ مختلف هوندو آهي.
جيڪڏهن اوهان پنهنجن روحاني تجربن بابت گهڻو ڳالهائيندا، ته ڪجهه ماڻهو ان تي تنقيد ڪري سگهن ٿا يا ان کي غيرسنجيده وٺي سگهن ٿا.
تنهن ڪري، ان کي نجي رکڻ ئي مناسب آهي.
---
Privacy ڪو راز رکڻ ناهي، پر پنهنجي ذاتي زندگيءَ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي.
نه سڀ شيون ٻڌائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڪجهه شيون قيمتي هونديون آهن، ۽ انهن جو نجي هجڻ ئي بهتر هوندو آهي.