• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اصحابِ ڪهف ۽ سائنسي تحقيق

FB_IMG_1741018229792.jpg

هائيبرنيشن (Hibernation) هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي ڪيترا ئي جاندار سخت موسمي حالتن ۽ خوراڪ جي کوٽ کان بچڻ لاءِ ڊگهي عرصي تائين ننڊ ۾ هليا وڃن ٿا. سائنسي تحقيق موجب، ان عمل دوران سندن دل جي ڌڙڪن 95٪ تائين گهٽجي ٿي، جسم جو گرمي پد گهٽجي وڃي ٿو، ۽ ميٽابولزم تمام سست ٿي وڃي ٿو. ڪيترن ئي ڪئن، چمڙن، نيولن، نانگن، ۽ ٻين جاندارن ۾ هائيبرنيشن جو عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هالي ووڊ جي فلم The Passenger ۾ پڻ انساني هائيبرنيشن جو تصور ڏنو ويو آهي، جتي خلا ۾ نئون سيارو ڳولهڻ لاءِ ماڻهن کي ڪيترن سالن تائين هائيبرنيٽ ڪيو وڃي ٿو.

قرآن پاڪ جي سورت الکهف ۾ بيان ڪيل اصحاب کهف جو واقعو پڻ هائيبرنيشن جي جديد سائنسي نظريي سان گهري مشابهت رکي ٿو. قرآن ۾ ذڪر ٿيل اهم نڪتا سائنسي تحقيق جي حمايت ڪن ٿا، جيئن:

پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني ڪيترائي سال. (آرامي رهيا)

۽ تون ڏسندين جڏهن سج اڀري ٿو ته انهن جي غار جي ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کاٻي طرف ڪترائي وڃي ٿو ۽ اُهي غار جي ڪشادگي ۾ آهن. اها الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت يافته آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته تون ان لاءِ ڪو وليءُ مرشد نه لهندين (يعني مددگار ۽ رهبر نه لهندين).

۽ تون انهن کي جاڳيل سمجهندين حالانڪه اُهي ستل آهن. ۽ اسان ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي انهن جا پاسا بدلايون ٿا ۽ انهن جو ڪتو چانئٺ تي پنهنجون (اڳيون) ٽنگون پکيڙيون پيو آهي. جيڪڏهن تون انهن کي جھاتي پائي ڏسين ها ته انهن کان پُٺِ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.

۽ اهڙي طرح اسان انهن کي (جاڳائي) اٿاريو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوڻ واري چيو: (هتي) ”ڪيترو رهيا آهيو“؟ چيائون: ”اسان هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهه حصو رهيا آهيون“. چيائون: ”جيترو رهيا آهيو توهان جو پالڻهار بهتر ڄاڻندڙ آهي. پوءِ پاڻ مان هڪڙي کي پنهنجو هي سڪو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو پوءِ اُهي ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زور پاڪيزه آهي؟ ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ان کي گهرجي ته (ايندي ويندي) آهستگي ۽ نرمي کان ڪم وٺي ۽ ڪنهن هڪڙي کي به توهان جي خبر نه ڏئي.
(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين))


انهن جي ڪنن تي پردو وجهي ڇڏيو ويو: سائنس چوي ٿي ته اندروني ڪن جو اهو حصو، جيڪو شور ٻڌي جاندار کي جاڳائي ٿو، هائيبرنيشن دوران بند ٿي سگهي ٿو.

غار ۾ روشني جو داخل نه ٿيڻ: سائنس موجب، سڌي سنئين روشني جاندار جي عمر تي اثر وجهندي آهي.

سندن جسم کي وقت بوقت گهمايو ويندو هو: سائنس به چوي ٿي ته اهڙي حالتن ۾ جسم کي هلائڻ ضروري آهي، نه ته Pressure Ulcer جهڙيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.

هو جاڳيل نظر ايندا هئا پر اصل ۾ ستل هئا: سائنس موجب، مسلسل بند يا کليل اکيون نقصانڪار آهن، تنهن ڪري قرآن پاڪ جي بيان مان لڳي ٿو ته سندن اکيون وقفي وقفي سان ڇپڪنديون هيون.

جاڳڻ کان پوءِ کاڌي جي طلب: سائنسي تحقيق چوي ٿي ته هائيبرنيشن مان نڪرڻ کان پوءِ جاندار کي تمام گهڻي بک لڳي ٿي، جيڪا قرآن پاڪ جي بيان سان به مطابقت رکي ٿي.


سوال اهو آهي ته اصحاب ڪهف انساني هائيبرنيشن ڪيئن حاصل ڪئي؟ ڇا ڪنهن خاص جڙي ٻوٽي يا قدرتي عمل جي نتيجي ۾ اهو ممڪن ٿيو؟ قرآن پاڪ ۾ ذڪر ڪيل "300 شمسي سال + 9 قمري سال" جو حساب به حيرت جوڳو آهي.

حاصل مطلب:
اصحابِ ڪهف جو واقعو نه رڳو اسلامي تاريخ، پر عيسائي ۽ رومي روايتن The Seven Sleepers طور به مشهور آهي. بهرحال، قرآن پاڪ هن قصي کي اهڙي سائنسي وضاحت سان بيان ڪيو آهي، جيڪا ڪنهن ٻي ڪتاب ۾ نه ٿي ملي.

الله کان دعا آهي ته اسان کي قرآن پاڪ جي حڪمت ۽ علم مان روشني وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي.
 
Back
Top