• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
FB_IMG_1740932957031.jpg

امر فياض ٻرڙو


چوڏهينءَ صديءَ ۾”امير خسري“ چيو تہ:
”آ پیا مورے نینن میں بسو تو پلک ڈھانپ توہے دوں ۔
نا میں دیکھوں اورن کو، نا توہے دیکھن دوں ۔“
(او منھنجا پرين! اچ منھنجي اکڙين ۾ ويھ تہ مان اکيون ٻوٽي ڇڏيان، تہ جيئن مان ڪنھن ٻئي کي نہ ڏسي سگهان نہ ئي وري تون ٻين کي ڏسي سگهين)
وري ارڙھينءَ صديءَ ۾ ڀٽائيءَ چيو:
” اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، تَہ آئُون وَرائي ڍَڪِيان،
توکي نَہ ڏِسي ڏيھُ، آئُون نَہ پَسان ڪِي ٻِئو. “
(منھنجي اکين ۾ اچي ويھ تہ اکيون ٻوٽي ڇڏيان، تون کي دنيا نہ ڏسي سگهي نہ ئي وري مان ڪنھن ٻي کي ڏسي سگهان)
مان ھي انڪري نہ ٿو رکان تہ اوھان موجودہ دنيا جا وٽ ڪڍي مٿين آفاقي شاعرن کي پنھنجي پتڪڙين تارازين ۾ توريو، يا وري حال جي عينڪ اکين مٿان چاڙهي ماضيءَ کي ڏسو! اصل ۾ جيئن پھرين پوسٽ ۾ لکيو ويو تہ: ”ڏسو تہ ڪيئن ٿيون ٻن پھاڙن جون چوٽِيُون ھڪٻئي کي چتائي ڏسن!“ سو ھي سلسلو پڻ ائين ئي آھي. ھتي ڪو نقل شقل ناھي، پر اھي آفاقي ڪيف آھن جيڪي پوري ڌرتيءَ جي گولي تي ساڳي دل رکندڙنن تي طاري ٿين ٿا. جتي سنڌ جي ڪنھن نرم ۽ ڪومل دل ۾ جيڪي اڌما اچن ٿا ۽ اھو جيئن تن اڌمن کي ٻڌائڻ لاءِ ھٿوراڙيون ٿو ھڻي، ساڳيءَ ريت دنيا جي ڪنھن ٻئي ھنڌ ان ئي سطح جو ڪو ٻيو بہ ساڳي ئي ريت پڌرو ڪري ٿو. سچ زمانن ۽ مڪانن جي قيدن کان آجو ٿيندو آھي. ھن وقت مون کي ارڙھين صديءَ ڄاول اسڪاٽلينڊ جو ڦڪڙ شاعر رابرٽ برنس جو چيل بيت بہ ياد ٿو اچي جنھن ۾ ھن چيو:
O, wad some Power the giftie gie us
To see oursels as others see us
(او مالڪ! قرب ڪر ڪا اھڙي ساڃاھ مون کي سوکڙي ڪري ڏي، جنھن سان مان سندو پاڻ ائين پسان جيئن ٻيا مون کي پسن ٿا)
ھتي مون کي سندم بابا جي واتان ٻڌايل الائجي ڪنھن شاعر جو بيت (ڪي چون ٿا تہ اھو ڀٽائيءَ جو ئي آھي) سو اھو پيو ياد اچي ٿو تہ:
”پاڻ ڳُوليان پاڻ کي مِلي نَہ ٿو مُون؛
مَدد ڪر ڪا تُون، تہ پَسان آءُ پاڻ کي“!
يا وري سر آسا ۾ ھي ڏسو:
”آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پاڻ!“
سو منھنجا دوستو! انهن الستي قسم جي مھا انسانن سندي اندر ۾ کامندي، پچندي، پڄرندي، لڇندي ۽ لوچيندي جيڪي آفاقي احساسن جا ماڻڪ سوجهي سھي ڪري پاڻ جھڙن اٻوجهن کي ڏنائون يا ھِتان ھُتان سچ جون ڪرچيون ڪٺي ڪري، انهن کي ترتيب ڏيئي اوھان کي پنھنجي سندي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنائون، جن جي ڪري اڄ اوھان سندي ڏک کي ٻين جي ڏکن سان ڀيٽي چئو ٿا ھا ٻيلي ڏک ئي دائمي آھي ۽ ان ڏک کي سُکن ۾ ڪيئن ترجمو ڪري ڪيئن ٿي زندگي سولي ڪري سگهجي ٿي! الله جي وجود جو پڻ ھڪ ئي وڏو جواز آھي تہ ھتي ڪو بہ وڏو ناھي، پوڄا لائق ناھي، ھا پر رب! جيڪڏھن ان الله جو تصور نہ ھجي ھا تہ اڄ تائين شايد تون اسان پڻ بچي نہ سگهئون ھا جو ھتي وڏا گرڙ ڪمزورن کي کائي پي پوءِ سندي پاڻ کي کائي ناس ڪري وجود ختم ڪري ڇڏين ھا.
سو ابا! اھا آپيشاھي ڇڏي، دانوَن ۾ منھن ھڻي ھڪ ڀيرو سندي بڇڙاين کي ڏسو تہ سھي، ازلي سچ جيان محبوب کي پاڻ ۾ سمائي گم ڪري ڏسو تہ سھي! تھان پوءِ خبر پوندوَ تہ گهڻين ويھين سئو ٺھندو آھي.
ٻيو مڙيوئي خير!
 
امر فياص جي لکڻي انتهائي سُٺي، جامع، ۽ فڪري آهي، جيڪا شاعريءَ جي آفاقيت ۽ انساني احساسن جي وابستگيءَ کي شاندار نموني بيان ڪري ٿي. سچ پچ ته امير خسرو، شاهه لطيف، ۽ رابرٽ برنس جھڙا شاعر زماني ۽ مڪان جي حدن کان آجا هوندا آهن. سندن لفظن ۾ انسانيت جا احساس ساڳئي شدت سان موجود هوندا آهن، ڀلي هو ڪنهن به ثقافت، زبان، يا دور سان تعلق رکن.

اصل ڳالهه اها آهي ته محبت، درد، ۽ آفاقي سچ وقت جي پابندين کان مٿانهان هوندا آهن. ڀٽائيءَ جو محبوب جي لاءِ اهو اظهار هجي يا برنس جو انسان کي پاڻ کي ٻين جي نظر سان ڏسڻ جي خواهش اهي سڀ ساڳي روحاني تجربي جا مختلف رنگ آهن. جيئن صحيح لکيو اٿوَ، "سچ زمانن ۽ مڪانن جي قيدن کان آجو ٿيندو آهي."

سائين امر فياض جي لکڻيءَ مان واضح آهي ته محبت ۽ خود شناسيءَ جو سفر هر دور ۾، هر ثقافت ۾، هڪجهڙو رهيو آهي. ان حوالي سان، هي پيغام انتهائي وڻندڙ ۽ فڪري تحريڪ ڏيندڙ آهي.

آخر ۾، ان خيال سان مڪمل سهمت آهيان تہ پاڻ کي سمجهڻ، پنهنجين خامين کي ڏسڻ، ۽ حقيقي محبت کي محسوس ڪرڻ ئي اصل واٽ آهي. باقي سڀ مڙئي خير!
 
Back
Top